يو سي 41 ٺوف چوسول (انگريزي: U C 41 Thoof Chosol) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا سجاول جوڻيجو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي سجاول جوڻيجو جي يو سي 4 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي () آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ٺوف چوسول ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ جتوئي، لغاري، عمراڻي، شر، سانگي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ٺوف چوسول، محبوب جو بنگلو، ڳوٺ الله بخش لغاري، ڳوٺ عمر خان جتوئي، سعيد لغاري، پاريان، ابراھيم جي وانڍ، شامل آهن.

ٺوف چوسول
يو سي 41 ٺوف چوسول
يونين ڪاؤنسل
سجاول جوڻيجو تعلقي جي يو سي 4
ٺوف چوسول is located in سنڌ
ٺوف چوسول
ٺوف چوسول
ٺوف چوسول is located in Pakistan
ٺوف چوسول
ٺوف چوسول
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°42′22″N 68°10′50″E / 27.70611°N 68.18056°E / 27.70611; 68.18056
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو سجاول جوڻيجو تعلقو

ڪائونسل

سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين خالد حسين لغاري ۽ وائيس چيئرمين نثار علي سانگي چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ الله بخش لغاري جو امداد حسين لغاري ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون

سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ، مڊل ۽ سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. اتي پرائمري اسڪول، گورنمينٽ گرلس مڊل اسڪول، گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول واقع آھن. ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت لاءِ ھتي ھڪ بيسڪ ھيلٿ يونٽ واقع آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم

سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون

سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن. رتوديرو قمبر روڊ ٺوف چوسول ڳوٺ منجھان گذري ٿو.

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/