يو سي 16 آبڙي(انگريزي: U C 16 Abri ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قمبر تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي قمبر جي يو سي 5 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 19,619 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل آبڙي ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ابڙا، سانگاھ، تونيا , ميتلا، عباسي، ڳورڙ، پنھور، مغيري، ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ڳوٺ آبڙي، راول مياڻي، الله ڏنو تونيو، دوست محمد ميتلو، لاکو سانگاھ، صاحب خان ڳورڙ, ڳوٺ غلام خان مغيري، ڳوٺ غلام عباس مغيري، ڳوٺ علي خان مغيري، ڳوٺ عبدالله پنھور، ڳوٺ غلام حسين ميتلو، ۽ ٻيا شامل آهن.

آبڙي
يو سي 16 آبڙي
يونين ڪاؤنسل
قمبر تعلقي جي يو سي 5
آبڙي is located in سنڌ
آبڙي
آبڙي
آبڙي is located in Pakistan
آبڙي
آبڙي
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°34′09″N 68°02′32″E / 27.56917°N 68.04222°E / 27.56917; 68.04222مڪانيت: 27°34′09″N 68°02′32″E / 27.56917°N 68.04222°E / 27.56917; 68.04222
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 19,619

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين وحيد احمد عباسي ۽ وائيس چيئرمين سڪندر سانگاھ چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ صاحب خان ڳورڙ جو رسول بخش ڳورڙ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/