يو سي 6 ٺارو وڌو(انگريزي: U C 6 Tharo Wadho ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا ميروخان تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي ميروخان تعلقي جي يو سي 1 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 22229 آهي جنھن مان رڳو ڳوٺ نئون ٺارو جي آبادي 10,312 آھي [1]. ھي يونين ڪاؤنسل ۾ نئون ٺارو ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ الله بخش وڌو، ڇٽو جويو، ڍوري مبارڪ، ڍوري پيربخش ديھون شامل آهن. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ تونيا، وڌا ، کيڙا، سومرا، سيد ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ نئون ٺارو، پراڻو ٺارو، علي جي وانڍ ، ڳوٺ مبارڪ ڪلھوڙو، ڳوٺ شاھپور شامل آهن.

ٺارو وڌو
يو سي 6 ٺارو وڌو
يونين ڪاؤنسل
ٺارو وڌو is located in سنڌ
ٺارو وڌو
ٺارو وڌو
ٺارو وڌو is located in Pakistan
ٺارو وڌو
ٺارو وڌو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°43′56″N 68°03′34″E / 27.73222°N 68.05944°E / 27.73222; 68.05944مڪانيت: 27°43′56″N 68°03′34″E / 27.73222°N 68.05944°E / 27.73222; 68.05944
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو ميروخان تعلقو
ٿاڻو ميروخان ٿاڻو
آبادي (2017)
 • ڪل 22,229

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين قمرالدين کيڙو ۽ وائيس چيئرمين علي محمد وڌو چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ نئون ٺارو جو منصور تونيو ايڊووڪيٽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.

تعليم ۽ صحت سنواريو

ھتي سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم جي سھولت اڃان ميسر ناھن[3] صحت جي سھولتن جو پڻ ھتي فقدان آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل جي معيشت ۽ سھولتون سنواريو

ھن ڪائونسل م سارين جا ڪارخانا ۽ اٽي جون چڪيون واقع آھن. ڪائونسل جي معيشت زرعي آھي. ھتي ڪڻڪ ۽ چانورن جا فصل ٿيندا آهن. ڪائونسل جي اترئين پاسي مان وارھ ڪئنال وھي ٿو. ھتان ميروخان قمبر روڊ. ، بھرام ھيٺيون روڊ پڻ گذرن ٿا. ھتان جون زرعي زمينون وڏي اپت واريون ۽ زرخيز آھن.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/
  3. 2020 تائين