يو سي 39 عرضي ڀٽو (انگريزي: U C 39 Arzi Bhutto) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا سجاول جوڻيجو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي سجاول جوڻيجو جي يو سي 2 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 13,081 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ عرضي ڀٽو ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ڀٽا، مھيسر، جروار، ڪلھوڙا، ساريا، جلباڻي، ڀنگر، لولائي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ڳوٺ عرضي ڀٽو، ڳوٺ بخشو ساريو، ڇانگو، ڳوٺ گل ڪلھوڙو، ڳوٺ دين محمد جلباڻي، ڳوٺ پانڌي خان جروار، ڳوٺ سلطان ڀنگر، ڳوٺ غلام محمد مھيسر شامل آهن.

عرضي ڀٽو
يو سي 39 عرضي ڀٽو
يونين ڪاؤنسل
سجاول جوڻيجو تعلقي جي يو سي 2
عرضي ڀٽو is located in سنڌ
عرضي ڀٽو
عرضي ڀٽو
عرضي ڀٽو is located in Pakistan
عرضي ڀٽو
عرضي ڀٽو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°49′04″N 68°08′37″E / 27.81778°N 68.14361°E / 27.81778; 68.14361مڪانيت: 27°49′04″N 68°08′37″E / 27.81778°N 68.14361°E / 27.81778; 68.14361
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو سجاول جوڻيجو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 13,081

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين عبدالوھاب ۽ وائيس چيئرمين نورالله چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ پانڌي خان جروار جو غلام اڪبر جروار ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن. رتوديرو- گوادر ھاء وي ھن يو سي مان گذري ٿو

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/