يو سي 18 گٽھڙ(انگريزي: U C 18 Gathar ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قمبر تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي قمبر جي يو سي 7 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 12,400 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ گٽھڙ ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ مغيري، بڙدي، ٻرڙا، ڪلھوڙا، عباسي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ گٽھڙ، ڳوٺ ڀولا ڪلھوڙا، حاجي بھادر خان مغيري، رئيس ھمايون خان مغيري ڳوٺ پيارو مغيري، مريد خان ڳوٺ، شمشير ڳوٺ، ۽ ٻيا شامل آهن.

گٽھڙ
يو سي 18 گٽھڙ
يونين ڪاؤنسل
قمبر تعلقي جي يو سي 7
گٽھڙ is located in سنڌ
گٽھڙ
گٽھڙ
گٽھڙ is located in Pakistan
گٽھڙ
گٽھڙ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°32′46″N 67°58′05″E / 27.54611°N 67.96806°E / 27.54611; 67.96806مڪانيت: 27°32′46″N 67°58′05″E / 27.54611°N 67.96806°E / 27.54611; 67.96806
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 12,400

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين عبدالحفيظ ٻرڙو ۽ وائيس چيئرمين ظفرالله عباسي چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ جو شاھ غازي خان مغيري ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

گٽھڙ ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جيڪو قمبر-وڱڻ روڊ تي اولھ طرف ڏيڍ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. ان جي اتر طرف ھڪ عيدگاھ پڻ واقع آهي. ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/