جيئن ابڙو (يو سي)

قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ ھڪ يوسي


يو سي 14 جيئن ابڙو(انگريزي: U C 14 Jeean Abro ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قمبر تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي قمبر جي يو سي 3 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 16,672 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳوٺ جيئن ابڙو ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ابڙا، جاگيراڻي، کھاوڙ، ڳورڙ ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ڳوٺ جيئن ابڙو، ڳوٺ مراد خان جاگيراڻي، ڳوٺ غازي خان کھاوڙ، ڳوٺ ڏتل ابڙو، ڳوٺ رازي ڳورڙ، شامل آهن.

جيئن ابڙو
يو سي 14 جيئن ابڙو
يونين ڪاؤنسل
قمبر تعلقي جي يو سي 3
جيئن ابڙو is located in سنڌ
جيئن ابڙو
جيئن ابڙو
جيئن ابڙو is located in Pakistan
جيئن ابڙو
جيئن ابڙو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°36′54″N 68°01′58″E / 27.61500°N 68.03278°E / 27.61500; 68.03278مڪانيت: 27°36′54″N 68°01′58″E / 27.61500°N 68.03278°E / 27.61500; 68.03278
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 16,672

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين محمد فاروق جاگيراڻي ۽ وائيس چيئرمين سڪندر علي ابڙو چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ جيئن ابڙو جو عامر حسين ابڙو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ۽ مڊل تعليم جي سھولت ميسر آهي. اعتبار خان چانڊيو ڳوٺ م گورمينٽ بوائز ھاء اسڪول ۽ واقع آهي جتي ميٽرڪ تائين تعليم ڏني وڃي ٿي. ھائر ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/