قمبر شهدادڪوٽ ضلعو

(قمبر شهدادڪوٽ کان چوريل)

قمبر شهداد ڪوٽ ضلعو (رومن:Qambar Shahdadkot District) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي لاڙڪاڻي ڊويزن جو ھڪ ضلعو آھي جنھن جو صدر مقام قمبر شھر آھي. ھن ضلعي جون حدون ضلعي لاڙڪاني، ضلعي جيڪب آباد ۽ ضلعي دادو ۽ صوبي بلوچستان سان ملن ٿيون. ھي ضلعو پھرين لاڙڪاڻي ضلعي جو حصو ھيو. ھي ضلعو سنڌ جو سماجي ۽ معاشي طور تي ھڪ پوئتي پيل بُک ۽ اَفلاس وارو ضلعو آهي، جتي صاف پاڻي، تعليم ۽ صحت جي سھولتن سميت زندگي جي ھر بُنيادي سھولت جي وڏي کوٽ آهي.[2]

قمبر شهداد ڪوٽ
ضلعو
قمبر شھداد ڪوٽ ضلعي جا تعلقا
قمبر شھداد ڪوٽ ضلعي جا تعلقا
قمبر شهداد ڪوٽ is located in سنڌ
قمبر شهداد ڪوٽ
قمبر شهداد ڪوٽ
قمبر شهداد ڪوٽ is located in Pakistan
قمبر شهداد ڪوٽ
قمبر شهداد ڪوٽ
سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°22′42.4″N 67°55′20.5″E / 27.378444°N 67.922361°E / 27.378444; 67.922361
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ڊويزن لاڙڪاڻو ڊويزن
تعلقا 7
پکيڙ
 • ڪل 5,599 ڪ.م2 (2,162 ميل2)
آبادي (2017)
 • ڪل [1]1,341,022

سال 1843ع م جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي سرڪار سنڌ تي قبضو ڪيو تہ ان وقت خيرپور ميرس الڳ رياست ھئي ۽ باقي سنڌ کي ڪمپني سرڪار ٽن ضلعن م ورھايو جن م ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور شامل ھئا. موجوده لاڙڪاڻو ضلعو، قمبر شھدادڪوٽ ضلعو، جيڪب آباد ضلعو، ڪشمور ضلعو، سکر ضلعو ء دادو ضلعو شڪارپور ضلعي جا حصا ھيا. لاڙڪاڻي ضلعي کي برٽش انڊيا سرڪار سال 1901ع ۾ قائم ڪيو ھيو ان وقت قمبر شھدادڪوٽ ضلعو پڻ ان ۾ سال 2004ع تائين شامل ھيو. اُن وقت وارھ، قمبر شھداد ڪوٽ ۽ ميرو خان تعلقن تي مُشتمل ھيو. جن کي ڊاڪٽر ارباب رحيم جي حڪومت ۾ 13 ڊسمبر، 2004ع تي لاڙڪاڻي کان ڌار ڪري وارھ مان نصير آباد، ميرو خان مان سجاول جوڻيجو ۽ شھدادڪوٽ مان قبو سعيد خان ڌار ڪري ٽي نوان تعلقا جوڙي ء نئون ضلعو قمبر شھدادڪوٽ نالي سان ٺاھيو.

جاگرافي

سنواريو
 
سنڌ جي نقشي ۾ قمبر شھداد ڪوٽ ضلعو (گاڙھو رنگ)

ھي ضلعو سنڌ جي اُتر اولھ واري سرحد تي واقع آهي. اِن جي اُتر م جيڪب آباد ضلعو، اوڀر ۾ لاڙڪاڻو ضلعو، ڏکڻ ۾ دادو ضلعو ۽ اولھ ۾ بلوچستان جو خُضدار ضلعو، جھل مگسي ضلعو ۽ جعفر آباد ضلعو واقع آھن. ھن ضلعي جي اولھ وارو پاسو جابلو آھي، جتي کيرٿر جبلن جون قطارون آھن، جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان وچ ۾ قدرتي سرحد آھن ۽ اُن جي پاسي ۾ لڳو لڳ علائقو ڪاڇو (جبلن جي ڪَڇ) سڏجي ٿو. اِن حصي م آبادي تمام ڇِڊي آهي ۽ اِھو علائقو سمورين بُنيادي سھولتن کان محروم آهي. باقي علائقو ميداني آھي. ھي ضلعو سامونڊي سطح کان 47 ميٽر يا 154 فٽ بُلند آھي. ھن ضلعي جي پکيڙ 5,675[3] يا 5,599[1] چورس ڪلوميٽر آھي. ضلعي جي ايراضي 14,53,383 ايڪڙ آهي.[4]

سال 2013ع جي انساني ترقيءَ جي اشاريئي (HDI) مُطابق ھن ضلعي جي ترقي جي شرح 0.35 ھُئي. جڏھن تہ سنڌ جي جُملي ٿُلھي ليکي شرح 0.59 ھئي، جنھن مان ظاهر ٿئي ٿو تہ ھي ضلعو سنڌ جي ترقي پذير شرح کان بہ تمام گھٽ شرح تي ھُيو. [5] ترقي جي گھٽ شرح ڪري ھتي سھولتن جي اَٹاٺ آهي. خاص ڪري تعليم ۽ صحت ۾ ھي ضلعو پُٺتي پيل آهي. ساڳئي سال جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعن جي شرح 0.40 ۽ دادو جي 0.45 سيڪڙو ھُئي، جنھن مان ظاهر ٿيو پئي تہ ھي ضلعو ترقي ۾ انھن کان پوئتي پيل ھيو.[5] يورپي يونين جي PINS سروي مطابق ھن ضلعي جي 81.5 سيڪڙو خاندانن جي ماھوار آمدني 10,000 روپين کان گھٽ آھي. 16.3 سيڪڙو خاندانن جي آمدني 10,000 کان 15,000 روپين تائين آهي ۽ 2.2 سيڪڙو خاندانن جي آمدني 15,000 کان مٿي آھي. اھڙي طرح ھن ضلعي ۾ رھندڙ خاندانن جي سراسري ماھوار آمدني 9،150 روپيا آهي.[5] ان سروي مطابق 83 سيڪڙو خاندانن جو ماھوار خرچ 10,000 روپين تائين يا ان کان گھٽ آھي. 11.3 سيڪڙو خاندانن جو ماھوار خرچ 10,000 روپين کان 15,000 روپين تائين آهي ۽ باقي 5.7 سيڪڙو خاندان ماھوار 15،000 کان وڌيڪ خرچ ڪن ٿا.[5] ھن ضلعي ۾ سال 2016ع جي شُمارياتي ڪاٿن مطابق 97.4 سيڪڙو خاندانن ۾ ڪفالت ڪندڙ ھڪ ڪمائيندڙ فرد آھي ۽ 2.6 سيڪڙو خاندانن ۾ 2 ڪمائيندڙ فرد آھن.[5] اِنھن ڪاٿن مُطابق ضلعي جي ڪُل پورھيتن ۾ 50 سيڪڙو غير ھُنرمند ڏِھاڙي وارا پورھيت، 32.1 سيڪڙو ھُنرمند ڏِھاڙي وارا پورھيت، 2.3 سيڪڙو ھُنرمند زرعي پورھيت، 1 سيڪڙو غير ھُنرمند زرعي پورھيت، 1.6 سيڪڙو وڏي يا وچولي درجي جا ھاري، 1.3 سيڪڙو مال پاليندڙ، 10.4 سيڪڙو خود روزگار ڪندڙ ڌنڌن وارا، 1.3 سيڪڙو سرڪاري نوڪري ڪندڙ آھن.[5]

ھن ضلعي ۾ سانوڻ جا وسڪارا جون يا جولائي کان سيپٽمبر تائين پوندا آهن. ھر سال ھتي پوکي جون ٻہ موسمون ربيع ۽ خريف ھونديون آھن. زرعي پوکي جي ڪم ۾ مرد ۽ عورتون گڏجي محنت ڪندا آهن. ربيع جي فصلن جي موسم سياري جي ھوندي آھي، جيڪا آڪٽوبر کان شروع ٿئي ٿي ۽ مارچ ۾ ختم ٿئي ٿي. خريف جي موسم وري گرمين ۾ اپريل کان شروع ٿي سيپٽمبر ۾ ختم ٿئي ٿي، اھڙي طرح سانوڻ جي برسات خريف ۾ ٿيندي آهي. ھتي ربيع ۾ ڪڻڪ جي پوکائي آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين ھلندي آھي ۽ ڪڻڪ جو لابارو مارچ ۽ اپريل ۾ ٿيندو آهي. مرچن جي پوکائي اپريل ۾ ٿئي ٿي ۽ ڪٽائي سيپٽمبر کان نومبر تائين ٿيندي آهي. جون ۽ جولائي کان علاوه باقي سمورو سال زرعي ڪم زور و شور سان ٿيندو آهي. ھن ضلعي ۾ ٿيندڙ وڏن فصلن م چانور ۽ ڪڻڪ آھن. اُن کان سواءِ جوئر، ٻاجھري ۽ چڻن جا فصل پڻ ٿين ٿا. سڀني تعلقن ۾ موسمي ڀاڄيون پڻ پوکيون وينديون آهن. اُن کان سواءِ ڪمند، داليون، مڪئي، تيلي ٻجن وارا فصل پڻ پوکيا وڃن ٿا.[6]

ھن ضلعي جي وڏي صَنعت ۾ شھدادڪوٽ ۾ ھڪ وڏي سرڪاري ٽيڪسٽائل مِل ھُئي، جيڪا مِل انتظاميا ۽ يونين عُھديدارن جي بدعُنوانين جي ڪري نہ ھلي سگھي. جنھن جي مشينري آخرڪار ڪَٻاڙ ۾ نيلام ڪئي وئي، جيڪو ھن علائقي لاءِ ھڪ وڏو الميو بڻجي ويو. ننڍين صَنعتن ۾ پوري ضلعي ۾ سارين جا ڪارخانا، ڪڻڪ جي اَٽي جون مِلون ۽ برف جا ڪارخانا واقع آھن.

معدني ذخيرا

سنواريو

ھن ضلعي واري علائقي ۾ سال 1958ع ۾ گيس دریافت ٿي ھُئي پر ضرورت نہ ھُجڻ ڪري ٽيھن سالن تائين کوٽائي روڪي رکي وئي. پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ ۽ گورنمينٽ ھولڊنگس پرائيويٽ لميٽيڊ جي گڏيل ڪم سان سال 2002-2003ع ۾ اُن مان گيس ڪڍڻ شروع ڪئي وئي. اُن ذخيري جو نالو مزاراڻي گيس فيلڊ آھي، جنھن ۾ 41 ارب ڪيوبڪ فُٽ گيس موجود آھي. جتي ڇھ کوھ کوٽيا ويا جن مان چئن مان گيس جي پيدوار سوئي سَدرن گيس ڪمپني جي سسٽم ۾ ڏني وئي آھي.[7]

ھن ضلعي جي موسم سياري ۾ تمام ٿڌي ۽ اونھاري ۾ سخت گرم ۽ خُشڪ ھوندي آھي. اونھاري ۾ ھتي سانوڻ يا مون سون واريون برساتون 5 کان 10 انچن يا 127 کان 254 ملي ميٽرن تائين پونديون آهن[8]. ضلعي ۾ رڪارڊ ڪيل سڀ کان وڌيڪ گرمي پد 26 مئي 2010ع ۾ لڳ 53.5 °C يا (128.3 °F) تائين ھُيو. ھن ضلعي جو شُمار ايشيا جي گرم ترين علائقن ۾ ٿئي ٿو[8].

ضلعي جي آبادي

سنواريو
 
قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي ٻھراڙيءَ جون عورتون

ھن ضلعي جي ھاٹوڪي علائقي جي آبادي 1972ع جي آدمشماريءَ مُطابق 460722 ھُئي. 1981ع ۾ 566574 ھُئي، جيڪا 1998ع جي آدمشماري ۾ وڌي 924294 ٿي وئي. اُن وقت ھن ضلعي جو ھاٹوڪو علائقو لاڙڪاڻي ضلعي جو حصو ھُيو. 2005ع ۾ ھن ضلعي جي وجود ۾ اچڻ بعد پھرين آدمشماري 2017 ۾ ٿي، جنھن مُطابق ضلعي جي آبادي 1341022 تائين پھچي چڪي هُئي[1]. جنھن مان 943478 ماڻھو ٻھراڙيءَ ۾ رھندڙ ھئا ۽ باقي 397564 ماڻھو شھري آبادي ۾ رهندڙ هئا[1]. اِن آبادي ۾ 682859 مرد ۽ 658148 عورتون ۽ 35 ٽئين جِنس سان تعلق رکندڙ شامل آھن[1]. ھن ضلعي جي 98 سيڪڙو آبادي سنڌين جي آهي، جن ۾ بلوچي ۽ سرائڪي ڳالهائيندڙ سنڌي پڻ شامل آهن ۽ باقي 2 سيڪڙو ۾ مُھاجر، پنجابي ۽ پٺاڻ شامل آهن. 2017 جي گھر شماري مطابق قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ ڪُل 223154 گھراڻا آباد ٿيل آھن.

2016ع ۾ ھِن ضلعي ۾ سرڪاري اسڪولن جو تعداد 1631ھُيو، جن مان 93 سيڪڙو يعني 1516 پرائمري اسڪول، 3.4 سيڪڙو يعني 55 مڊل اسڪول، 0.2 سيڪڙو يعني 4 ايليمينٽري اسڪول، 2.8 سيڪڙو يعني 46 سيڪنڊري اسڪول ۽ 0.6 يعني 10 ھاء اسڪول واقع ھيا.[5] اِنھن اسڪولن ۾ 18 سيڪڙو ڇوڪرين جا اسڪول ۽ 33.1 سيڪڙو ڇوڪرن جا ۽ باقي 48.9 سيڪڙو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ٻنھي لاء ھُيا. استادن ۾ 20.9 سيڪڙو ماسترياڻيون ۽ 79.1 سيڪڙو ماستر ھيا[5].2016 جي سروي مطابق پرائمري اسڪولن ۾ ڇوڪرن جي حاضري 38 سيڪڙو ۽ ڇوڪرين جي حاضري 26.2 سيڪڙو رھي. سيڪنڊري اسڪولن ۾ حاضري جو تناسب ڇوڪرن جو 28.7 سيڪڙو ۽ ڇوڪرين جو 16.8 سيڪڙو رھيو[5]. ضلعي ۾ 2016ع ۾ عورتن جي تعليم جي شرح 29.4 سيڪڙو ھُئي جنھن ۾ 15 کان 24 سالن جي عمر جون عورتون شامل هيون[5].سنڌ ايجوڪيشن مينجمينٽ انفارميشن سسٽم جي 2010-2011ع جي ھڪ سروي مطابق ضلعي ۾ ڪُل 1,680 سرڪاري اسڪول ھُيا، جن ۾ داخل سمورن شاگردن جو تعداد 1,95,774, ھُيو[4]. ڪُل اُستادن جو تعداد 4,239ھُيو، جن ۾ ميل 3,411 ۽ فيميل 828ھُيا. اُستادن ۽ شاگردن جو تناسب 46 شاگردن لاء ھڪ اُستاد ھُيو[4].

ھن ضلعي ۾ قمبر شھر ۾ سرڪاري سِول اسپتال ۽ تعلقن ۾ سرڪاري تعلقا اسپتالون واقع آھن. اُن کان علاوه ٻھراڙين ۾ بُنيادي صحت مرڪز قائم ٿيل آھن، جتي مُفت علاج جون سهولتون ڏنيون پيون وڃن. ھن ضلعي ۾ قمبر شھر ۾ سِول اِسپتال، شھدادڪوٽ، ميروخان، نصيرآباد، وارھ ۾ تعلقا اسپتالون واقع آھن. 2012ع جي رڪارڊ مطابق[9] ھن ضلعي ۾ صحت جي سھولتن ۾ 22 بيسڪ هيلٿ سينٽر (وارھ:3، قمبر:8، ميروخان:3، سجاول جوڻيجو:1, نصيرآباد:4، شھدادڪوٽ:2 ۽ قبو سعيد خان:1)، 24 سرڪاري ڊسپينسريون (وارھ:8، قمبر:8، ميروخان:4، سجاول جوڻيجو:2, نصيرآباد:1 ۽ قبو سعيد خان:1) ۽ 7 رورل هيلٿ سينٽر ( قمبر:5 ۽ شھدادڪوٽ:2) واقع ھُيا[10].


عورتن جي صحت

سنواريو

2016ع جي سروي مطابق ھن ضلعي جي عورتن جي سراسري ٻار ڄڻڻ جي شرح 6.1 آهي. 18.4 سيڪڙو عورتون ٻار روڪڻ جون دوائون استعمال ڪن ٿيون. شادي شده ڳورھارين عورتن مان 72.4 سيڪڙو عورتون ٻار ڄڻڻ کان اڳ واري صحت جون سهولتون حاصل ڪن ٿيون[5]. 2014 ۽ 2015ع جي MICS سروي مطابق ڳورھارين عورتن جون 51.1 سيڪڙو ويم صحت جي مرڪزن يا ويم گھرن ۾ ٿيا، جن مان 10.4 سرڪاري صحت مرڪزن تي ۽ 40.7 خانگي صحت مرڪزن تي ٿيا، باقي 48.9 سيڪڙو ويم گھرن جي اندر ٿيا.[5].ھن ضلعي جي 80.5 سيڪڙو عورتن تائين خانداني منصوبا بندي ۽ زَناني صحت بابت ڄاڻ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ذريعي ملي ٿي[5].

ٻارن جي صحت

سنواريو

ھن ضلعي ۾ نون ڄاول ٻارن مان 62.9 سيڪڙو ٻارن کي ميڊيڪل چڪاس جي سھولت ملي ٿي[5].

ضلعي جي سياسي ورھاست

سنواريو

ھن ضلعي ۾ سنڌ اسيمبليءَ جا چار تڪ اچن ٿا، جن ۾ پي ايس 39 قمبر شھدادڪوٽ 1، پي ايس 40 قمبر شھدادڪوٽ 2، پي ايس 41 قمبر شهدادڪوٽ 3 ۽پي ايس 42 قمبر شهدادڪوٽ 4 شامل آهن. جڏھن تہ قومي اسيمبليءَ جا ٻہ تَڪ اَٿس، جن ۾ اين اي 202 قمبر شهدادڪوٽ 1 (پراڻو نالو: اين اي 206) ۽ اين اي 203 قمبر شهدادڪوٽ 2 (اين اي 207) شامل آهن.

پي ايس 39 (قمبر شهدادڪوٽ 1)

سنواريو

ھي تَڪ پھرين لاڙڪاڻو 5 جي نالي سان سڏبو هو پر نئين ضلعي جي ٺھٹ کانپوءِ قمبر شهدادڪوٽ 1 ٿي ويو. ھن تَڪ ۾ 2002ع جي عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو اُميدوار غلام مجتبیٰ اسراڻ 14200 ووٽ کڻي چونڊ کٽي ھئي ۽ اُن وقت مقابلي ۾ ھارائيندڙ اميدوار علي حسن ھڪڙو ھيو، جنھن 12400 ووٽ کنيا هئا. 2008ع جي عام چونڊن ۾ وري غلام مجتبیٰ اسراڻ 27000 ووٽ کڻي چونڊ کٽي ھئي ۽ ان وقت مقابلي ۾ ھارائيندڙ اميدوار پاڪستان مسلم ليگ (ق) جو نواب سردار خان چانڊيو ھُيو، جنھن 12900 ووٽ کنيا هئا. 2013ع جي عام چونڊن ۾ ھن تَڪ مان وري غلام مجتبیٰ اسراڻ کٽي آيو جنهن 29400 ووٽ کنيا. مُقابلي ۾ ھارائيندڙ اميدوار علي حسن ھڪڙو ھُيو، جنھن 13800 ووٽ کنيا[11].

پي ايس 40 (قمبر شهدادڪوٽ 2)

سنواريو

ھي تَڪ پھرين لاڙڪاڻو 6 جي نالي سان سڏبو هو پر نئين ضلعي جي ٺھٹ کانپوءِ قمبر شهدادڪوٽ 2 ٿي ويو. ھن تَڪ ۾ 2002ع جي عام چونڊن ۾ آزاد اميدوار سلطان احمد کھاوڙ 16100 ووٽ کڻي اليڪشن کٽي ھئي ۽ اُن وقت مُقابلي ۾ ھارائيندڙ اُميدوار غلام اڪبر مگسي ھُيو، جنھن 15200 ووٽ کنيا هئا ۽ اُن جو تعلق پاڪستان پيپلز پارٽي سان ھُيو. 2008ع جي عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مير نادر علي مگسي 32500 ووٽ کڻي چونڊ کٽي ھُئي ۽ اُن وقت مُقابلي ۾ ھارائيندڙ اُميدوار مسلم ليگ (ق) جو مير عبدالوحيد بِروهي ھُيو، جنھن 3200 ووٽ کنيا هئا. 2013ع جي عام چونڊن ۾ ھن تَڪ مان وري مير نادر خان مگسي کٽي آيو جنھن 36900 ووٽ کنيا. مُقابلي ۾ ھارائيندڙ اُميدوار پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو غيبي خان مُغيري ھُيو، جنھن 14600 ووٽ کنيا ھيا[11].

پي ايس 41 (قمبر شهدادڪوٽ 3)

سنواريو

ھي تڪ پھرين لاڙڪاڻو 7 جي نالي سان سڏبو هو پر نئين ضلعي جي ٺھٹ کانپوءِ قمبر شهدادڪوٽ 3 ٿي ويو. ھن تَڪ ۾ 2002ع جي عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اُميدوار عزيز احمد جتوئي 21800 ووٽ کڻي چونڊ کٽي ھُئي ۽ اُن وقت مُقابلي ۾ ھارائيندڙ اُميدوار پاڪستان مسلم ليگ (ق) جو الله بخش اُنڙ ھُيو، جنھن 19100 ووٽ کنيا هئا. 2008ع جي عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي عزيز احمد جَتوئي 37600 ووٽ کڻي چونڊ کٽي ھئي ۽ اُن وقت مُقابلي ۾ ھارائيندڙ اُميدوار مسلم ليگ (ق) جو عبدالغفار بِروهي ھُيو، جنھن 6500 ووٽ کنيا هئا. 2013ع جي عام چونڊن ۾ ھن تَڪ مان عزيز احمد جَتوئي کٽي آيو، جنھن 19700 ووٽ کنيا. مُقابلي ۾ ھارائيندڙ آزاد اُميدوار عادل الطاف اُنڙ ھُيو، جنھن 7900 ووٽ کنيا ھُئا[11].

پي ايس 42 (قمبر شهدادڪوٽ 4)

سنواريو

ھي تَڪ پھرين لاڙڪاڻو 8 جي نالي سان سڏبو هو پر نئين ضلعي جي ٺھٹ کانپوءِ قمبر شهدادڪوٽ 4 ٿي ويو. ھن تَڪ ۾ 2002ع جي عام چونڊن ۾ آزاد اُميدوار نجم الدين ابڙو 20200 ووٽ کڻي چونڊ کٽي ھُئي ۽ اُن وقت مُقابلي ۾ ھارائيندڙ آزاد اُميدوار فقير پرويز احمد ھُيو جنھن 5100 ووٽ کنيا هُئا. 2008ع جي عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي نجم الدين اَبڙي 21300 ووٽ کڻي چونڊ کٽي ھُئي ۽ اُن وقت مُقابلي ۾ ھارائيندڙ اُميدوار مسلم ليگ (ق) جو بَرھان چانڊيو ھُيو جنھن 12100 ووٽ کنيا هئا. 2013ع جي عام چونڊن ۾ ھن تَڪ مان وري پاڪستان پيپلز پارٽي جي مير غيبي خان سردار چانڊيو کٽي آيو جنھن 47500 ووٽ کنيا. مُقابلي ۾ ھارائيندڙ اُميدوار قومي عوامي پارٽي جو سرتاج احمد چانڊيو ھيو جنھن 2300 ووٽ کنيا ھُيا[11].

اين اي 202 (قمبر شهدادڪوٽ 1)

سنواريو

ھي تڪ ضلعي جي چئن تعلقن تي مشتمل آهي جن ۾ شھدادڪوٽ تعلقو ، ميروخان تعلقو، قبو سعيد خان تعلقو ۽ سجاول جوڻيجو تعلقو شامل آهن. 25 جولاءِ 2018ع تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ھن تَڪ مان پاڪستان پيپلز پارٽي جو آفتاب شعبان ميراڻي 72159 ووٽ کڻي چونڊ کٽي آيو. اُن سان مقابلو ڪندڙ ھارائيندڙ ايم ايم اي جو اُميدوار ناصر محمود ھُيو جنهن 36040 ووٽ کنيا ۽ اُن کان پوءِ ٽئين نمبر تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي مسرت شاھ 9631 ووٽ کنيا[12].

اين اي 203 (قمبر شهدادڪوٽ 2)

سنواريو

ھي تڪ ضلعي جي ٽن تعلقن تي مشتمل آهي، جن ۾ قمبر تعلقو ، وارھ تعلقو ۽ نصيرآباد تعلقو شامل آهن. 25 جولاءِ 2018ع تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ھن تَڪ مان پاڪستان پيپلز پارٽي جو مير عامر خان مگسي 80060 ووٽ کڻي چونڊ کٽي آيو. اُن سان مُقابلو ڪندڙ ھارائيندڙ اُميدوار پاڪستان تحريڪ انصاف جو سخاوت علي ھُيو جنهن 13008 ووٽ کنيا ۽ ان کان پوءِ ٽئين نمبر تي جي ڊي اي جي فيض محمد 6857 ووٽ کنيا[12].

ضلعي جي انتظامي ورھاست

سنواريو

هن ضلعي ۾ هيٺيان 7 تعلقا شامل آهن:

  1. قنبر علي خان تعلقو
  2. شهدادڪوٽ تعلقو
  3. وارهه تعلقو
  4. ميرو خان تعلقو
  5. نصيرآباد تعلقو
  6. قبو سعيد خان تعلقو
  7. سجاول جوڻيجو تعلقو

يونين ڪائونسلون/ ڪاميٽيون

سنواريو

قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ ھيٺيون 52 يونين ڪائونسلون آهن[13]:

ضلعي جي ٿاڻن ۾ ورھاست

سنواريو

پوليس جي اختيارن لاء ضلعي کي پوليس جي ھيٺين پنج سب ڊويزنن ۾ ورھايو ويو آھي. ھر سب ڊويزن جو نگران سب ڊويزنل پوليس آفيسر ھوندو آھي[14].

عدالتي نظام

سنواريو

ھن ضلعي جون حدون سنڌ ھاء ڪورٽ جي سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو جي اختيار ۾ اچن ٿيون جنھن ڪري ھاء ڪورٽ جا ڪيس لاڙڪاڻي واري رجسٽري ۾ داخل ٿيندا آهن. ضلعي عدالتن جي نظام ۾ ھتي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت قمبر شھر ۾ واقع آهي جنھن سان گڏ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن جون ٻہ عدالتون پڻ ڪم ڪن ٿيون. ھڪ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت شھدادڪوٽ شھر ۾ ڪم ڪري ٿي. اھي عدالتون ساڳي وقت ننڍين عدالتن جو اپيلون پڻ ٻڌنديون آھن. ٻہ سينئر سول ججن جون عدالتون قمبر ۽ شھدادڪوٽ ۾ واقع آھن. ان کان علاوه قمبر، شھدادڪوٽ، وارھ، ميروخان ۾ جوڊيشل ماجسٽريٽن جون پڻ عدالتون واقع آھن. ضلعي ۾ قمبر شھر ۾ ھڪ ڪنزيومر ڪورٽ پڻ ڪم ڪري ٿي. ضلعي اندر وڪيلن جي ضلعي بار ايسوسيئيشن پڻ قائم آهي جيڪا سنڌ بار ڪائونسل جي نگراني ۾ ڪم ڪري ٿي.

آبپاشي ۽ پاڻي جا ذخيرا

سنواريو

ھن ضلعي جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ حمل ڍنڍ آهي جيڪا قمبر تعلقي ۾ ڳوٺ غيبي ديرو جي لڳ واقع آهي.

روڊ رستا

سنواريو

ھن ضلعي مان گوادر ويندڙ ايم 8 ھاء وي سجاول جوڻيجو، شھدادڪوٽ ۽ قبو سعيد خان تعلقن مان گذري بلوچستان ۾ داخل ٿئي ٿو. شھدادڪوٽ ۽ قمبر شھر جي وچ ۾ 29 ڪلوميٽرن تي مشتمل اين 455 ھاء وي واقع آهي جيڪو اڳتي ھلي قمبر شھر کي لاڙڪاڻي شھر سان پڻ ملائي ٿو. ھن ضلعي ۾ نصيرآباد تعلقي واري حد کان اين 55 ھاء وي، جنھن کي انڊس ھاء وي پڻ چون ٿا ، داخل ٿي وڱڻ شھر کان ٿيندو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ نڪري ٿو جيڪو ضلعي اندر گذرندڙ ھڪ مصروف ترين رستو آھي. ضلعي اندر تعلقن جي صدرمقامن وچ ۾ روڊن ۽ انھن جي لنڪ روڊن جو ھڪ وڏو نظام موجود آهي جن تي پبلڪ ۽ پرائيويٽ ٽرانسپورٽ جو باقاعدي گذر ٿئي ٿو.

سيد حسين شاهه جو مسجد

سنواريو

غير سرڪاري تنظيمون

سنواريو

ھن ضلعي م ھيٺيون غير سرڪاري تنظيمون ڪم ڪن ٿيون[15]:

مشھور شخصيتون

سنواريو

ھن ضلعي جي مشھور شخصيتن جا نالا:

مولانا نور محمد شھداد ڪوٽي

ميان غلام صديق ميڪڻ

پير تراب علي شاھہ راشدي

غلام حسين شاهه بخاري

احمد سلطان چانڊيو

ماسٽر منظور حسین سکیراڻي (راڳي)

سيد حسين شاھ بخاري

مولانا عبدالڪريم ٻير شريف وارو

نواب شبير احمد چانڊيو

مير نادر علي خان مگسي

مير عامر خان مگسي

نواب سر غيبي خان چانڊيو

خانبھادر دوست محمد خان ھڪڙو

خانبھادر پير بخش خان کھاوڙ پھريون

ڊاڪٽر محمد يار کھاوڙ

وينا شرنگي

نواب سردار خان چانڊيو

سيد حاڪم علي شاھ پٽ وارو

ميان حامد حضوري

غلام مجدد اسراڻ

حزب الله ٻگهيو

ميان شاھل محمد ڪلھوڙو

ميان ڏاتو خان کھاوڙ

• سردار علي کھاوڙ

• نور نبي جوڻيجو ء بابو محمد امين بروهي آھن۔

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 -https://www.citypopulation.de/php/pakistan-admin.php?adm2id=824
  2. http://www.prcsindh.org.pk/?page_id=1229-
  3. USAID/IMMAP Pakistan Emergency Situation Analysis - District Qambar Shahdadkot, August 2014 Page i
  4. 4.0 4.1 4.2 يو ڪي ايسي، ڊاٽ ڪام شھدادڪوٽ- [1]
  5. 5.00 5.01 5.02 5.03 5.04 5.05 5.06 5.07 5.08 5.09 5.10 5.11 5.12 5.13 1 | Page District Nutrition Profile www.rspn.org 1 | Page District Nutrition Profile-
  6. http://www.alhasan.com/system/files/skim-magazine/PESA-DP-KamberShahdadKot-Sindh.pdf آرڪائيو ڪيا ويا 2023-08-04 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. assessed on July 13, 2016
  7. https://www.ppl.com.pk/content/mazarani-gas-field-overview?__cf_chl_jschl_tk__=4275ffe41e2064604bbb9f93528a0e69f5826ecc-1587505132-0-AZ8BpyQcKR9Nd3FdwtH6qZ3qsLQieYrureq2uqPZudvHu0QhqRDV-cKOVQ5lXfZvomgUrQzUp3ogAeTZnA4HYTEOprfaYzAJeM0svGgNrwRcx7FQe7QICsLSHPPyHjuFWClRDYzIUFPS1RWIHKzxyiB-4jqpaBjgHT1qaFDUlOluXgW4n_rnd6zFLtfC8ALl3UmLwCGa-4PCGjPNJPONghsww6MiSsp6vkEXbPKJ2BQ5WOOFRisNcx7Go7q9RR2uLQ-wDFWnL1YpO2rW3TxqpBEHL61guO2Gh8RRC9AU3hfixg4rKRQ000Dr_WIbRq76cA
  8. 8.0 8.1 https://reliefweb.int/report/pakistan/pakistan-emergency-situational-analysis-district-kamber-shahdadkot-july-2014 -
  9. Health Resources Availability Mapping System (HERAMS) 2012 http://www.trfpakistan.org/LinkClick.aspx?fileticket=DVWqxBDJs6s%3D&tabid=2618 آرڪائيو ڪيا ويا 2015-06-27 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. accessed on May 10, 2016
  10. ttps://success.org.pk › uploadsPDF Kamber-District profile - success
  11. 11.0 11.1 11.2 11.3 - https://www.politicpk.com/qambar-shahdadkot-district-sindh-assembly-election-results-2013-2008-2002-ps-39-to-ps-42/
  12. 12.0 12.1 آرڪائيو ڪاپي, وقت 2021-01-25 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-01-04 
  13. https://www.politicpk.com/kambar-shahdadkot-district-uc-list-mna-mpa-seats-%D9%82%D9%85%D8%A8%D8%B1-%D8%B4%D8%A7%DB%81%D8%AF%D8%A7%D8%AF%DA%A9%D9%88%D9%B9-%D8%B6%D9%84%D8%B9-%DA%A9%DB%8C-%DB%8C%D9%88%D9%86%DB%8C%D9%86-%DA%A9/
  14. [2] آرڪائيو ڪيا ويا 2020-08-10 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.-
  15. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2020-04-28 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-04-21