امين محمد ثالث عرف پکن ڌڻي
مخدوم امين محمد ثالث سروري درگاهہ جو تيرهون سجاده نشين، مخدوم محمد زمان رابع جو وڏو فرزند هو.
کيس ٻيا ٻه ننڍا ڀائر ميان شاهه محمد عرف ميان شاهنواز ۽ ميان غلام نبي عرف ميان پنيلڌو هئا. مخدوم امين محمد، شجري موجب غوث -الحق- مخدوم نوح جي يارهين ۽ حضرت ابوبڪر صديق جي ٻائيتاليهين پشت مان هو. مخدوم صاحب، 7 شعبان 1254ھ/26 -آڪٽوبر- 1838ع تي -جنم- ورتو. سندس والد کيس ڪوڏ سان ”بابا سائين“ ۽ پيار وچان ”امين“ ڪري سڏيندو هو. سندس -تعليم- ۽ تربيت لاءِ -آخوند- محمد قاسم کي مامور ڪيو ويو. وڏي جهد ۽ رياضت سان علوم متداوله جي تحصيل ڪيائين ۽ پنهنجي دور جي درس نظاميه ۾ خاص مقام حاصل ڪيائين. قرآن پاڪ، حديث، فقه ۽ -تصوف- جي دقيق ڄاڻ ورتائين. سندس اصل تربيت ۽ -تعليم- جو سڌوسنئون واسطو پنهنجي مرشد حق آگاهه سان رهي ٿو. -ان- موجب سندس والد ماجد جي نگاهه، امين محمد سائينءَ کي هر خيال کان ڪامياب بنائي ڇڏيو. پاڻ پندرهن سالن جو مس ٿيو ته سندن والد وفات ڪري ويو ۽ ننڍيءَ عمر ۾ جماعت سروريه جي تربيت جو اهتمام ۽ ٻين ننڍن ڀائرن ۽ چئن معصوم ڀينرن جي ڪفالت جو بار سندن سر تي آيو. حضرت امين سائينءَ جي جواني ڏاڍي مستاني ۽ -البيلي- گذري. پاڪيزه طبع جو مالڪ ۽ خوش پوشاڪ هو. رنگين پوشاڪ پهريندو هو. دستار گلابي، گيڙوءَ رتي ۽ سائي پهريندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سمورو لباس گيڙوءَ رتو زيب -تن- ڪندو هو. مختصر رنگين زندگيءَ کان پوءِ اصلوڪي فقيراڻي طريقي ڏانهن رجوع ٿيو. سندس چار شاديون هيون. ٽي هالن مان ۽ هڪ پنهنجن عزيزن، قريشي صديقي پيرن مان، جيڪو خاندان نورپور تعلقي نوشهري فيروز ۾ -آباد- آهي. کيس پنهنجي خاندان جي حرم مان ٽي فرزند مخدوم محمد زمان، مخدوم ظهيرالدين ۽ ميان فتح محمد هئا. سلوڪ جي ميدان ۾ سهيل عرف سلي فقير مڱريي کان فيض ورتائين. امين سائينءَ جي مجاهدي ۽ رياضت جي سلسلي ۾ ”راهونڊ“ جي مقام کي وڏي اهميت حاصل آهي، جنهن سرزمين کي ”پکا“ به چوندا هئا، ڇوته پاڻ اتي پکا اڏي سڪونت اختيار ڪيائين. هيءَ زيارت گاهه هالن کان شهدادپور روڊ تي ميل ڏيڍ پنڌ تي آهي. -ان- ڪري کيس ”پکن وارا صاحب“، ”پکن وارا سائين“ ۽ ”پکن ڌڻي“ به سڏبو آهي. مخدوم صاحب -جن- 48، 49 سالن جي ڄمار ۾ 27 رمضان 1304ھ/29 جون 1886ع ۾ وفات ڪئي. مشهور صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ، سيد فاضل شاهه، سيد حيدر شاهه اجناڻي، ولي محمد لغاري ۽ ٻيا سندس همعصر ۽ صحبتي هئا. سندس متقدمين ۾ پير اشرف شاهه ڪاماري وارو، خليفو گل، قادر بخش بيدل، عثمان فقير سانگي، حمل فقير، قطب علي شاهه، -آسو- فقير، فقير خوش خيرمحمد ۽ علي گوهر شاهه ”اصغر“ هئا. امين سائين پکن ڌڻي پنهنجي دور جو قادرالڪلام شاعر هو. سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪيائين. سندس ڪافيون الاهي عشق ۾ سرشار آهن. سندس ڪلام جو مجموعو ”ڪليات امين“ جي نالي سان پروفيسر محبوب علي چنا ترتيب ڏنو، جنهن ۾ سندس سوانح، همعصرن ۽ شاعريءَ تي طويل مقدمو شامل آهي. ”ڪليات امين“ جو پهريون ڇاپو 1966ع ۽ ٻيو ڇاپو 1990ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو.[1]