مولانا نور محمد صاحب جي ولادت شهر ڪنڊي، علائقي ڀاڳناڙي، رياست قلات بلوچستان ۾ ٿي. سندس ولادت جي تاريخ معلوم نه آهي.

نورمحمد ميڪڻ
شھدادڪوٽي
سنڌ ۽ بلوچستان جو قادري سلسلي جو عالم دين، رياست قلات جو چيف قاضي
نسل *مولانا ميان گل محمد ميڪڻ
  • مولانا ميان غلام صديق ميڪڻ
پورو نالو
مولانا ميان نورمحمد ميڪڻ شھدادڪوٽي
گهراڻو ميڪڻ
جنم ڪنڊي، ڀاڳناڙي، قلات رياست
لاڏاڻو 12 ذوالحج1296ھ ۾ 90 سال جي عمر ۾
شھدادڪوٽ
تدفين شھدادڪوٽ
مذھب اسلام

احوال زندگي سنواريو

پاڻ تحصيل علم پنهنجيڳوٺ ڪنڊي ۾مولانا عبدالحليم صاحب جي درسگاهه ۾ ڪيائون. تحصيل علم کان پوءِ، سندن پهريون وقت پنهنجي ڳوٺ ۾ عربي تعليم ڏيڻ ۾ گذريو. عمر جو پويون وقت، خان قلات (خان خداداد خان) جا قاضي ٿيا. باقي عرصو اتان لڏي، سرائي پير بخش کهاوڙ جي اصرار تي اچي، شهر شهدادڪوٽ ۾ رهيا، جتي اچي درسگاهه کوليائون، ۽ وٽن سنڌ ۽ بلوچستان جا تشنگان علم اچي علمي فيض حاصل ڪندا رهيا. ان ئي درسگاهه مان قدوة العارفين، زبد السالڪين، حضرت مولانا غلام صديق عليہ رحمة (سندن ننڍا صاحبزادا) گوهر شهوار پيدا ٿيا، ۽ پڻ ٻيا ڪيترائي صاحب دستاربنديءَ کان سرفراز ٿيا، جن مان چند نالا سنڌ جي معروف علماءَ ڪرام جا هيٺ ڏجن ٿا: 1 – مولانا مخدوم محمد قريشي صاحب، ڳوٺ ٻير، ڊويزن قنبر، ضلعو لاڙڪاڻو؛ 2-مولانا نور محمد صاحب ڀٽي، ميرپور بي بي، علائقو ڀاڳناڙي؛ 3- مولانا حاجي احمد صاحب بوهڙ، ڳوٺ بوهڙ، تعلقو قنبر، ضلعو لاڙڪاڻو؛ 4- مولانا گل محمد صاحب شهدادڪوٽي (سندن وڏو صاحبزادو)؛ 5-ميان غلام صديق صاحب (سندن ننڍو صاحبزادو)، جنهن جي درگاهه شريف شهدادڪوٽ ۾ آهي؛ 6- حضرتسيد پير بخش شاهه حڪيم پير ڳوٺ راشدي (نئون ديرو، ضلعو لاڙڪاڻو)؛ 7-مولانا حاجي احمد صاحب ”حلوي“، شهر ملان ابڙو، ضلعو لاڙڪاڻو؛ 8-مولانا محمد حسن صاحب، شهر جوهي، ضلعو دادو؛ 9- مجاهد اسلام، حاجي مولانا تاج محمد شاهه عليہ الرحمة، امروٽ شريف؛ 10- مولانا مولوي محمد هاشم صاحب، ڳڙهي ياسين، ضلعو سکر، وغيره. سندن همعصر علماء عظام مان، جناب حضرتمولانا عبدالرحمان صاحب (سکر) ۽ جناب فيض مآب حضرت مولانا محمد يعقوب صاحب ”همايوني“ (سکر) جا نالا قابل ذڪر آهن، جن سان سندن ڪافي تعلق ۽ لاڳاپو هو. سندن طريقت جو سلسلو قادري، جناب حضرت ميان محمد حسن صاحب ڪٽباري رحه (تحصيل لهڙي، رياست قلات) سان وابسته هو. پاڻ 12 ذوالحج 1296 هجريءَ تي، نوي ورهين جي ڄمار ۾، وفات ڪيائون ۽ شهر شهدادڪوٽ ۾ - جتي هينئر سندس صاحبزادي ميان غلام صديق رحمة الله عليہ جن جي درگاهه فيض آثار آهي – دفن ٿيا. سندن ڪا خاص تصنيف ۽ تاليف ڪانه آهي، مگر سندس ڪتبخاني جي سڀني عربي درسي ڪتابن تي قلمي حاشيا لکيل آهن، جي نهايت قيمتي آهن. سندن زبان يا ٻولي سنڌي ۽سرائڪي هئي.[1]

حوالا سنواريو

  1. عبدالرؤف ڪنڊوي--مرحوم مولانا نُور محمد شهدادڪوٽي رسالو:مهراڻ سوانح نمبر 1990 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ