نواب شبير چانڊيو (يو سي)

قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو


يو سي 22 نواب شبير چانڊيو(انگريزي: U C 22 Nawab Shabir Chandio ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قمبر تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي قمبر جي يو سي 11 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل جو نالو نواب شبير احمد چانڊيو جي نالي سان منصوب ڪيل آهي جيڪو قمبر ضلعي جو پھريون ناظم ۽ سابق ايم اين اي ھيو. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ چانڊيا، مغيري، جاگيراڻي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ڳوٺ لونگ خان مغيري، باغ جاگيراڻي، ڳوٺ رئيس محمد فائق، بٺي لشڪر چانڊيو، ڳوٺ مولوي در محمد چانڊيو شامل آهن.

نواب شبير چانڊيو
يو سي 22 نواب شبير چانڊيو
يونين ڪاؤنسل
قمبر تعلقي جي يو سي 11
نواب شبير چانڊيو is located in سنڌ
نواب شبير چانڊيو
نواب شبير چانڊيو
نواب شبير چانڊيو is located in Pakistan
نواب شبير چانڊيو
نواب شبير چانڊيو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°41′23″N 68°04′43″E / 27.68972°N 68.07861°E / 27.68972; 68.07861مڪانيت: 27°41′23″N 68°04′43″E / 27.68972°N 68.07861°E / 27.68972; 68.07861
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
ٿاڻو غيبي ديرو ٿاڻو
آبادي (2017)
 • ڪل 20,640

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين فدا حسين چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين لياقت علي چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م قمبر جو نوابزاده ريحان چانڊيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/