يو سي 15 ڇڄڙا(انگريزي: U C 15 Chhjra ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قمبر تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي قمبر جي يو سي 4 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 22,873 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳوٺ ڇڄڙا ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي جنھن جي آبادي 6416 آھي. ڇڄڙا ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ قمبر شھر واقع آهي ۽ اتر ۾ نور واھ وھي ٿو . ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ چانڊيا ، ڀثا، مغيري، ڇڄڙا، بروھي، حاصلا، وڌا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ڳوٺ ڇڄڙا ، ڏاتو جي وانڍ، ڪجلو خان مغيري، ڳوٺ جمعو خان بروهي، جمعو خان چانڊيو، وڌا ڳوٺ شامل آهن.

ڇڄڙا
يو سي 15 ڇڄڙا
يونين ڪاؤنسل
قمبر تعلقي جي يو سي 4
ڇڄڙا is located in سنڌ
ڇڄڙا
ڇڄڙا
ڇڄڙا is located in Pakistan
ڇڄڙا
ڇڄڙا
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°37′02″N 67°59′42″E / 27.61722°N 67.99500°E / 27.61722; 67.99500مڪانيت: 27°37′02″N 67°59′42″E / 27.61722°N 67.99500°E / 27.61722; 67.99500
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
ٿاڻو قمبر ٿاڻو
آبادي (2017)
 • ڪل 22,843

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين نورالدين ڀٽو ۽ وائيس چيئرمين ارشد علي ميمڻ چونڊجي آيا جيڪي آزاد اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ڇڄڙا جو ياسر عرفات ڀٽو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ۽ مڊل تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھي يو سي قمبر شھر جي لاڙڪاڻي شھدادڪوٽ روڊ واري باء پاس لڳ واقع آهي. ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/