يو سي 34ڪلر (انگريزي: U C 37 Kalar) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا وارھ تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي وارھ جي يو سي 10 پڻ چوندا آهن جيڪا ڪلر ۽ نواب ڪلهوڙو ديهن تي مشتمل آھي ان جي ڪل آبادي 12300 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل جو نالو ڪلر ان ڪري پيل اھي تہ اتان جون زمينون ڪلراٺيل ۽ غيرآباد آهن. ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ چانڊيا،بروهي ڪلھوڙا، کھاوڙ، لاشاري، گرگيج، ، ٻرڙا،ڪنڀر ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ، ڳوٺ محمد لائق چانڊيو، ڳوٺ گل ٻرڙو، ڳوٺ خير محمد کھاوڙ،ڳوٺ رئيس نظير حسين راڌاڻي،ڳوٺ ظفرآباد، ڳوٺ رتو ڪلهوڙو،ڳوٺ خميسو ڪلهوڙو،ڳوٺ بشارت ڪلهوڙو، ڳوٺ ميد شھيد، ڳوٺ نورل گاڏھي،ڳوٺ انور آباد،ڳوٺ محمد آباد وڪا،غلام رسول بروهي ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪلر
يو سي 34 ڪلر
يونين ڪاؤنسل
وارھ تعلقي جي يو سي 10
ڪلر is located in سنڌ
ڪلر
ڪلر
ڪلر is located in Pakistan
ڪلر
ڪلر
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°28′32″N 67°47′09″E / 27.47556°N 67.78583°E / 27.47556; 67.78583مڪانيت: 27°28′32″N 67°47′09″E / 27.47556°N 67.78583°E / 27.47556; 67.78583
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 8,700

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين مغل خان لاشاري ۽ وائيس چيئرمين ھوت خان گرگيج چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ محمد لائق چانڊيو جو طارق حسين چانڊيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويا هئا جن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو. 2022 جي بلدياتي اليڪشن ۾ رئيس طارق حسين چانڊيو بنا مقابلي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين تي رحيم بخش بروهي ڪامياب ٿيا ۽ ضلعي ڪائونسل ميمبر تي اعجاز علي ڪلهوڙو ڪامياب ٿيو جن جو تعلق پاڪستان پيپلز پارٽي سان آھي.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون گھٽ اپت واريون آھن.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/