بلوچستان، پاڪستان

پاڪستان جو صوبو

بلوچستان(انگريزي: Balochistan) /bəˌlɪˈstɑːn/ ايراضي جي لحاظ کان پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو صوبو آهي. بلوچستان ۾ هڪ ننڍي پيماني تي گوادر بندر گاه آهي، بلوچستان ۾ معدني وسيلا تمام گھڻا آهن. ھتي سياري ۾ سخت سيءُ ۽ اونھاري ۾ سخت گرمي ٿيندي آھي. انتظامي طور بلوچستان ڊويزنن ۽ ضلعن ۾ ورهايل آهي.

بلوچستان
بلوچستان
صوبو
بلوچستان
جھنڊو
بلوچستان
مھر
پاڪستان جي نقشي ۾ بلوچستان ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل
پاڪستان جي نقشي ۾ بلوچستان ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 27°42′N 65°42′E / 27.7°N 65.7°E / 27.7; 65.7
ملڪ  پاڪستان
قيام 14 آگسٽ 1947
صوبائي گادي جو هنڌ ڪوئيٽا
وڏي ۾ وڏو شھر ڪوئيٽا
ذيلي ورھاستون
حڪومت
 • قسم صوبائي حڪومت
 • مجلس بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي
 • گورنر امان الله خان ياسين زئي(2018) [1]
 •  وزير اعلیٰ ڄام ڪمال خان(2018)
 • چيف سيڪريٽري اختر نذير (2018)
 • انسپيڪٽر جنرل پوليس محسن حسن بٽ
 • بلوچستان اسيمبلي ھڪ ايواني (65 سيٽون)
پکيڙ
 • ڪل 347,190 ڪ.م2 (134,050 ميل2)
آبادي (2017)[2][3]
 • ڪل 12,344,408
بلوچستان جا صوبائي نشان (غير سرڪاري)
صوبائي جھنڊو
صوبائي مھر
صوبائي جانور
صوبائي پکي
صوبائي وڻ
صوبائي گل

ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان اڳ بلوچستان چئن پرنسلي اسٽيٽس تي مشتمل ھيو جن م قلات، لسٻيلو، خاران ۽ مڪران شامل ھيون جن مان لسٻيلي ۽ خاران جون رياستون انگريزن خان آف قلات جي اختيار ھيٺ رکيون ھيون[5]. پاڪستان ٺھڻ بعد قائداعظم جي خواهش ھئي تہ خان آف قلات ٻين رياستن وانگر پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاء معاھدو ڪري. خان نالي ماتر خودمختياري تان دستبردار ٿيڻ نہ پئي چاھيو پر ھو دفاع، پرڏيهي معاملن ۽ مواصلات جي حد تائين پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاء تيار ھيو[5]. جناح 15 فيبروري 1948ع تي سبي جو دورو ڪيو۽ شاھي درٻار ۾ خطاب دوران اعلان ڪيو ته ھي ٻن سالن اندر آئين جي تيار ٿيڻ تائين صوبي تي پنھنجي جوڙيل صلاحڪاري ڪائونسل جي مدد سان حڪومت ھلائيندو[5]. 21 فيبروري 1948ع تي قلات جي دارالعوام جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ پاڪستان م شامل نہ ٿبو پر مستقبل جي تعلقات واري معاھدي لاءِ مذاڪرات جاري رکبا[5]. 18 مارچ 1948ع م خاران، لسٻيلو ۽ مڪران پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو جنھن تي خان آف قلات اعتراض ڪيو[5]. 26 مارچ 1948 تي پاڪ فوج کي پسني، جيواني ۽ تربت واري بلوچ ساحلي علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو حڪم مليو. پاڪ فوج قلات ۾ داخل ٿي ۽ خان آف قلات کان پاڪستان م شامل ٿيڻ جي معاھدي تي صحيح ورتي وئي[5]. ورھاڱي کان 227 ڏينھن بعد تائين بلوچستان م قلات جي الڳ رياست ھئي جنھن جو ڪراچي م سفارتخانو پڻ ھيو جنھن ۾ سفير پڻ مقرر ٿيل ھو[5].

بلوچستان جي انتظامي ورھاست

سنواريو

ڊويزنل ورھاست

سنواريو

بلوچستان صوبو 6 انتظامي ڊويزنن ۾ تقسيم ٿيل آھي جيڪي ھرھڪ: ڪوئٽا، قلات، ژوب، نصيرآباد، مڪران ۽ سبي آھن.
بلوچستان جون ڊويزنون ۽ ضلعا

انتظامي ڊويزن ضلعا
قلات ڊويزن قلات, آواران، خاران، خضدار(ڊويزنل صدر مقام)، لسٻيلا، مستونگ، شھيد سڪندرآباد ۽ واشڪ
مڪران ڊويزن گوادر, ڪيچ(ڊويزنل صدر مقام) ۽ پنجگور
نصيرآباد ڊويزن جعفرآباد،نصيرآباد, ڪڇي، صحبتپور ۽ جھل مگسي
ڪوئيٽا ڊويزن ڪوئيٽا(ڊويزنل صدر مقام), چاغي، قلعہ عبدالله، پشين ۽ نوشڪي
سبي ڊويزن سبي(ڊويزنل صدر مقام)، ڪوھلو، زيارت، ڊيرا بگٽي، ھرنائي ۽ لھري
ژوب ڊويزن ژوب(ڊويزنل صدر مقام)، موسیٰ خیل،بارخان، قلعہ سيف الله،لورالائي،شيراني ۽ دوڪي

بلوچستان جا ضلعا

سنواريو
ضلعا تحصيلون
قلات ضلعو قلات تعلقو، منگچر تعلقو جوھان تعلقو ۽ گاگز تعلقو
آواران ضلعو ماشڪئي تعلقو، آواران تعلقو ۽ جھل جھائو تعلقو
خاران ضلعو خاران تعلقو، ناگ، وسوق ۽ بسیمہ تعلقو
خضدار ضلعو خضدار تعلقو، وڍ تعلقو، مولا تعلقو، نال تعلقو ۽ زھري تعلقو
لسٻيلو ضلعو لسٻيلو تعلقو، اٿل تعلقو، ڪنراج تعلقو، لاکڙا تعلقو ۽ لیاري تحصیل
حب ضلعو حب تعلقو،سونمياڻي تعلقو، گڊاني تعلقو، ساڪران تعلقو ۽ دریجي تعلقو
مستونگ ضلعو مستونگ تعلقو، دشت تعلقو، کڏڪوچھہ تعلقو ۽ ڪردگاپ تعلقو
شھيد سڪندر آباد ضلعو سوراب تحصيل
واشڪ ضلعو واشوڪ ۽ ماشکيل تعلقو
گوادر ضلعو گوادر تعلقو، اورماڙا تعلقو، پسني تعلقو، جیواني تعلقو ۽ سنتسار تحصيل
ڪيچ ضلعو تربت تعلقو، بلیدہ تعلقو، زامران تعلقو، تمپ تعلقو، مند تعلقو ۽ دشت تعلقو
پنجگور ضلعو پنجگور تعلقو، گوارگو، گچڪ ۽ پاروم تعلقو
نصير آباد ضلعو ڊيرا مراد جمالي تعلقو،نصيرآباد تعلقو، تمبو تعلقو، ڇتر تعلقو ۽ بابا ڪوٽ تعلقو
جعفر آباد ضلعو جھٽ پٽ (ڊيرا اللہ یار) تعلقو ۽ جعفر آباد تعلقو
صحبت پور ضلعو صحبتپور تعلقو، مانجھي پور، ھائردين ۽ فريد آباد تعلقو
ڪڇي ضلعو ڪڇي تعلقو، ڀاگ تعلقو، ڍاڍر تعلقو، مڇ تعلقو، سني تعلقو ۽ ختن تعلقو
جھل مگسي ضلعو جھل مگسي تعلقو۽ گنداواھہ تعلقو
ڪوئيٽا ضلعو ڪوئيٽا شھر تعلقو، پنجپائي ۽ چلتن تعلقو
چاغي ضلعو دالبندين تعلقو، چاغي تعلقو، دڪ تعلقو، نوڪنڊي تعلقو ۽ تفتان تعلقو
قلعو عبدالله ضلعو قلعہ عبدالله، گلستان ۽ دوبندي تعلقو
چمن ضلعو چمن شھر تعلقو ۽ چمن صدر تعلقو
نوشڪي ضلعو نوشڪي تعلقو
پشين ضلعو پشین تعلقو، حرمزئي، شایستہ برشور، بوستان، ڪاریزات ۽ سرانان تعلقو
سبي ضلعو سبي تعلقو، شاھرگ، لھڙي ۽ ڀاگ تعلقو
خضدار ضلعو خضدار تعلقو
ڪوھلو ضلعو ڪوھلو، ميوند ۽ ڪاھان تعلقو
ھرنائي ضلعو ھرنائي تعلقو
ڊيرا بگٽي ضلعو ڊيرا بگٽي، سئي، ڦلاواغ ۽ پيرڪوھ تعلقو
اوستا محمد ضلعو اوستا محمد ۽ گنداواھہ تعلقو
زيارت ضلعو زيارت تعلقو ۽ سنجاوي تعلقو
زوب ضلعو زوب تعلقو، قمر دين ڪاريز، سمبازا، ڪاڪڙ خراسان ۽ اشيوات تعلقو
موسيٰ خيل ضلعو موسي خيل تعلقو
برکان ضلعو بارکان تعلقو
قلعو سيف الله ضلعو قلعو سيف الله تعلقو ۽ مسلم باغ تعلقو
دڪي ضلعو دڪي تعلقو
شيراني ضلعو شيراني تعلقو
لورالائي ضلعو لورالائي تعلقو
  1. Retired justice Amanullah Khan Yasinzai appointed Balochistan governor, The Express Tribune, 3 October 2018.
  2. "DISTRICT WISE CENSUS RESULTS CENSUS 2017" (PDF). www.pbscensus.gov.pk. وقت 29 August 2017 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. 
  3. "Pak population increased by 46.9% between 1998 and 2011". The Times of India. وقت 29 January 2016 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 January 2016. 
  4. "SOCIAL DEVELOPMENT IN PAKISTAN ANNUAL REVIEW 2014–15" (PDF). SOCIAL POLICY AND DEVELOPMENT CENTRE. حاصل ڪيل 26 March 2017. 
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 5.4 5.5 5.6 [ https://nation.com.pk/05-Dec-2015/how-balochistan-became-a-part-of-pakistan-a-historical-perspective]