يو سي 29 لالو رائنڪ (انگريزي: U C 29 Lalu Raink ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا وارھ تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي وارھ جي يو سي 2 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 34,144 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ لالو رائنڪ ھڪ ننڍڙو شھر آھي جنھن جي آبادي 16,857 آھي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ تونيا، پيچوھا، مغيري، ماڇي، سولنگي، وڪا، جج ، بليدي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ لالو رائنڪ، پيچوھا، ڳوٺ خير محمد وڪو، ڳوٺ ڌڱاڻو ماڇي، ڳوٺ مصري جج, بستي نوران، بستي خدامان، بستي مومنان، بستي چڪلال، ڀولا ڪوٽ، قمبر ڪوٽ، گوھر ڳوٺ ۽ ٻيا شامل آهن.

لالو رائنڪ
يو سي 29 لالو رائنڪ
يونين ڪاؤنسل
وارھ تعلقي جي يو سي 2
لالو رائنڪ is located in سنڌ
لالو رائنڪ
لالو رائنڪ
لالو رائنڪ is located in Pakistan
لالو رائنڪ
لالو رائنڪ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°28′54″N 67°54′31″E / 27.48167°N 67.90861°E / 27.48167; 67.90861مڪانيت: 27°28′54″N 67°54′31″E / 27.48167°N 67.90861°E / 27.48167; 67.90861
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو
ٿاڻو لالو رائنڪ ٿاڻو
آبادي (2017)
 • ڪل 34,144

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين امير علي مغيري ۽ وائيس چيئرمين مجيد علي تونيو چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ مڪلاڻي جو لھڻو خان بليدي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن. لالو رائنڪ شهر ۾ مھتاب شاھ جو مقبرو پڻ واقع آهي. ھن يو سي ۾ سارين جا ڪارخانا پڻ واقع آھن جن ۾ النور رائس مل شامل آھي.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/