يو سي 9 کبڙ(انگريزي: U C 9 Khabar ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا ميروخان تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي ميروخان جي يو سي 4 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳوٺ کبڙ ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ کوسا، مگسي، بروھي ۽ ٻيا شامل آھن.

کبڙ
يو سي 9 کبڙ
يونين ڪاؤنسل
ميروخان تعلقي جي يو سي 4
کبڙ is located in سنڌ
کبڙ
کبڙ
کبڙ is located in Pakistan
کبڙ
کبڙ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°39′46″N 67°46′55″E / 27.66278°N 67.78194°E / 27.66278; 67.78194مڪانيت: 27°39′46″N 67°46′55″E / 27.66278°N 67.78194°E / 27.66278; 67.78194
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو ميروخان تعلقو

يو سي جا ڳوٺ سنواريو

ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ کبڙ (پراڻو)، بھلم، ڳوٺ ولي ڏنو کوسو ، ڳوٺ موليڏنو کوسو ڳوٺ ميران ماڇي, ڳوٺ خيرو گاڏھي ۽ ڳوٺ پانڌي کوسو، ٽڳڙ، لنگھو، قاضي، ڦولڙو، شامل آهن[2].

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين بدرالدين کوسو ۽ وائيس چيئرمين گل محمد مگسي چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[3]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ کبڙ جو شبير احمد مگسي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.

تعليم ۽ صحت جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. ھتي سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت جي سھولتن جو پڻ فقدان آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جع جو پاڻي ميسر آهي.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://www.scribd.com/doc/129529996/The-Villages-Directory-District-Kamber-Shahdadkot-Sindh-Pakistan-2013-
  3. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/