يو سي 13 لشڪري چانڊيو(انگريزي: U C 13 Lashkari Chandio ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قمبر تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي قمبر جي يو سي 2 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 20,640 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳوٺ لشڪري چانڊيو ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ماھيون، پيروز ڀٽي ، ڀرمين، ڳوٺ دريا خان چانڊيو، ڳوٺ سوايو ڦل، ڳوٺ ڌڻي بخش مغيري، ڳوٺ سارنگ کھاوڙ، ڳوٺ بدواڻي، مھي مڪول ، ڳوٺ ھمير علي چانڊيو شامل آهن.

لشڪري چانڊيو
يو سي 13 لشڪري چانڊيو
يونين ڪاؤنسل
قمبر تعلقي جي يو سي نمبر 2
لشڪري چانڊيو is located in سنڌ
لشڪري چانڊيو
لشڪري چانڊيو
لشڪري چانڊيو is located in Pakistan
لشڪري چانڊيو
لشڪري چانڊيو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°38′25″N 68°06′47″E / 27.64028°N 68.11306°E / 27.64028; 68.11306مڪانيت: 27°38′25″N 68°06′47″E / 27.64028°N 68.11306°E / 27.64028; 68.11306
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو ميروخان تعلقو
ٿاڻو مھي مڪول ٿاڻو
آبادي (2017)
 • ڪل 20,640

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين سعيد احمد کھاوڙ ۽ وائيس چيئرمين اظھر چونڊجي آيا جيڪي آزاد اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ھمير علي چانڊيو جو پيپلز پارٽي جو مظھر علي چانڊيو بنا مقابلي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.


تعليم ۽ صحت جون سھولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ۽ مڊل تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/