وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/جُولاءِ
چونڊ ڏينهن – سڀ ڏينهن ڏسو
جنوري – فيبروري – مارچ – اپريل – مئي – جون – جُولاءِ – آگسٽ – سيپٽمبر – آڪٽوبر – نومبر – ڊسمبر
چونڊ ڏينهن ۾ ڪيل تازيون تبديلون – چونڊ ڏينهن ۾ ترميم ڪرڻ
هيئنر ٿيا آهن 03:07 ڏينهن آهي خميس، ڊسمبر 7، 2023 (يو ٽي سي )وقت مطابق – هن صفحي جو ڪيشي صاف (پرج) ڪيو
- 1877ع – اليگزينڊر گراھم بيل (تصوير) ميبل هبارڊ سان شادي ڪئي.
- 1969ع – انسٽيٽويٽ فار اسلامڪ ريسرچ پاڪستان، جي اڳوڻي ڊائريڪٽر فضل الرحمان پاران اسلام تي لکيل ڪتاب تي پابندي هئي وئي.
- 1972ع – ٻولي وارن فسادن سبب ٺٽو پڻ سخت متاثر ٿيو، اتي 144 قلم لاڳو ڪيو ويو.
- 1991ع – برطانيا ۾ ليبر پارٽي جي ميمبر ٽيري فيلڊس کي، ٽيڪس جمع نه ڪرڻ سبب 60 ڏينهن لاءِ جيل موڪليو ويو.
- 2011ع – مڪاني ادارن جي ناظمن واري نظام جو خاتمو ڪري ڪراچي جا پنج ضلعا بحال ڪيا ويا.
ايشور چندر (پ. 1937ع) · آغا صوفي (و. 1938ع) · پرنس آغا خان (و. 1957ع)
وڌيڪ چونڊ ڏينهن:
- 1588 — آرميڊا ٻيڙين جو جٿو (تصوير) انگلستان سان جنگ لاءِ اسپين مان روانو ٿيو.
- 1900 — بورس يلسن سوويت ڪميونسٽ پارٽي تان استعفي ڏئي ڇڏي.
- 1965 — آمريڪا پاڪستان جي فوجي امداد، پاڪ – ڀارت جنگ کان ڪجهه مهينا اڳ ئي بند ڪري ڇڏي
- 2011 — سنڌ جو ناميارو محقق، مؤرخ، اديب، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو وفات ڪري ويو.
- 1843 — چارلس نيپئر سنڌ تي پورو قبضو ڪري ورتو.
- 1923 — هالي ووڊ (تصوير) جي جبلن تي 50 فوٽن جو هالي ووڊ نشان لڳايو ويو.
- 1930 — يوراگوائي ۾ پهرين فٽبال ورلڊ ڪپ جو آغاز ٿيو.
- 1960 — ايوب کهڙو ۽ نواب اڪبر بگٽي کي نااهل قرار ڏنو ويو.
- 2005 — گھوٽڪي ريل حادثي ۾ 136 مسافر فوت ۽ 170 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
- 1867 — سويڊن جي سائنسدان الفريڊ نوبل (تصوير) پهرين دفعا ڊائنا مائيٽ جي ڌماڪي جو مظاهرو ڪيو.
- 1948 — قائد اعظم طبيعت خراب ٿيڻ سبب زيارت هليو ويو. وفات تائين باقي وقت زيارت ۾ ئي رهيو.
- 1949 — سوويت يونين پهريون ايٽمي ڌماڪو ڪيو.
- 1987 — تائيوان ۾ 37 سالن کان جاري مارشل لا ختم ٿي.
- 2016 — نيس، فرانس ۾ دهشتگرد ڪاروائي ۾ 86 شهري قتل ۽ 400 کان مٿي زخمي ٿي پيا.
- 1945ع — آمريڪا پهرين ائٽم بم جو تجربو ڪيو.
- 1957ع — مغربي پاڪستان ۾ 3 مهينا 25 ڏينهن تائين رهندڙ صدارتي نظام ختم ڪيو ويو.
- 1996ع — شهزادي چارلس ۽ شهزادي ڊائينا جي وچ ۾ طلاق ٿي.
- 1995ع — بوسينيا ۾ مسلمانن جو قتل عام ٿيو، 8 هزار کان وڌيڪ ماڻهو قتل ڪيا ويا.
- 2005ع — نيو هورائيزن (تصوير) پهريون خلائي مشن هو، جنهن پلوٽو جو مشاهدو ڪيو.
- 622 — محمدصه مڪي کان مديني ڏي حجرت ڪئي، انهي تاريخ کان هجري سال جو آغاز ٿيو.
- 1933 — برطانيا 84 سالن کان قائم خفيا ايجنسي ايم آئي - 5 کي منظر عام تي آندو.
- 1934 — سنڌ ۾ واپارين جو ڏينهن ملهايو ويو، ان ڏينهن جو ملهائڻ مقصد سنڌ ۾ واپار کي هٿي ڏيڻ هو.
- 1967 — گل ياسمين (چنبيلي) کي پاڪستان جو قومي گل قرار ڏنو ويو.
- 1969 — نيل آرمسٽرانگ (تصوير) اپالو يارهن خلائي جهاز جي ذريعي چنڊ طرف روانو ٿيو.
- 1979 — ناسا پاران جوڙيل اسڪاءِ ليب يعني آسماني تجربيگاهه آسٽريليا جي هڪ سنسان علائقي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو.
- 1821 — اسپين فلوريڊا کي آمريڪا جي حوالي ڪري ڇڏيو.
- 1920 — افغانستان جي بادشاه ماڻهن کي اپيل ڪئي ته سنڌ مان حجرت ڪري ايندڙن جي آجيان ڪئي وڃي. انگريزن جي غير اسلامي پاليسين سبب سنڌي حجرت تي مجبور ٿيا آهن.
- 1973 — افغانستان جي جنرل سردار دائود خان، ظاهر شاهه جي حڪومت جو خاتمو آندو.
- 1990 — پي ٽي وي نئين چئنل پي ٽي وي 2 جو آغاز ڪيو.
- 2014 — ملائيشيا جي جهاز ايم ايڇ 17 (تصوير) کي يوڪرين ۾ مزائيل هڻي ڪيرايو ويو. جنهن ۾ سوار 298 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
اڄ نيلسن منڊيلا جو عالمي ڏينهن آهي
- 1947 — پهرين خاص ريل هندوستان مان مهاجر کڻي ڪراچي پهتي.
- 1963 — شام ۾ فوجي حڪومت جو خاتمو ٿيو.
- 1955 — برايوني ڪانفرنس (تصوير: ڪانفرنس جو پوسٽر) يوگو سلاويا جي ٻيٽ برايوني ۾ منعقد ٿي.
- 1977 — ويٽنام گڏيل قومن جو رُڪن ٿيو.
- 1980 — هندوستان پهريون مواصلاتي سيارو روهني اول خلا ڏانهن روانو ڪيو.
- 1269 — علاوالدين خلجي (تصوير) دهلي جي تخت تي ويٺو.
- 1870 — فرانس، پروشيا سان جنگ جو اعلان ڪيو.
- 1980 — روس ۾ ٿيندڙ گرمين وارين اوليمپڪ راندين جو ڪيترن ئي ملڪن بائيڪاٽ ڪيو، سبب افغانستان مٿان روس جو قبضو ڄاڻايو ويو.
- 1920 — سنڌي مهاجرن جو قافلو افغانستان جي شهر جلال آباد پهتو. 47ع جي لڏپلاڻ کان پوءِ سنڌين جي لڏپلاڻ کي هندوستان جي تاريخ ۾ بدترين لڏپلاڻ تصور ڪيو وڃي ٿو.
- 1958 — پاڪستان ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کي هڪ سال لاءِ ملتوي ڪيو ويو.
ڪولمبيا ۾، آزادي جو ڏينهن
- 19940 — دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم سريماوو بندرانائڪي (تصوير) سريلنڪا ۾ عهدو جو قسم کنيو.
- 1944 — حڪومتي انگ اکرن مطابق ممئبي ۾ مليريا وگھي 3 مهينن ۾ 34 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
- 1947 — سرحد صوبي جي ماڻهن ريفرينڊم جي ذريعي پاڪستان سان الحاق جي حمايت ڪئي.
- 1949ع — اسرائيل ۽ شام 19 مهينن جي جنگ کان پوءِ جنگ ختم ڪرڻ جي مهادي تي صحيون ڪيون.
- 1969ع — پهريون دفعو ڪنهن ماڻهو چنڊ تي قدم رکيو، اهو اعزاز آمريڪي خلاباز نيل آرمسٽرانگ کي حاصل آهي.
- 1774 — سلطنت روس ۽ سلطنت عثمانيه جي وچ ۾ معاهدو ڪوچڪ ڪناري طئي ٿيو (تصوير:معاهدي واري جڳهه).
- 1831 — بيلجيم، هالينڊ کان آزادي ورتي.
- 1946 — سنڌ جي قانونساز اسيمبلي جي چونڊ نتيجن موجب مسلم ليگ 27، ڪانگريس 21 ۽ جي ايم سيد گروپ پارٽي مخالفت باوجود 4 سيٽون کٽيون.
- 1950 — سورهيه بادشاهه جا ٻه پٽ پرڏيهه مان سنڌ واپس آيا. انهن کي انگريزن پاران جلاوطن ڪيو ويو هو.
- 1964 — ايران، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٽه طرفو معاھدو علائقائي تعاون براءِ ترقي طئي ٿيو.
- 1970 — مصر ۾ يارنهن سالن بعد اسوان ڊيم جو تعميراتي ڪم مڪمل ٿيو.
- 1989 — سنڌ ۾ لساني فساد ٿيا. حيدرآباد ۾ 10 ۽ دادو ۾ هڪ ماڻهو مارجي ويو.
- 1948 — ڪراچي (تصوير) جو سڄو علائقو وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ڏني وئي. قائد اعظم بيماري سبب زيارت هو ۽ اهڙو نوٽيفڪشن قائم مقام گورنر جرنل لياقت علي خان جاري ڪيو.
- 1949 — سر شاهنواز ڀٽو جي ممبئي ۾ موجود ملڪيت کي ضبط ڪيو ويو.
- 1994 — گميبيا ۾ فوج حڪومت جو تختو انڌو ڪري ڇڏيو.
- 2002 — اسرائيلي فوج پاران حماس اڳواڻ صلاح شاحده جي گھر تي بم حملي جي نتيجي ۾ پاڻ ۽ سندس خاندان قتل ٿي ويو.
- 2004 — استنبول کان انقره ويندڙ ريل جي حادثي ۾ 140 ماڻهو فوت ٿي ويا.
- 1829 — ٽائپو گرافر نالي مشين جا حق ۽ واسطا وليم آسٽن برڊ جي نالي محفوظ ٿيا، اها مشين اڳتي هلي ٽائپ رائٽر (تصوير) جي نالي سان مشهور ٿي.
- 1927 — انڊين برادڪاسٽنگ جو پهريون اسٽيشن ممبئي ۾ قائم ٿيو.
- 1936 — عبدالله هارون جي رهائشگاهه ۾ سر شاهنواز ڀٽو، جي ايم سيد، غلام حسين ھدايت الله، ميران محمد شاهه ۽ محمد ايوب کهڙي جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جو قيام عمل ۾ آيو.
- 1939 — اسڪندرون ۽ انطاڪيه علائقن ترڪي سان الحاق جو فيصلو ڪيو.
- 1952 — جمال عبد الناصر جي قيادت ۾ مصري فوج شاهه فاروق جو تخت اونڌو ڪري ڇڏيو.
- 1988 — ايم آر ڊي جنرل ضياءُ الحق جي غير جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرائڻ واري اعلان کي رد ڪري ڇڏيو.
- 1206 — قطب الدين ايبڪ جي لاهور ۾ تاج پوشي ٿي. (تصوير: لاهور ۾ سندس مقبرو)
- 1823 — چلي ۾ غلامي جو قانون ختم ڪيو ويو.
- 1954 — پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو.
- 1957 — مولانا ڀاشاني نيشنل عوامي ليگ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو.
- 1965 — پاڪستان فوج طرفان آپريشن جبرالٽر جو آغاز ٿيو، مقصد، سرينگر جي آس پاس هندوستان جي خلاف بغاوت پيدا ڪرڻو هو، هي آپريشن ناڪام ويو.
- 1972 — ڪراچي ۾ وڳوڙ شروع ٿيا ۽ حڪومت کي ڪرفيون فافظ ڪرڻو پيو.
- 1854 – چارلس نيپئر بگٽي قبيلي خلاف آپريشن شروع ڪري ڏنو.
- 1907 – ڪوريا جاپان جي قبضي هيٺ آيو.
- 1957 – پاڪستان نيشنل پارٽي جو قيام ٿيو، جيڪا اڳتي هلي نيشنل عوامي پارٽي ٿي.
- 1978 – دنيا جو پهريون ٽيسٽ ٽيوب ٻار پيدا ٿيو.
- 1990 – موهن جو دڙو هوائي اڏي کي عالمي هوائي رستن سان ڳنڍيو ويو، ۽ باضابطه اڏامون شروع ٿيون.
- 1994 – اسرائيل ۽ اردن جي وچ ۾ جنگبندي معاهدي واشگٽن ڊڪليئرشن (تصوير) تي دستخط ڪيا ويا.
- 2007 – پرتيڀا پٽيل هندوستان جي پهرين عورت صدر ٿي.
- 2010 – وڪي ليڪس آمريڪا ۽ افغانستان متعلق فوجي دستاويز پڌرا ڪيا.
- 1788 – نيو يارڪ آمريڪا جي يارهين رياست ٿي وئي.
- 1947 – پاڪستان جي قانون ساز اسمبلي قيام ۾ آئي.
- 1949 – پاڪستان ۽ ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سيزفائز تي اتفاق ڪري ورتو.
- 1967 – لاهور ۾ مينار پاڪستان (تصوير) جو تعميراتي ڪم مڪمل ٿيو.
- 1965 – مالديپ برطانيا کان آزادي ورتي.
- 1976 – چين ۾ زلزلي سبب 2 لک 40 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
- 2005 – ممبئي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 90 سينٽي ميٽر بارش ٿي.
- 2008 – احمد آباد ۾ 21 بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ 56 ماڻهو قتل ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
- 1866 – ٻه دفعا ناڪامي کان پوءِ سائرس فيلڊ ڏکڻ آمريڪا ۽ يورپ جي وچ ۾ وڇايل ڪيبل جي مدد سان دنيا جو پهريون ٽيليگراف موڪليو.
- 1921 – ٽورانٽو يونيورسٽي (ڪينيڊا) جي ماهرن انسولين ايجاد ڪئي.
- 1963 – جنرل امين الحفيظ (تصوير) شام جو صدر ٿيو.
- 1973 – جماعت اسلامي بنگلاديش کي تسليم نه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
- 2002 – يوڪرين ۾ هوائي ڪرتب دوران جهاز تماشين مٿان ڪرڻ سبب 78 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
- 2005 – ممبئي ۾ 24 ڪلاڪن جي دوران ريڪارڊ 944 ملي ميٽر مينهن سبب 786 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
- 2012 – لنڊن اولمپڪس جو افتتاح ٿيو.
- 1914 – آسٽريا ۽ هنگري طرفان سربيا تي حملو ڪيو ويو ۽ پهرين مهاڀاري جنگ جي شروعات ٿي.
- 1943 – اٽلي جي حڪمران مسوليني (تصوير) استيعفا ڏئي ڇڏي.
- 1969 – سوات، دير ۽ چترال وارن علائقن کي اولھ پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو.
- 2005 – آئرش ريپبلڪن آرمي (آئي آر اي) طرفان 30 سالن کان هلندڙ هٿياربند جهدوجهد جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو.
- 2010 – پاڪستان جي هڪ نجي هوائي ڪمپني ايئر بليو جو هڪ مسافر جهاز اسلام آباد ويجهو مرگلا جبل تي ڪري تباهه ٿي ويو. هن ۾ سوار 152 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ هن حادثي کي پاڪستان جي تاريخ ۾ بدترين هوائي حادثو قرار ڏنو ويو.
- 1946 – مسلم ليگ پاران ڪيبنٽ پلان منظور ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو.
- 1958 – آمريڪي صدر آئرن هاور ناسا اسپيس ايڪٽ 1958ع تي صحيحون ڪيون.
- 1962 – اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو، جسٽس محمد اڪرام چيئرمين نامزد ٿيو.
- 1981 – شهزادي چارلس ليڊي ڊائنا (تصوير) سان شادي ڪئي.
- 1629 – نيپلز اٽلي ۾ زلزلي سبب 10 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
- 1930 – يوراگوائي، ارجنٽائن کي ٻن جي مقابلي ۾ چار گولن تان هارائي، فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ کٽي ورتي.
- 1947 – ميرپورخاص جي ڪانگريس پارٽي فيصلو ڪيو ته نهرو ۽ گانڌي سان رابطو ڪري اهو چيو ويندو ته ٿرپارڪر (تصوير: نقشو) کي سنڌ کان ڌار ڪري هندوستان ۾ شامل ڪيو وڃي.
- 1973 – فورسز مري ۽ مينگل قبيلن جي علائقن تي چڙهائي ڪري ڏني، پهرين ڏينهن تي 8 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا.
- 1658 – اورنگزيب (تصوير) هندستان جي شهنشاهه هجڻ جو اعلان ڪيو.
- 1954 – دنيا جي بلند ترين چوٽي ڪي ٽو (K2) کي اٽلي جي جبل چاڙهو پروفيسر ڊيسو سر ڪري ورتو.
- 1956 – جم ليڪر ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو پهريون کلاڙي ٿيو، جنهن هڪ اننگ ۾ 10 وڪيٽون حاصل ڪيو.
- 1958 – مالي سال جي شروعاتي پنج مهينن دوران پاڪستان ۾ مالياتي خسارو 20 ملين رپين تائين پهچي ويو.
- 1960 – صدر ايوب خان، مزار قائد جي عمارت جو سنگ بنياد رکيو.
- 1977 – احمد رضا قصوري جي درخواست سندس والد نواب قصوري جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي.
- 1992 – ٿائيلينڊ ۾ مسافر جهاز جي حادثي ۾ 113 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.