يو سي 32 وارھ (انگريزي: UC32 Warah ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا وارھ تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي وارھ جي يو سي 5 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 10,137 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ وارھ شھر جو 5,413 ماڻھن جي آبادي ۽ 877 گھرن تي مشتمل ڪجهه حصو[2] ۽ ٻھراڙيءَ وارا ڳوٺ اچي اڃن ٿا. وارھ شھر جو ھن يو سي وارو حصو ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ کٽياڻ، بروھي، ڇٽا، ڪلھوڙا، آريجا، مگسي، گوگاڻي، ٻگھيا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ نئون آباد، ڳوٺ نواب ڪلھوڙو، شير محمد آريجو، ڳوٺ محمد کٽياڻ ڳوٺ ڌڱاڻو کٽياڻ، ڳوٺ عزيزالله کٽياڻ، ڳوٺ علي گوهر کٽياڻ، ڳوٺ عطا محمد کٽياڻ، ڳوٺ خاوند ڏنو گوگاڻي، ڳوٺ مڱڻيجا، بھلول آباد، ڳوٺ امام بخش بروهي، شامل آهن.

وارھ
يو سي 32 وارھ
يونين ڪاؤنسل
وارھ تعلقي جي يو سي 5
وارھ is located in سنڌ
وارھ
وارھ
وارھ is located in Pakistan
وارھ
وارھ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°27′31″N 67°48′04″E / 27.45861°N 67.80111°E / 27.45861; 67.80111مڪانيت: 27°27′31″N 67°48′04″E / 27.45861°N 67.80111°E / 27.45861; 67.80111
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو
ٿاڻو وارھ ٿاڻو
آبادي (2017)
 • ڪل 10,137

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين غلام حيدر ڇٽو ۽ وائيس چيئرمين برڪت علي ڪلھوڙو چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[3]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ امام بخش بروهي جو امام بخش بروهي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو. جڏھن تہ 2023 جي بلدياتي اليڪشن ۾ يوسي چيئرمين مير شبير احمد بروهي، ضلع ڪائونسل ميمبر رياض الدين ابڙو چونڊيا ويا آھن.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  3. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/