يو سي 50 ميانداد چنجڻي (انگريزي: U C 50 Miandad Chinjni) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا , نصيرآباد تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي نصيرآباد جي يو سي 4 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 11,529 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ميانداد چنجڻي ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي جنھن ابادي 2,586 آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ چنجڻي، ڏيپر، کوسا، جلباڻي، کھاوڙ، جتوئي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ ميان داد چنجڻي، ڳوٺ فريد احمد جتوئي، ڳوٺ غازي خان جلباڻي، ڳوٺ خان محمد کھاوڙ, آدي لاشاري شامل آهن.

ميانداد چنجڻي
يو سي 50 ميانداد چنجڻي
يونين ڪاؤنسل
نصيرآباد تعلقي جي يو سي 4
ميانداد چنجڻي is located in سنڌ
ميانداد چنجڻي
ميانداد چنجڻي
ميانداد چنجڻي is located in Pakistan
ميانداد چنجڻي
ميانداد چنجڻي
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°16′37″N 67°50′41″E / 27.27694°N 67.84472°E / 27.27694; 67.84472مڪانيت: 27°16′37″N 67°50′41″E / 27.27694°N 67.84472°E / 27.27694; 67.84472
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو نصيرآباد تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 11,529

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين علي محمد ڏيپر ۽ وائيس چيئرمين منصف علي کھاوڙ چونڊجي آيا جيڪي آزاد اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ مينھون ڏيپر جو محمد ذاھد ڏيپر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو آزاد اميدوار ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/