يو سي 23 ڪور ڪمال(انگريزي: U C 13 Koor Kamal ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قمبر تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي قمبر جي يو سي 13 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 10,620 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳوٺ جيئن ابڙو ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ چانڊيا، سيد، شابراڻي، سپرا، ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ڪور ڪمال ، ڪور سليمان، ڪڙيو مراد علي، ڪور حسن، ڳوٺ ڀورل شاھ، ڳوٺ لال خان چانڊيو، ڳوٺ پنھل شابراڻي، ڳوٺ غلام صديق چانڊيو، فتح محمد سپرو ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪور ڪمال
يو سي 23 ڪور ڪمال
يونين ڪاؤنسل
قمبر تعلقي جي يو سي 13
ڪور ڪمال is located in سنڌ
ڪور ڪمال
ڪور ڪمال
ڪور ڪمال is located in Pakistan
ڪور ڪمال
ڪور ڪمال
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°41′15″N 68°47′01″E / 27.68750°N 68.78361°E / 27.68750; 68.78361
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
ٿاڻو دوست علي ٿاڻو
آبادي (2017)
 • ڪل 10,620

ڪائونسل

سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين ذوالفقار علي ۽ وائيس چيئرمين بشير احمد چانڊيو چونڊجي آيا جيڪي آزاد اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ڀورل شاھ جو عبيدالله شاھ راشدي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون

سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم

سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون

سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون گھٽ اپت واريون آھن ۽ پاڻي جي ڪمي جي ڪري ھتي آبادي گھٽ ٿئي ٿي.

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/