يو سي 52 مرادي (انگريزي: U C 52 Muradi) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا نصيرآباد تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي نصيرآباد جي يو سي 6 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 17,460 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل مرادي ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ واھوچا، ڳنواس ، چنھڙ، ڦلپوٽا، پنھور، جوڻيجا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ چنھڙ، ڳوٺ خدابخش واھوچو، ڳوٺ صديق ڳنواس، ڳوٺ جاڙا واھوچا، ڳوٺ سعيد خان پنھور، ڳوٺ سوالي واھوچا ۽ ٻيا شامل آهن. ھي يو سي نصيرآباد-وارھ روڊ تي واقع جنھن جو حدون وارھ تعلقي ۽ دادو ضلعي سان ملن ٿيون. ان روڊ تي ھن يو سي ۾ درگاھ سيد محمد شاھ مست بخاري واقع آهي.

مرادي
يو سي 52 مرادي
يونين ڪاؤنسل
نصيرآباد تعلقي جي يو سي 6
مرادي is located in سنڌ
مرادي
مرادي
مرادي is located in Pakistan
مرادي
مرادي
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°24′40″N 67°25′11″E / 27.41111°N 67.41972°E / 27.41111; 67.41972مڪانيت: 27°24′40″N 67°25′11″E / 27.41111°N 67.41972°E / 27.41111; 67.41972
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو نصيرآباد تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 17,460

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين ھوش محمد واھوچو ۽ وائيس چيئرمين مھر الله پنھور چونڊجي آيا جيڪي آزاد اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ سوالي واھوچا جو عاشق علي واھوچو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو آزاد اميدوار ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/