پير تراب علي شاھ

پير تراب علي شاهه راشدي خلافت تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن، پير تراب علي شاهه ولد پير عبدالله شاهه راشدي، قنبر علي خان ۾ 5 ذوالقعد 1274ھ مطابق 2 نومبر 1857ع تي ڄائو. پيري مريديءَ وارو مڙس هو، ۽ محمدي شريعت جو پابند ۽ اسلام جو سچو خادم هيو. ديسي تهذيب کي فوقيت ڏيڻ ۾ فخر سمجهيائين. ملڪ جي آزاديءَ ۽ اسلام جي سربلنديءَ لاءِ آزادي جي اڳواڻن ۾ شامل ٿيو. انگريزن جي کـُلم کــُلا مخالفت ڪيائين، خاص ڪري ”خلافت تحريڪ“ ۾ سندس ڪردار لڪل نه آهي. تاريخ 2 شوال 1357ھ 17 مارچ 1938ع تي قنبر ۾ وفات ڪيائين (2). هڪ اندازي موجب وٽس ڪتابن جو وڏو تعداد ايڪويهه سوَن کان مٿي هيو. وفات وقت گهڻي ڀاڱي ضايع ٿي ويا. سادو رهڻ، سادو کائڻ ۽ سادو پهرڻ سندن مشغلي ۾ شامل هو. امير جي ڀيٽ ۾ غريب جي ضمير کي صاف ۽ اُجرو سمجهي، سندس وفاداريءَ کي بي غرض ۽ پائدار سمجهندو هو، انهيءِ ڪري پڇاڙي تائين غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ مسڪينن جو مددگار ٿي رهيو . چوڻ ۾ اچي ٿو ته اڪثر ڪري پاڻ سان قرآن شريف گڏ رکندو هو. ان کان علاوه گهر هجي يا سفر ۾، پاڻ سان ڪونه ڪو ڪتاب ضرور کڻندو هو. ڪجهه وقت ”الرشيد“ رسالو به ڪڍيائين. سندس اَستاد ۽ سهري، عمدة العلماءُ مولانا غلام صديق ميڪڻ شهداد ڪوٽي رح (1842ع - 1905ع) جو مٿس وڏو اَثر رهيو.[1]

حوالا سنواريو

  1. لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا-- ميمڻ عبدالغفور سنڌي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ