احمد آباد (انڊيا)
هيءُ ڀارت جي گجرات رياست جو هڪ شهر آهي، هن شهر جو بنياد گجرات جي مسلمان حاڪم سلطان احمد شاهه 1511ع ۾ وڌو هو. 1572ع ۾ هن شهر تي مغل حڪمران اڪبراعظم قبضو ڪيو. وقت سان گڏ هن شهر جو عروج ۽ زوال ٿيندو رهيو. 1960ع ۾ هيءُ شهر گجرات رياست جو عارضي گاديءَ جو هنڌ بڻيو. احمد آباد ڀارت جو اهم صنعتي مرڪز آهي. خاص طور تي هتي جي ڪاٽن انڊسٽري مشهور آهي. 61-1959ع ۾ هتي سڀ کان پهرين ڪاٽن فيڪٽريون لڳايون ويون هيون. احمد آباد جي ’سهج پور بوگا‘ علائقي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مشهور عالم، گنگارام سمراٽ رهندو هو، جنهن ’-ڀارت ورش-‘، ’-آريا- ورت‘، ’سنڌو سو وير‘، ’موهن جو دڙو‘، ’نئون چچ نامو‘، ’گهر گرهست‘، ’اسان کي متان وساريو‘ ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب لکيا آهن. سندس ڪتاب ”اسان کي متان وساريو“ لغت جي وساريل لفظن تي مشتمل آهي. جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 1999ع ۾ ڇپايو آهي. سنڌيءَ جا ڪيترا نامور شاعر ۽ اديب واسديو موهي، ارجن حاسد، هوندراج بلواڻي ۽ گوبند خوشحالاڻي احمد آباد ۾ رهن ٿا. هتي سنڌي ادب ۽ سنڌيت جا ڪيترا مرڪز موجود آهن.[1][2][3]