يو سي 22 غيبي ديرو(انگريزي: U C 22 Ghebi Dero ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قمبر تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي قمبر جي يو سي 12 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 12,091 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ غيبي ديرو ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ چانڊيا، ٻرڙا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ غيبي ديرو، ڳوٺ دينار ٻرڙو، ڳوٺ رئيس ھوت خان، ڳوٺ صابو خان ٻرڙو شامل آهن.

غيبي ديرو
يو سي 22 غيبي ديرو
يونين ڪاؤنسل
قمبر تعلقي جي يو سي 12
غيبي ديرو is located in سنڌ
غيبي ديرو
غيبي ديرو
غيبي ديرو is located in Pakistan
غيبي ديرو
غيبي ديرو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°34′45″N 67°38′41″E / 27.57917°N 67.64472°E / 27.57917; 67.64472مڪانيت: 27°34′45″N 67°38′41″E / 27.57917°N 67.64472°E / 27.57917; 67.64472
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
ٿاڻو غيبي ديرو ٿاڻو
آبادي (2017)
 • ڪل 12,091

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين نوابزاده شاھنواز چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين محمد نواز چانڊيو چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ غيبي ديرو جو نوابزاده مير ملڪ غيبي خان چانڊيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ۽ مڊل تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. سنڌ جي مشھور پاڻي جو ذخيرو حمل ڍنڍ ھن يو سي ۾ واقع آهي. ھتي جي زمين گھڻي ڀاڱي غير آباد آھي. ھي پراڻي چانڊين جي جاگير وارو علائقو آھي جنھن م ڪوھستان وارو علائقو يا ڪاڇو پڻ شامل آهي.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/