يو سي 36 کنڊو (انگريزي: U C 36 Khandu) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا وارھ تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي وارھ جي يو سي 9 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 6,330 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ کنڊو ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ابڙا، چانڊيا، بروھي، خاصخيلي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ کنڊو ، ڳوٺ شفيع محمد چانڊيو شامل آهن.

کنڊو
يو سي 36 کنڊو
يونين ڪاؤنسل
وارھ تعلقي جي يو سي 9
کنڊو is located in سنڌ
کنڊو
کنڊو
کنڊو is located in Pakistan
کنڊو
کنڊو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°30′34″N 67°45′25″E / 27.50944°N 67.75694°E / 27.50944; 67.75694مڪانيت: 27°30′34″N 67°45′25″E / 27.50944°N 67.75694°E / 27.50944; 67.75694
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 6,330

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين ضياء الدين ابڙو ۽ وائيس چيئرمين نورالله ابڙو چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ کنڊو جو سراج الدين ابڙو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون گھٽ اپت واريون، ۽ اڪثر غير آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/