وارھ تعلقو يا وارہ تعلقو {{ٻيا نالا|انگريزي= Taluka Warah پاڪستان جي صوبي سنڌ جي قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جو ھڪ تعلقو جنھن جو ھيڊ ڪوارٽر يا صدر مقام وارھ شھر آھي ھن جي نالي تي ھڪ ننڍو ڪئنال پڻ آهي جيڪو سکر بيراج کان ھن شھر طرف وھندڙ آھي ۽ ھن شھر کان اڳتي تعلقي خيرپور ناٿن شاھ ۾ ان واھ جي پڇڙ وھي ٿي. ھن تعلقي ۾ ٻيا به ننڍڙا شھر ۽ ڳوٺ آھن جن ۾ لالو رائنڪ، گاجي کھاوڙ ۽ وڳڻ شامل آھن. ھي تعلقو سنڌ جي صوبائي اسيمبليءَ جو تڪ پڻ آھي جتان گذريل پنجاھ سالن کان پيپلزپارٽي جا اميدوار چونڊبا رھيا آھن. ھن تعلقي جي معيشت زرعي آھي ۽ گھڻي ڀاڱي زرعي جنسن جو واپار ٿئي ٿو ۽ اتي سارين جا ڪارخانا پڻ آهن. ھي تعلقو پھريون لاڙڪاڻي ضلعي جو حصو ھيو ۽ بعد قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي قيام وقت سھولت خاطر ان کي ان نئين ضلعي جو حصو بڻايو ويو ۽ ان کي بہ ٽوڙي ان جي ھڪ شھر نصيرآباد کي نئين ضلعي جو نئون تعلقو ٺاھيو ويو. سال 1901ع کان وٺي اڄ تائين وارھ شھر ھن تعلقي جو صدر مقام آهي. ايراضيءَ جي لحاظ کان ”اتر ۾ 27- 27 ڊگهائي ڦاڪ ۽ اوڀر ۾ 67- 51 ڊگهائي ڦاڪ ۾ آهي.“ [1] وارهه، تعلقو ٿيڻ کان وٺي نصيرآباد جي تعلقي ٿيڻ تائين ايراضي ۾ 417 چورس ميل تي پکڙيل ھو.[2]

تعلقو وارھ
تعلقو
Skyline of تعلقو وارھ
تعلقو وارھ
جھنڊو
تعلقو وارھ is located in سنڌ
تعلقو وارھ
تعلقو وارھ
تعلقو وارھ is located in Pakistan
تعلقو وارھ
تعلقو وارھ
جاگرافي بيهڪ: 27°27′30″N 67°48′40″E / 27.45833°N 67.81111°E / 27.45833; 67.81111
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقي جو صدر مقام وارھ شھر

سن 1843ع ۾ ٽالپرن جي صاحبيءَ جو خاتمو ٿيو ۽ انگريزن جي عهد جي ابتدا ٿي جن انتظامي لحاظ کان سنڌ کي ٽن ضلعن : شڪارپور، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ورھايو. لاڙڪاڻي وارو سمورو علائقو شڪارپور کي ڏنائون. شهدادڪوٽ تعلقي جو ڪجهه حصو جيڪب آباد ۾ شامل هو. ڏوڪريءَ جو نالو ’لب درياھ‘ هو ۽ نصيرآباد تعلقو هو، جنهن ۾ موجوده وارھ تعلقو پڻ شامل آهي. انهن ڏينهن يعني 1885ع ڌاري تعلقي نصيرآباد جو مختيارڪار مرزا قليچ بيگ هو. ان وقت هن ڪاڇي واري علائقي ۽ ڏاڙهياري جبل جا انتظامي دورا ڪيا، ان دوران هڪ ڪتاب ”ڏاڙهياري جبل جو سير“ جي نالي سان لکيائين. ان سفر جو احوال نهايت دلچسپ انداز ۾ ڪيو اٿس. ڪتاب جي مطالعي مان ظاهر ٿو ٿئي ته هيءُ ڪتاب نصيرآباد ۾ ويهي لکيو اٿس، جيڪو انهيءَ سال ئي ڇپائي پڌرو ڪيائين. 1901ع ۾ لاڙڪاڻو ضلعو وجود ۾ آيو. جڏهن انگريزن ٽالپرن کان سنڌ کسي پنهنجي قبضي ۾ آندي، تڏهن ان وقت هنن سنڌ اندر ڪافي انتظامي تبديليون ڪيون. جن شهرن کي تعلقي يا سب ڊويزن جو درجو مليل هو، تن مان ڪن شهرن کي ضلعي جو درجو ڏنائون، ته ڪن کان وري اهڙيون سهوليتون ڦُري نَون اسرندڙ شهرن کي تعلقي جي حيثيت سان نوازيائون. جڏهن 1901ع ۾ هنن لاڙڪاڻي کي ضلعي جو درجو ڏنو، تڏهن لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڪيترائي تعلقا شامل ڪيائون. سال 1919ع جي سنڌ گزيٽيئر جي حوالي سان منظور ڪوهيار پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته:

”لاڙڪاڻي پهرين آگسٽ 1901ع ۾ ضلعي جي حيثيت تڏهن ورتي، جڏهن ان کي ڪراچي ۽ شڪارپور ضلعن کان الڳ ڪيو ويو. سيوهڻ، جوهي، دادو تعلقا پهرين ڪراچي ضلعي مان کنيا ويا. ميهڙ، ڪڪڙ، وارهه، لاڙڪاڻو، لب درياھ (ڏوڪري) ۽ قنبر تعلقا پوئين ضلعي شڪارپور مان کنيا ويا. ٽي ڊويزنون ٺاهيون ويون. سيوهڻ ڊويزن ۾؛ سيوهڻ، جوهي، دادو تعلقا شامل ھئا. ميهڙ ڊويزن ۾؛ ميهڙ، ڪڪڙ ۽ وارھ تعلقا شامل ھئا. ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جيڪا لاڙڪاڻي، لب درياھ، قنبر ۽ رتيڍيري تعلقن تي مشتمل آهي.[3]

اهڙيءَ ريت انگريزن انتظامي جوڙجڪ ۾ ڀَڃ گهڙ ڪري نصيرآباد کان تعلقي جي حيثيت کسي وارھ کي تعلقو ڪيائون. انگريزن جي وچ واري دور سال 1885ع ۾ مرزا قليچ بيگ نصير آباد تعلقي جو مختيار ڪار هو. جڏهن وارھ کي تعلقو بنايو ويو ته وري کيس وارھ جي مختيار ڪار طور سندس تقرر ڪيو ويو ۽ نصيرآباد کي وارھ تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو.[4] دين محمد ڪلهوڙو پنهنجي تصنيف ”قنبر- شهدادڪوٽ ضلعو (تاريخ جي وهڪري ۾)“ ۾ وارهه جي تاريخي قدامت ۽ بنياد تي لکي ٿو ته: ”هيءُ شهر ڪلهوڙن جي دور ۾ آباد ٿيو. پر هيءُ شهر ڪنهن بادشاهه يا ڪنهن وڏي ماڻهوءَ ارادو ڪري ڪونه اڏايو هوندو، پر ڪن لاڏائو مالوند ماڻهن آباد ڪيو هوندو، جو پوءِ اڳتي هلي مشهور ٿيو.“[5] ايم.ايڇ پنهور پنهنجي مضمون ۾ سن 1701ع کان 1758ع تائين قائم ٿيل ٽن وسندين (جنهن ۾ وارھ به اچي وڃي ٿو). جي باري ۾ لکي ٿو: ”ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ ٿوري تبديلي آئي، ڪجهه گرمي ٿي ۽ ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن ايڪڙن مان وڌائي ٻاويهہ لک ايڪڙ تائين پهچائي ۽ ماڻهن جي آبادي 14 لکن مان وڌي وڃي 30 لکن کي رسي. نوان شهر اُسريا، جن ۾ شهدادڪوٽ، قنبر، وارھ، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاھ، ميرپور خاص، نئون خدا آباد (هالن جي ڀرسان)، شهدادپور، نوشهروفيروز، خانڳڙھ (جيڪب آباد)، فتح ڳڙھ، جوهي، دوست علي، رتن ديرو (رتو ديرو) ۽ وڳڻ شامل هئا.[6] “ نئون خداآباد گهڻو پوءِ ميان سرفراز خان سال 1772ع/ 1186ھ ۾ ٻَڌايو. هن کان گهڻو اڳ ٻيا شهر اسري چڪا هئا، جيئن مٿين تحقيق مان پڌرو آهي. اهڙيءَ ريت ايم.ايڇ پنهور هنن شهرن جي اسرڻ ۽ قائم ٿيڻ جو تعين ڪري چڪو آهي، مطلب ته هنن ٻين شهرن جي اسرڻ يا قائم ٿيڻ سان پنهنجو سروڪار نه آهي، جو سندن گهرائيءَ ۾ وڃجي. منهنجو مقصد صرف ’وارهه‘ جي قائم ٿيڻ يا اُسرڻ بابت آهي. پنهور صاحب جي تحقيق مان پڌرو آهي ته ’وارهه‘ قديمي ۽ تاريخي شهر آهي، جيڪو ڪلهوڙن جي مٿئين مقرر ڪيل دور ۾ اسريو ۽ هوريان هوريان وڌي وڻ ٿيو. 1701ع کان 1718ع تائين ميان يارمحمد ۽ ميان يارمحمد کانپوءِ ميان نورمحمد جو دور ليکيو وڃي ٿو، ٿي سگهي ٿو ته وارهه ميان نورمحمد جي شروعاتي وقت ۾ قائم ٿيو هجي! باقي پنهور صاحب اِهو نه ٻڌايو آهي ته ’وارهه‘ جو شهر ڪهڙي ڪلهوڙي حاڪم جي وقت ۾، ۽ ڪهڙي سال ۾ قائم ٿيو. مٿي بيان ٿي آيو آهي ته هِتان سنڌو درياهه جو هڪ وهڪرو وَهندو هو، (جيئن نقشي مان ظاهر آهي)، جنهن جو پاڻي سڌو سنئون منڇر ڍنڍ ۾ وڃي ساهه پَٽيندو هو. هن وهڪري تي ڪيئي نوان شهرآباد ٿيا ۽ اسريا، جن مان ’وارهه‘ به هڪ آهي.[7] ھن شھر کي تعلقي جو درجو 1901ع ۾ مليو.

آدمشماري

سنواريو

1 مارچ 1998 جي آدمشماري مطابق هن تعلقي جي آبادي 169,448 ھئي جيڪا 15 مارچ 2017 جي آدمشماري جي نتيجي مطابق وڌي 229,971 ٿي وئي. ان مان 69230 شھري آبادي ۾ ۽ باقي 160,734 ٻھراڙيءَ ۾ رھي پئي جيڪا ڪل آبادي جو 69.9 سيڪڙو آھي. تعلقي وارھ جي ڪل پکيڙ 750 ھم چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ان پکيڙ ۾ موجوده آبادي جي ڪثافت يا گھاٽائي 306 ماڻھو في ھم چورس ڪلوميٽر آھي. ھن علائقي ۾ آبادي جو واڌ جي شرح ۾ 2010 کان پوءِ گھڻو اضافو ٿيو آهي.[8]

انتظامي ورھاست

سنواريو

وارھ تعلقي جي پکيڙ 1,75,803 چورس ايڪڙن تي مشتمل آهي جنھن ۾ 3 سرڪلون، 12 تپا ۽ 42 ديھون واقع آھن[9]. وارھ تعلقي ۾ ٻائيتاليھ ديھون واقع آھن جن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا[10].

بلدياتي ورھاست

سنواريو

10 يونين ڪاؤنسلون ۽ 3 ٽائون ڪاميٽيون آهن،

يونين ڪائونسل
يونين ڪائونسل يونين ڪائونسل يونين ڪائونسل
يونين ڪاؤنسل حمل چڪ آباد يونين ڪاؤنسل ميرپور يونين ڪاؤنسل جوڻاڻي
يونين ڪاؤنسل وارھ يونين ڪاؤنسل کنڊو يونين ڪاؤنسل ڪلر
يونين ڪاؤنسل نور آباد يونين ڪاؤنسل آباد يونين ڪاؤنسل لالو رائنڪ
يونين ڪاؤنسل ياروديرو
ٽائون ڪاميٽي
ٽائون ڪاميٽي ٽائون ڪاميٽي ٽائون ڪاميٽي
ٽائون ڪاميٽي وارھ ٽائون ڪاميٽي گاجي کھاوڙ ٽائون ڪاميٽي وڳڻ

وارھ تعلقي ۾ ڪل 12 تپا واقع آهن.

وارھ تعلقي جا تپا[11]
# تپو # تپو # تپو # تپو
1 تپو گاجي کھاوڙ 2 تپو حمل 3 تپو جوڳي 4 تپو ميرپور
5 تپو لالو رائنڪ 6 تپو وڳڻ 7 تپو ايڊيشنل وڳڻ 8 تپو جکر
9 تپو آباد 10 تپو حامد واھ 11 تپو ڪلر 12 تپو وارھ

وارھ تعلقي ۾ ڪل 42 ديھون واقع آهن.

وارھ تعلقي جون ديھون[11]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 اصحابو 2 آھون 3 بشارت ڪاڇڙي 4 بشارت کھاوڙ
5 بڪيجاڻي 6 بند جاني 7 چڪ آباد 8 چڪ فريدآباد 1
9 چڪ فريدآباد 2 10 آباد 11 چندني جاگير 12 چڪ بشارت
13 گاجي کھاوڙ ديھ 14 ڳڙھي جاگير 15 ڳڙھي ماڪورو 16 گل ٻرڙو
17 حمل ڪاڇڙي 18 حامد واھ 19 حسن ھوري 20 جکر
21 جوڳي 22 جوڻاڻي 23 ڪلر 24 کنڊو
25 لالو رائونڪ 26 مڪلاڻي 27 مڱڻيجا 28 ميرپور
29 مرزاپور 30 نانگ دڙو 31 نواب ڪلھوڙو 32 پيچوھا
33 پوٺو 34 صفر تونيو 35 سانھاري 36 ٿرڙي ھاجران
37 ٿاڻو 38 ٺيٺ 39 عبيداڻي 40 وڳڻ
41 وارھ 42 ياروديرو
  1. {ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر ]2001ع[، لاڙڪاڻو ماضي ۽ حال، صه 54 موهن جو دڙو پبلشنگ ايجنسي لاڙڪاڻو.}
  2. {- شاد، بشير احمد، ڊاڪٽر ]1995ع[ لاڙڪاڻو صدين کان؛ (مضمون، لاڙڪاڻو 1919ع جي گزيٽيئر جي حوالي سان،صہ 84 لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻو سنڌ.}
  3. {- شاد، بشير احمد، ڊاڪٽر 1995ع، لاڙڪاڻو صدين کان؛ (مضمون، لاڙڪاڻو 1919ع جي گزيٽيئر جي حوالي سان، لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻو سنڌ.}
  4. {ڊاڪٽر علي اڪبر “اسير” قريشي جو مضمون ”وارھ“ جو تاريخي ۽ تحقيقي پسمنظر، مھراڻ رسالو سال 2017, شمارو 4, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  5. {ڪلهوڙه، دين محمد (2011ع)، قمبر- شهدادڪوٽ ضلعو (تاريخ جي وهڪري ۾) صه 89، قمبر- شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي.}
  6. {پنهور، ايم.ايڇ ]1/1996ع[، ٽماهي ”مهراڻ“صہ 35، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.}
  7. {ڊاڪٽر علي اڪبر “اسير” قريشي جو مضمون ”وارهه“ جو تاريخي ۽ تحقيقي پسمنظر، مھراڻ رسالو سال 2017, شمارو 4, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  8. https://www.citypopulation.de/php/pakistan-distr-admin.php?adm2id=82407.  Missing or empty |title= (مدد)
  9. ww.ndma.gov.pk › plansPDF Kambar & Shahdadkot DRM Plan - NDMA
  10. [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2019-12-31 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. [سنڌ زمين ڊاٽ ڪام]
  11. 11.0 11.1 resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]