يونين ڪائونسل لغاري


يو سي 2 لغاري(انگريزي: U C 2 Lighari ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا شھدادڪوٽ تعلقي ۾ واقع آهي. ان جي آبادي 12,226 آهي[1]. ھي يونين ڪاؤنسل ۾ لغاري ھڪ وڏو ڳوٺ آھي. ھن يونين ڪاؤنسل م شامل ڳوٺن ۾ ڌڱ ھڪ مشھور ڳوٺ آھي جتي کوسا اڪثريت ۾ رهن ٿا. ان کان سواءِ ڳوٺ نور محمد بروهي، گل بيگ جتوئي، ڳوٺ الله بخش لغاري، ڳوٺ نظر محمد بروهي، ڳوٺ مينھون لغاري ۽ ڳوٺ حاجي يار محمد لغاري پڻ واقع آهن. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ لغاري، کوسا، ڀٽي ۽ ٻيا شامل آهن. يونين ڪاؤنسل جو صدر مقام ڳوٺ الله بخش لغاري ۾ آھي.

لغاري
يو سي 2 لغاري
يونين ڪاؤنسل
لغاري is located in سنڌ
لغاري
لغاري
لغاري is located in Pakistan
لغاري
لغاري
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°52′37″N 67°58′22″E / 27.87694°N 67.97278°E / 27.87694; 67.97278مڪانيت: 27°52′37″N 67°58′22″E / 27.87694°N 67.97278°E / 27.87694; 67.97278
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو شھدادڪوٽ تعلقو
ٿاڻو سنجر ڀٽي ٿاڻو
آبادي
 • ڪل 12,226

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين جعفر خان لغاري ۽ وائيس چيئرمين غلام شبير چانڊيو چونڊجي آيا جيڪي پاڪستان پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ حاجي يار محمد لغاري جو آصف علي لغاري ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

ڪائونسل جي تعليم ۽ صحت سنواريو

ھن يو سي جي تقريبن سمورن ڳوٺن م پرائمري اسڪولن جو نيٽورڪ موجود آهي. سيڪنڊري تعليم ۽ صحت جي سھولتن جو وڏو فقدان آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

عام ماڻھو پيئڻ لاء جر جو پاڻي استعمال ڪن ٿا. ڳوٺن ۾ تقريبن بجلي جي سھولت ختم ٿي چڪي آهي ۽ عام ماڻھو جو گذارو شمسي توانائي تي آهي. ھن ڪائونسل ۾ محمد علي شاخ، ڌڱ شاخ، مقصودو شاخ وھن ٿيون. ھن يو سي جي معيشت زرعي آھي ۽ ھتي جون زمينون آبادي ۾ اپت واريون آھن. رتوديرو- گوادر روڊ يا ايم 9 پڻ ھن يو سي مان گذرندڙ آھي.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/