يو سي 26 ڪلر(انگريزي: U C 26 Kalar ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قمبر تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي قمبر جي يو سي 15 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 22,336 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل جو نالو ڪلر ان جي ڪري آھي تہ ھتي جي زمين اڪثر ڪلراٺي آھي. ان يو سي جو صدر مقام ڳوٺ وليداد مغيري آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ڳوٺ ڦل، ڳوٺ خان ، ڳوٺ گل محمد مغيري، ڳوٺ ڄام خان چانڊيو، ڳوٺ خان رسول دايو، ڳوٺ ولي داد مغيري، ڇانگرو، لڪيٽا ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪلر
يو سي 26 ڪلر
يونين ڪاؤنسل
قمبر تعلقي جي يو سي 15
ڪلر is located in سنڌ
ڪلر
ڪلر
ڪلر is located in Pakistan
ڪلر
ڪلر
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°37′08″N 67°57′13″E / 27.61889°N 67.95361°E / 27.61889; 67.95361مڪانيت: 27°37′08″N 67°57′13″E / 27.61889°N 67.95361°E / 27.61889; 67.95361
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 22,336

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين محمد ايوب چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين محمد علي دايو چونڊجي آيا جيڪي آزاد اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ولي داد مغيري جو لياقت علي مغيري ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان آزاد اميدوار طور ميمبر چونڊيو ويو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون گھٽ اپت واريون آھن ۽ يونين ڪاؤنسل جو وڏو علائقو غيرآباد آهي. ھي يو سي غيبي ديرو روڊ ذريعي قمبر شھر سان ڳنڍيل آهي.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/