مير پور (يو سي)
يو سي 35 ميرپور (انگريزي: U C 35 Mirpur) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا وارھ تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي وارھ جي يو سي 8 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 10,317 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ميرپور ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي جنھن جي آبادي 1,829 آھي . ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ چانڊيا، چولياڻي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ نانگ دڙو (آبادي 3,468) ، سنھاري(آبادي 2,998) ، ٺيٺ (آبادي 2,022)، ڳوٺ پنجو خان چولياڻي، ڳوٺ ڪرم الله چانڊيو ، ڪوٽ سرور، ڳوٺ الله رکيو چولياڻي، ڳڙهي جاگير ، ڳوٺ آنڌل خان ۽ ٻيا شامل آهن.
ميرپور يو سي 35 مير پور | |
---|---|
يونين ڪاؤنسل | |
وارھ تعلقي جي يو سي 8 | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°43′54″N 67°46′34″E / 27.73167°N 67.77611°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شھدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | وارھ تعلقو |
آبادي (2017) | |
• ڪل | 10,317 |
ڪائونسل
سنواريويونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين طارق حسين چولياڻي ۽ وائيس چيئرمين ڪرم الله چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م قمبر جي چانڊيا ھائوس جو برھان خان چانڊيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.
صحت ۽ تعليم جون سهولتون
سنواريوھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
سنواريوڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
سنواريوھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي جنھن جي بہ ڪافي کوٽ آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون گھٽ اپت واريون، ۽ گھڻي ڀاڱي غير آباد آھن.
حوالا
سنواريو- ↑ ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
- ↑ https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/