غلام حسين شاهه بخاري
غلام حسين شاهه بخاري (انگريزي ٻولي: Ghulam Hussain Shah Bukhari؛ پ. 1932ع – و. 26 جنوري 2023ع)، سنڌي اسلامي عالم ھو. ھن جو تعلق صوفين جي نقشبندي سلسلي سان ھو. ھي پاڪستان جي ھڪ وڏي مذھبي اداري درگاھ حسين آباد جو والي پڻ ھو.[1][2]
غلام حسين شاھ بخاري | |
---|---|
پيدائش | 1932 (عمر 91–92) ديھ ڊرٻ چانڊيو، قمبر شھدادڪوٽ، لاڙڪاڻو ڊويزن، پاڪستان |
وفات | 26 جنوري 2023ع ڪراچي |
مڪتبه فڪر | سني اسلام، حنفي، صوفي، نقشبندي |
شروعاتي زندگي
سنواريوغلام حسين شاهه بخاري قمبر شھداد ڪوٽ جي ڳوٺ ڊرٻ چانڊيا ۾ 1932ع ۾ پيدا ٿيو. ھن جو تعلق صوفين جي نقشبندي سلسلي سان ھو، ھن مذھبي تعليم پنھنجي والد سيد گل محمد شاھ کان ورتي. ھن خوشي محمد تنيو، غلام محمد چانڊيو ۽ علي گوھر مستوئي کان پڻ تعليم ورتي.[حوالو گهربل] ھن 1980ع ۾ درگاھ حسين آباد نالي سان ھڪ مسجد ۽ مدرسو تعمير ڪرايو، جتي مذھبي تعليم ۽ رھائش مفت ڏني ويندي آھي. ھي تنظيم اصلاح فقرا الحسينيا جو پڻ سربراھ ھو، جيڪا تنظيم پڻ ماڻھن ۾ مذھبي پرچار ڪندي آھي. حسين شاھ پھرين پنھنجي ڳوٺ ڊرٻ چانڊيو ۾ درگاھ قائم ڪئي، ان کان پوءِ بلوچستان جي تنبو تعلقي ۾ ھڪ آستانو جوڙيو. ان کان پوءِ حسين شاھ قمبر جي سرھيا پاڙي ۾ رھيو ۽ قمبر ريلوي اسٽيشن لڳ درگاھ حسين آباد قائم ڪيو.[3] [2] غلام حسين شاهه کي 4 پٽن جو اولاد ٿيو، سندس وفات کان پھرين 3 پٽ فوت ٿي ويا، جڏھن ته سندس ٻيو نمبر وڏو پٽ عطاالله شاهه درگاهه جو سجاده نشين ھو.[4] 2013 ۾ ھن جي مٿان جيڪب آباد لڳ دھشتگردن قاتلاڻو حملو پڻ ڪيو، جنھن ۾ سندس پوٽو شفيق شاھ قتل ٿي ويو.[5]
ھي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ 26 جنوري، 2023ع تي وفات ڪري ويو.[6] سندس وفات جي سوڳ ۾ قمبر تعلقي جي تعليمي ادارن کي ھڪ ڏينھن لاءِ بند ڪيو ويو.[7]
وڌيڪ ڏسو
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ "Spiritual leader’s grandson killed in ‘sectarian’ attack". Daily Dawn. February 21, 2013. http://www.dawn.com/news/787590/spiritual-leaders-grandson-killed-in-sectarian-attack.
- ↑ 2.0 2.1 "Cleric targeted in Jacobabad last week teaches only the message of peace". Daily Tribune.com.PK. February 24, 2013. http://tribune.com.pk/story/511776/cleric-targeted-in-jacobabad-last-week-teaches-only-the-message-of-peace/.
- ↑ حسين شاھ مذھبي تعليم حماد اللہ ھاليجوي وٽ پرائي آرڪائيو ڪيا ويا 27 January 2023 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., روزاني ڪاوش (27 January 2023)
- ↑ ناليوارو مذهبي اڳواڻ غلام حسين شاهه قمبر وارو لاڏاڻو ڪري ويو: شهر بند: مريدن ۾ سوڳ آرڪائيو ڪيا ويا 27 January 2023 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., پنھنجي اخبار (27 January 2023)
- ↑ "غلام حسين شاهه تي جيڪب آباد ۾ بم حملو ٿيو هو، سندس پوٽو شهيد ٿي ويو هو". پنھنجي اخبار. https://thetimenews.tv/%d8%ba%d9%84%d8%a7%d9%85-%d8%ad%d8%b3%d9%8a%d9%86-%d8%b4%d8%a7%d9%87%d9%87-%d8%aa%d9%8a-%d8%ac%d9%8a%da%aa%d8%a8-%d8%a2%d8%a8%d8%a7%d8%af-%db%be-%d8%a8%d9%85-%d8%ad%d9%85%d9%84%d9%88-%d9%bf%d9%8a/.
- ↑ web, des (26 January 2023). "ناليوارو مذهبي اڳواڻ غلام حسين شاهه قمبر وارو لاڏاڻو ڪري ويو" (sd ۾). عوامي آواز. عوامي آواز (awamiawaz.pk). https://awamiawaz.pk/1006158/.
- ↑ قمبر وارو سائين حسين شاھ بخاري لاڏاڻو ڪري ويو آرڪائيو ڪيا ويا 27 January 2023 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., روزاني ڪاوش (27 January 2023)