يو سي 30 يارو ديرو (انگريزي: U C 30 Yaro Dero ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا وارھ تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي وارھ جي يو سي 3 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 8,395 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ وڳڻ ھڪ ننڍڙو شھر ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ تنيا، مغيري، تيوڻا، پنھور، ابڙا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۽ شھرن ۾ يارو ديرو، ڳوٺ جلال مغيري، وڳڻ، مزاري ڳوٺ، عالي ڳوٺ، ميھر ڳوٺ، معظم بستي، ڏاتو تيوڻو ۽ ٻيا شامل آهن.

يارو ديرو
يو سي 30 يارو ديرو
يونين ڪاؤنسل
وارھ تعلقي جي يو سي 3
يارو ديرو is located in سنڌ
يارو ديرو
يارو ديرو
يارو ديرو is located in Pakistan
يارو ديرو
يارو ديرو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°30′23″N 67°55′42″E / 27.50639°N 67.92833°E / 27.50639; 67.92833مڪانيت: 27°30′23″N 67°55′42″E / 27.50639°N 67.92833°E / 27.50639; 67.92833
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو
ٿاڻو وڳڻ ٿاڻو
آبادي (2017)
 • ڪل 8,395

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين فدا حسين مغيري ۽ وائيس چيئرمين ذيشان پنھور چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ڏاتو تيوڻو جو عبدالغفور شاھ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. وڱڻ شھر ۾ ھڪ سرڪاري ھاء اسڪول واقع آهي. ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. وڱڻ ۾ ھڪ بنيادي صحت مرڪز پڻ آھي. انڊس ھاء وي پڻ ھن يو سي مان گذري ٿو.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/