احمد سلطان چانڊيو
سردار احمد سلطان چانڊيو، چانڊيا قبيلي جو سردار، 17 مئي، 1937ع تي، غيبي ديري، لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. نواب غيبي خان جو پوٽو هو، جنھن احمد سلطان جي تعليم ۽ تربيت لاءِ علامہ علي خان ابڙي کي اتاليق مقرر ڪيو. نواب غيبي خان پنھنجي پڳ پٽ کي ڏيڻ بدران سڌي طرح پوٽي ڏانهن منتقل ڪئي. پھري دفعا سال 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. سال 1962ع ۾ لاڙڪاڻي مان اولھ پاڪستان (ون يونٽ) اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. سال 1956ع ۾ ٻيھر ساڳئي تڪ مان ڪامياب ٿيو. سال 1970ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ لاءِ لاڙڪاڻي مان آزاد اميدوار جي حيثيت سان چونڊ وڙهيو، پر پيپلزپارٽيءَ جي اميدوار کان چار سئو ووٽن تان هارائي ويو. چونڊن کان پوءِ ڀُٽي صاحب جي حڪومت کيس نظربند ڪري ڇڏيو.[1]
15 سيپٽمبر، 1976ع تي سردار احمد سلطان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ 1977ع وارين چونڊن ۾ پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪٽ تي بنا مقابلي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. ڀُٽي صاحب جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ مارشل لا حڪومت کيس ڪوڙن پاسپورٽن ۽ ڪوڙين ويزائن ٺاهڻ جي ڏوھه ۾ ٻہ سال سخت پورهئي سان قيد ۽ پنج لک روپيا ڏنڊ جي سزا ڏني. سال 1985ع جي عام چونڊن ۾ بنا مقابلي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. صوبائي اسيمبليءَ ۾ اختر علي جي.قاضي جي وڏ وزارت دوران ڪجهہ عرصو وزير بہ رهيو. 24 جنوري، 2000ع تي 66 سالن جي ڄمار ۾ دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪيائين.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 "احمد سلطان چانڊيو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-06-04.