يو سي 38 ڌڱاڻو مھيسر (انگريزي: U C 38 Dhingano Mahesar) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا سجاول جوڻيجو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي سجاول جوڻيجو جي يو سي 1 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 14,752 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڪوٽ لال بخش مھيسر ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ مھيسر، گوپانگ ، تونيا، ديناري، جلباڻي، لوڪ، ٽانوري، ڌامراھا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ڪوٽ لال بخش مھيسر، ڳوٺ حيات خان گوپانگ، ڦلاري، ڳوٺ بھادر ڀنڊ، ڳوٺ جيئند لوڪ، ڳوٺ عالم خان گوپانگ، فتح خان ڌامراھو، ڳوٺ محمد ٽانوري شامل آهن.

ڌڱاڻو مھيسر
يو سي 38 ڌڱاڻو مھيسر
يونين ڪاؤنسل
سجاول جوڻيجو تعلقي جي يو سي 1
ڌڱاڻو مھيسر is located in سنڌ
ڌڱاڻو مھيسر
ڌڱاڻو مھيسر
ڌڱاڻو مھيسر is located in Pakistan
ڌڱاڻو مھيسر
ڌڱاڻو مھيسر
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°52′49″N 68°07′49″E / 27.88028°N 68.13028°E / 27.88028; 68.13028مڪانيت: 27°52′49″N 68°07′49″E / 27.88028°N 68.13028°E / 27.88028; 68.13028
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو سجاول جوڻيجو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 14,752

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين آفتاب علي گوپانگ ۽ وائيس چيئرمين اختر علي لوڪ چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ڪوٽ لال بخش مھيسر جو خير محمد خان مھيسر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/