آغا عبدالنبي عليگ

آغا عبدالنبي ’عليگ‘ ولد آغا گل حسن خان دراني، 3 جولاءِ 1903ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم گمبٽ (خيرپور) مان ورتائين. 1919ع ۾ اعليٰ تعليم لاءِ علي ڳڙھ ڪاليج ويو، جتان 1924ع ۾ بي. اي (آنرز) ڪري واپس وطن آيو. سڀ کان اول پاڻ شڪارپور هاءِ اسڪول ۾ فارسيءَ جو استاد مقرر ٿيو، جتان بعد ۾ مختيارڪار جي عھدي تي پھتو. آهستي آهستي ترقي ڪندو ڪمشنر ٿيو، ۽ 1958ع ۾ رٽائر ڪيائين. رٽائر ڪرڻ کان پوءِ بہ گورنمينٽ جي صلاحڪار جي حيثيت ۾ لاهور ۾ ڪم ڪيائين، جتي کيس صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ڪري کنيو ويو.
آغا صاحب کي علم و ادب جو ذوق ننڍپڻ کان ئي هو. شعر و شاعريءَ ۾ ’آغا‘ ۽ ’عليگ‘ تخلص اختيار ڪيو اٿس. ’افڪار عليگ‘ جي نالي سان سندس نظمن جو مجموعو بہ ڇپيل آهي. پاڻ ڊراما به لکيائين. سندس ڪتابن ۾ ’حريص پتلو‘ عرف ’وفا جي ديوي‘، ’ايڪتا فلم جا ڊائلاگ‘، ’افسانا ۽ مقالا‘ وغيره شامل آهن.
پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر بہ رهيو. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو پراڻو ڪارڪن هو. سچل اڪيڊمي ۽ سچل ثقافتي مرڪز جو قيام ۽ سچل تي ادبي ڪانفرنسون منعقد ڪرائڻ، سندس اهم خدمتون آهن. شاھ لطيف ۽ سچل سائينءَ کان علاوه پاڻ امير خسرو کان بہ متاثر هو. سندس شاعريءَ ۾ تصوف، هجر ۽ وصال، عشق ۽ جذب جا دلڪش نمونا ملن ٿا. آغا صاحب 19 آڪٽوبر 1976ع/ 12 ذوالحج 1396ھ تي وفات ڪئي.[1]

حوالا سنواريو