رانوتي1 رانوتي1 (ديهه/ ڳوٺ): تعلقي قنبر ۾ رانوتي ڳوٺ کي ديهه، تپي، سرڪل ۽ يونين ڪائونسل جي حيثيت حاصل آهي. رانوتي قنبر کان اتر طرف 12 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. هن ڳوٺ جي اولهه ۾ ڳوٺ الهڏنو چانڊيو ۽ حاصلا، اتر ۾ ڳوٺ مبارڪ ڪلهوڙو (تعلقو ميرو خان)، اوڀر ۾ ميڻا، جنجهه ۽ ڏکڻ ۾ ڪوٽ غلام شاهه ۽ پير جو ڳوٺ واقع آهن. روايت آهي ته ’رانوتي‘ چوپائي مال جي واپارڻ هڪ هندو عورت هئي. هتي سندس مال جا وٿاڻ ۽ اناج جا گدام هوندا هئا. هيءَ عورت غالباً مغلن جي وچئين دؤر ۾ 40-1630ع ڌاري هتي پنهنجي خاندان سميت اچي آباد ٿي. هن جي رهائش کان پوءِ هتي ڪلهوڙا آباد ٿيا. جن کي ميان نصير محمد ڪلهوڙي زمينون ڏئي ويهاريو. هنن جا وڏا وڏيرو پريل خان ۽ وڏيرو الهيار خان انگريز دؤر جا وڏا زميندار هئا. سندن زمين رانوتيءَ کان هيٺ امام بخش جماليءَ تائين هوندي هئي. ڪلهوڙن کان پوءِ ٻيون ذاتيون آباد ٿيون. هتي انگريزن هڪ قافلا سراءِ به ٺهرائي هئي، جتي نه رڳو انگريز سرڪار جي گشتي ٽيم قيام ڪندي هئي، پر ڏورانهين منزلن کان سفر ڪندڙ شاهي قافلا به ڊاٻو ڪندا هئا. انگريز سرڪار لاءِ الڳ رهائش هوندي هئي. هتي هڪ جانورن جو ڍڪ به هو، جنهن ۾ سرڪار طرفان هڪ جمعدار مقرر هو. رانوتي روڊ تي انگريزن جا بنگلا ٺهيل آهن، جتي ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر رهندا هئا. هنن بنگلن کي عام طور ’رانوتين جا بنگلا‘ سڏيو وڃي ٿو. انگريز دؤر ۾ هتي تعليم جو رجحان پيدا ٿيو. مسلمانن ۾ تعليم جو شعور نه هجڻ برابر هو. هندو پڙهيل ڳڙهيل هئا ۽ اسڪولن ۾ به هندو استاد مقرر هئا. سياسي حوالي سان به هي ڳوٺ اوائل ۾ ئي ڪافي ترقي پسند رهيو آهي. تحريڪ پاڪستان ۾ به هتان جي ماڻهن جو سٺو ڪردار رهيو. ان وقت هتي مسلم ليگ جو زور هو. وڏيرو غلام محمد ڪلهوڙو ۽ الهيار خان ڪلهوڙو پاڪستان تحريڪ ۾ سرگرم هئا. انگريزن جي دؤر ۾ هن ڳوٺ جا ڪجهه ماڻهو تلوار هلائڻ جا ماهر ۽ پهلوان هئا. واحد بخش عرف واحد ڏنو ڪلهوڙو، بلوچو خان ڪلهوڙو، ڇٽل خان ڪلهوڙو، سوجھرو خان ڪلهوڙو، عمر خان ڪلهوڙو، گل بيگ خان ڪلهوڙو ۽ صفرالدين ڪلهوڙو سٺا تلوار باز ۽ جانٺا جوان ليکبا هئا. مگسين ۽ چانڊين جي هڪ قبيلائي ويڙهه ۾ واحد بخش عرف واحد ڏنو ڪلهوڙو وڙهيو هو، جنهن جي جٿي ۾ ڏهه ماڻهو هئا، پر هن اڪيلي سر مگسين ۽ چانڊين جي ويهارو فردن کي ڪيرائي وڌو هو ۽ طاقتور هئڻ سبب هندن کيس ڳوٺ جو چوڪيدار مقرر ڪيو هو. هن ڪيترا ڀيرا چورن ۽ ڌاڙيلن کي ڀڄائي ڪڍيو هو. رانوتيءَ ۾ انگريزن جي ڏينهن ۾ رات جو گھٽين ۾ فانوس ٻرندا هئا. باقاعدي سينيٽري سسٽم هوندو هو. هر ستين ڏينهن ڀنگي ايندا هئا. هتي جي هندن جا گھڻو ڪري اَن، سون، منيارڪي ۽ وکر جا دوڪان هوندا هئا ۽ گھرن ۾ سندن عورتون ڀرتن جو ڪم ڪنديون هيون، سندن ٺهيل سنڌي ٽوپيون لوڪان لوڪ مشهور هيون. چمڙي رنڱڻ ۽ جُتين ٺاهڻ جو ڪم به ڪندا هئا. فن ۽ ڪلچر جي حوالي کان هن ڳوٺ جي تاريخ سٺي رهي آهي. هتي 1965ع ڌاري اسٽيج ڊرامن جو بنياد پيو. ان وقت جا نوجوان حاجي شمن ڪلهوڙو، حاجي رمضان ڪلهوڙو، دادن هُليو، محبت چانڊيو، ابراهيم ڪلهوڙو، شمس الدين ڪلهوڙو، علي گل ڪلهوڙو ۽ عمر فقير ڪلهوڙو، اسٽيج ڊرامن جا سٺا اداڪار هوندا هئا. ’سهڻي ميهار‘، ’عشق ليلا‘، ’سسئي پنهون‘ ۽ ٻيا ڊراما پيش ٿيا. ولڻ شيخ، گلڻ شيخ ۽ پيرل شيخ ڊرامن ۾ موسيقي ڏيندا هئا. حاجي شمن ۽ حاجي رمضان ليکڪ ۽ هدايتڪار هئا. وريل ڪلهوڙو ۽ علي گل ڪلهوڙو عورتن جا ڪردار ادا ڪندا هئا. مزاحيه ڪردارن ۾ غلام عمر فقير، محبت چانڊيو ۽ شمن چانڊيو خوب پاڻ موکيندا هئا. راضي شيخ، باغ علي ۽ دلمراد شيخ هتان جا مشهور ڳائڻا هئا، يڪتاري، چپڙي، گھڙي، ڍولڪ ۽ ٻين سازن تي ڳائيندا هئا. فتح محمد شاهه ڍولڪ نواز هو. دل مراد شيخ وڏو گويو هو. هتي خدا جا ڀلارا ۽ پير فقير به پنهنجو وارو وڄائي ويا آهن. انگريزن جي ابتدائي دؤر ۾ مصري شاهه بخاري وڏو درويش ۽ الله لوڪ بزرگ هو. سندس مزار موجود آهي، جتي هر سال رمضان جي 5، 6، ۽ 7 تاريخن تي ميلو لڳندو آهي.ھن شھر جو وڏيرو سرائي خميسو خان ڪلھوڙو پنھنجي وقت جو ۽ شھر جو آخري طاقتور شخصيت ھيو جنھن جنرل ايوب جي وقت ڪرايل بي ڊي اليڪشن ۾ چانڊيه ذات جي آڌي سردار رئيس ڀنڀو خان چانڊيو پڻ ھن دلير سکي ۽ زميندار سرائي خميسو خان ڪلھوڙو کان تاريخي شڪست کاڌي. ايڊووڪيٽ شاھد حسين عباسي ڪراچي بار

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين گل حسن مگسي ۽ وائيس چيئرمين عابد حسين سومرو چونڊجي آيا جيڪي آزاد اميدوار ھيا[1]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م جو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ڳوٺ ميرڻ ھليو جو آزاد اميدوار عتيق الله راشدي ميمبرر چونڊيو ويو.

تعليم ۽ صحت جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آھي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جو جو پاڻي ميسر آهي.

حوالا سنواريو

  1. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/