يو سي 3 چاڪياڻي(انگريزي: UC 3 Chakiani ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا شھدادڪوٽ تعلقي ۾ واقع آهي [1]. ھي يونين ڪاؤنسل ۾ چاڪياڻي ھڪ وڏو ڳوٺ آھي. ھن يوسي مان رتوديرو-گوادر روڊ يا ايم 8 گذري ٿو. يونين ڪاؤنسل م شامل ڳوٺن ۾ ڳوٺ دريا خان مستوئي، ڳوٺ امير بخش ڏنگر، ڳوٺ دلاور خان بروهي، ڳوٺ صوبدار مستوئي، ۽ ڳوٺ پير نبي شاھ شامل آهن. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ وڌا ، مستوئي، سومرا، بروھي، سيد ۽ ٻيا شامل آهن.

چاڪياڻي
يو سي 3 چاڪياڻي
يونين ڪائونسل
چاڪياڻي is located in سنڌ
چاڪياڻي
چاڪياڻي
چاڪياڻي is located in Pakistan
چاڪياڻي
چاڪياڻي
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°50′11″N 67°58′58″E / 27.83639°N 67.98278°E / 27.83639; 67.98278
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو شھدادڪوٽ تعلقو

ڪائونسل

سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين مشتاق احمد مستوئي عرف پنھل خان ۽ وائيس چيئرمين مجتبیٰ حسين وڌو چونڊجي آيا جيڪي پاڪستان پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ پير نبي شاھ جو صاحب علي شاھ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.

ڪائونسل جي تعليم ۽ صحت

سنواريو

ھن يو سي م پرائمري تعليم لاء پرائمري اسڪول تقريبن ھر ڳوٺ م واقع آھن پر سيڪنڊري تعليم جو بندوبست ڪانه آهي ۽ نہ ئي وري صحت جون سھولتون ميسر آھن.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم

سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون

سنواريو

ھتان جي ماڻھن کي پيئڻ جو پاڻي رڳو جر وارو ميسر آھي. ھن يو سي م زرعي زمينون اپت واريون ۽ گھڻي ڀاڱي آباد آھن. چاڪياڻي شھدادڪوٽ شھر کان چار ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي.

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/