يو سي 31 آباد (انگريزي: U C 31 Abad ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا وارھ تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي وارھ جي يو سي 4 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 17,039 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ آباد ڪلھوڙن جو ھڪ پراڻو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ تونيا، ٿيٻا، مغيري، بروھي، پيچوھا، ڪلھوڙا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ آباد، علي اصحابو، ڳوٺ مڱڻيجا، ڳوٺ سفير تونيو، ڳوٺ ٿيٻا، ڳوٺ مراد علي خان مغيري، ڳوٺ ڪنڀ بروھي شامل آهن.

آباد
يو سي 31 آباد
يونين ڪاؤنسل
وارھ تعلقي جي يو سي 4
آباد is located in سنڌ
آباد
آباد
آباد is located in Pakistan
آباد
آباد
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°26′03″N 67°53′25″E / 27.43417°N 67.89028°E / 27.43417; 67.89028مڪانيت: 27°26′03″N 67°53′25″E / 27.43417°N 67.89028°E / 27.43417; 67.89028
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 17,039

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين نور محمد تونيو ۽ وائيس چيئرمين عامر خان ڪلھوڙو چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ پيچوھا جو محمد صديق پيچوھو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/