يو سي 14 دوست علي(انگريزي: U C 14 Dost Ali ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قمبر تعلقي ۾ واقع آهي. ان جي آبادي 14,843 آهي[1]. ھي يونين ڪاؤنسل ۾ دوست علي نالي ھڪ ديھ جي آبادي 5324 آھي جيڪا قمبر شھر جي اتر اولھ پاسي کان 11 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ۽ شھدادڪوٽ جي ڏکڻ اولھ ۾ 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي وارھ ڪئنال جي ٻنھي پاسن تي واقع آهي. ان ديھ جي نالي سان دوست علي ٿاڻو پڻ واقع آهي. بھرام ھيٺيون کان ايندڙ ھڪ سم شاخ پڻ اتان گذري ٿي. ھن يونين ڪاؤنسل م شامل ٻين وڏن ڳوٺن ۾ ڳوٺ حمزه چچا، ڳوٺ موريو چچا، ڳوٺ گل محمد چچا، ڳوٺ جوڻيجا واقع آھن.

دوست علي
يو سي 14 دوست علي
يونين ڪاؤنسل
دوست علي is located in سنڌ
دوست علي
دوست علي
دوست علي is located in Pakistan
دوست علي
دوست علي
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°39′08″N 67°53′22″E / 27.65222°N 67.88944°E / 27.65222; 67.88944مڪانيت: 27°39′08″N 67°53′22″E / 27.65222°N 67.88944°E / 27.65222; 67.88944
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
ٿاڻو دوست علي ٿاڻو
آبادي
 • ڪل 14,843

تاريخ سنواريو

دوست علي ڪلھوڙن جي دور ۾ قائم ٿيو. ايم.ايڇ پنهور پنهنجي مضمون ۾ سن 1701ع کان 1758ع تائين قائم ٿيل ٽن وسندين (جنهن ۾ وارهه به اچي وڃي ٿو). جي باري ۾ لکي ٿو: ”ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ ٿوري تبديلي آئي، ڪجهه گرمي ٿي ۽ ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن ايڪڙن مان وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙ تائين پهچائي ۽ ماڻهن جي آبادي 14 لکن مان وڌي وڃي 30 لکن کي رسي. نوان شهر اُسريا، جن ۾ شهدادڪوٽ، قنبر، وارھ، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاھ، ميرپور خاص، نئون خدا آباد (هالن جي ڀرسان)، شهدادپور، نوشهروفيروز، خانڳڙھ (جيڪب آباد)، فتح ڳڙھ، جوهي، دوست علي، رتن ديرو (رتو ديرو) ۽ وڳڻ شامل هئا.[2]

دوست علي ٿاڻو سنواريو

ھي ٿاڻو ٻارھن ديھن تي مشتمل آهي. ان جي چؤڌاري قمبر جو صدر ٿاڻو، بھرام ٿاڻو، کبڙ ٿاڻو، غيبي ديرو ٿاڻو، ڊگھ ٿاڻو، قبو سعيد خان ٿاڻو ۽ رابي ٿاڻو واقع آھن. ھن ٿاڻي ۾ جوڻيجا، چنه، اچا، دوست علي، ڪور ڪمال، ڪور سليمان، ڪڙيو مراد علي، ڪور حاصا، وارياسو، ڏيرو ء وڪڙو نالي ديھون شامل آهن.

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين محمد خان چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين مقبول خان چانڊيو چونڊجي آيا جيڪي آزاد اميدوار ھيا[3]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م غيبي ديرو جو جو سليمان خان چانڊيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو آزاد اميدوار ھيا.

ڪائونسل جي تعليم ۽ صحت سنواريو

ھن يو سي م تعليم م پرائمري اسڪول واقع آھن ۽ صحت جي سھولتن جو وڏو فقدان آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جا اڪثر ماڻھو ھڙني بنيادي سھولتن کان محروم آھن. ڳوٺاڻي آبادي پيئڻ لاء جر جو پاڻي استعمال ڪري ٿي.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. {پنهور، ايم.ايڇ ]1/1996ع[، ٽماهي ”مهراڻ“صہ 35، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.}
  3. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/