اعتبار خان چانڊيو (يو سي)


يو سي 5 اعتبار خان چانڊيو(انگريزي: U C 5 Aitbar Khan Chandio ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا شھدادڪوٽ تعلقي ۾ واقع آهي. ان م اعتبار خان چانڊيو ڳوٺ جي آبادي 5366 آهي[1]. ھي يونين ڪاؤنسل ۾ اعتبار خان چانڊيو ھڪ وڏو ڳوٺ آھي. ھن يونين ڪاؤنسل م شامل ڳوٺن ۾ ڳوٺ شاھپور جمالي، ڳوٺ بوفو جمالي ۽ ڳوٺ جيئند جروار شامل آهن. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ جمالي ، چانڊيا، جروار، بروھي، خاصخيلي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جو صدر مقام ڳوٺ اعتبار خان چانڊيو ۾ آھي. ھن يو سي جي مشھور شخصيتن م رئيس علي حسن خان چانڊيو ھيو جيڪو سابق وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو ويجھو دوست ھيو. ان کان علاوه رئيس خداڏنو خان چانڊيو 1985ع م غير جماعتي چونڊن ۾ شھدادڪوٽ واري تڪ مان سنڌ اسيمبلي جي رڪن طور چونڊجي آيو ھو ۽ صوبائي ڪابينه ۾ مشير پڻ رھيو.

اعتبار خان چانڊيو
يو سي 5 اعتبار خان چانڊيو
يونين ڪاؤنسل
اعتبار خان چانڊيو is located in سنڌ
اعتبار خان چانڊيو
اعتبار خان چانڊيو
اعتبار خان چانڊيو is located in Pakistan
اعتبار خان چانڊيو
اعتبار خان چانڊيو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°52′07″N 67°57′26″E / 27.86861°N 67.95722°E / 27.86861; 67.95722مڪانيت: 27°52′07″N 67°57′26″E / 27.86861°N 67.95722°E / 27.86861; 67.95722
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو شھدادڪوٽ تعلقو
ٿاڻو شھدادڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻو
آبادي
 • ڪل 5,366

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين واجد علي چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين مقبول احمد جروار چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ اعتبار خان چانڊيو جو عبدالخالق چانڊيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.

ڪائونسل جي تعليم ۽ صحت سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. اعتبار خان چانڊيو ڳوٺ م گورمينٽ بوائز ھاء اسڪول ۽ واقع آهي جتي ميٽرڪ تائين تعليم ڏني وڃي ٿي. ھائر ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھي يو سي شھدادڪوٽ شھر سان لڳو لڳ واقع آھي ۽ ھتان ايم 8 روڊ رتوديرو کان گوادر طرف گذري ٿو. ھتي پيئڻ لاء رڳو جع جو پاڻي ميسر آهي. اعتبار خان چانڊيو ڳوٺ م ھڪ عيدگاهه پڻ واقع آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/