يو سي 44 ھزار واھ (انگريزي: UC 44 Hazar wah) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قبو سعيد خان تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي قبو سعيد خان جي يو سي 1 پڻ چوندا آهن جيڪا بلوچستان واري سرحد تي واقع آهي. ان جي ڪل آبادي 4,682 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل جو نالو ھڪ واھ ي نالي تي پيل آھي جيڪو بلوچستان جي استاد محمد ضلعي کان جيڪب آباد ضلعي ۾ داخل ٿي ڳڙھي خيرو شھر کان گذرندي ھن يو سي مان وھي ٿو. ان واھ جو نالو ھزار واھ آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ مگسي، کوسا، بروھي، جمالي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ھزار واھ، ڳوٺ قادر بخش مگسي، ڳوٺ وريل خان جمالي، ڳوٺ گل حسن بروھي، ڳوٺ نبي بخش بروهي، ڳوٺ بھادر خان مگسي، ڳوٺ امام بخش بروهي، ڦلائي، صادق، شاھ وسايو ۽ ٻيا شامل آهن.

ھزار واھ
يو سي 44 ھزار واھ
يونين ڪاؤنسل
قبو سعيد خان تعلقي جي يو سي 1
ھزار واھ is located in سنڌ
ھزار واھ
ھزار واھ
ھزار واھ is located in Pakistan
ھزار واھ
ھزار واھ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°56′05″N 67°52′43″E / 27.93472°N 67.87861°E / 27.93472; 67.87861مڪانيت: 27°56′05″N 67°52′43″E / 27.93472°N 67.87861°E / 27.93472; 67.87861
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قبو سعيد خان تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 4,682

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين ظفرالله بروھي ۽ وائيس چيئرمين نويد احمد جمالي چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ قادر بخش مگسي جو مير حسن مگسي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ڪنھن ڪنھن ھنڌ ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اڪثر غير آباد آھن. پاڻي جي قلت ڪري ھتي زرخيزي ڪانھي.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/