يو سي 47 چئوديرو (انگريزي: UC 47 Chaudero) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا نصيرآباد تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي نصيرآباد جي يو سي 1 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 16,944 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ چئوديرو ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن شھر جي آبادي جي اڪثريت تونيا ذات جي ماڻھن جي آھي. تونيا ذات جو سردار الطاف حسين تونيو ھن ڳوٺ جو رھندڙ آھي. ھن يو سي جي حدن ۾ رھندڙ آبادي ۾ تونيا، شاھاڻي، ميربحر، سولنگي، چانڊيا، ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ چئوديرو، ٿرڙي ھاشم، شاھاڻي ڳوٺ، نوح ڳوٺ، لائق پور ۽ ٻيا شامل آهن. ھي يو سي وڱڻ نصيرآباد روڊ تي واقع آهي.

چئوديرو
يو سي 47 چئوديرو
يونين ڪاؤنسل
نصيرآباد تعلقي جي يو سي 1
چئوديرو is located in سنڌ
چئوديرو
چئوديرو
چئوديرو is located in Pakistan
چئوديرو
چئوديرو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°26′48″N 67°57′19″E / 27.44667°N 67.95528°E / 27.44667; 67.95528مڪانيت: 27°26′48″N 67°57′19″E / 27.44667°N 67.95528°E / 27.44667; 67.95528
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو نصيرآباد تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 16,946

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ جنرل ڪائونسل جي سيٽن تي جي يو آء جو خان تونيو، آزاد اميدوار ڪرم الدين ميربحر ۽ نادر تونيو کٽي آيا ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/