آءِ آءِ چندريگر
ابراھيم اسماعيل چندريگر (اردو: ابراہیم اسماعیل چندریگر؛ عام طور تي آءِ آءِ چندريگر طور سڃاتل) ڇھون پاڪستان جو وزيراعظم ھو تقريبن 2 مھينن لاءِ آڪٽوبر 17، 1957ع کان ڊسمبر 16، 1957ع تائين.آءِ آءِ چندريگر، احمد آباد (ڀارت) ۾ 15 سيپٽمبر 1897ع تي ڄائو.[1]
ابراھيم اسماعيل چندريگر ابراھيم اسماعيل چندريگر | |
---|---|
6ھون پاڪستان جو وزيراعظم | |
عهدو سنڀاليو 17 آڪٽوبر 1957ع – 16 ڊسمبر 1957 | |
صدر | اسڪندر مرزا |
پيشرو | حسين شھيد سھروردي |
جانشين | فيروز خان نون |
3rd اولھ پنجاب جو گورنر | |
عهدو سنڀاليو 24 نومبر 1951ع – 2 مئي 1953ع | |
شاهي حڪمران | جارج ڇھون ايلزبيٿ ٻين |
گورنر جنرل | ملڪ غلام محمد |
پيشرو | عبد الرب نشتر |
جانشين | ميان امين الدين |
4ٿون سرحد صوبي جو گورنر | |
عهدو سنڀاليو 21 فيبروري 1950ع – 23 نومبر 1951ع | |
شاهي حڪمران | جارج ڇھون |
گورنر جنرل | خواجا ناظم الديب ملڪ غلام محمد |
پيشرو | صاحبزادو محمد خرشيد |
جانشين | خواجا شھاب الدين |
ذاتي تفصيل | |
پيدائش | 15 اپريل 1898 احمد آباد، بمبئي پريزيڊينسي، برطانوي ھندستان (ھاڻي گجرات، ڀارت) |
وفات | 26 سيپٽمبر 1960 (عمر 62 سال) لنڊن، انگلينڊ، گڏيل بادشاھت |
سياسي جماعت | مسلم ليگ |
مادر علمي | بمبئي يونيورسٽي |
تعليم
سنواريوبمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي ۽ ايل. ايل. بي جا امتحان پاس ڪيائين.'[1]
سياست ۽ خدمتون
سنواريو1937ع ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي احمد آباد جي ٻھراڙيءَ واري تڪ مان بمبئيءَ جي قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1943ع کان 1947ع تائين آل انڊيا مسلم ليگ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جو ميمبر رھيو. گورنمينٽ آف انڊيا جي عبوري حڪومت (آڪٽوبر 1946ع کان آگسٽ 1947ع) ۾ مسلم ليگ پاران واپار جو وزير ٿيو.[1]
پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ آگسٽ 1947ع کان مئي 1948ع تائين حڪومت پاڪستان جو واپار، صنعت ۽ تعميرات جو وزير ٿيو. 1948ع ۾ سرحد صوبي جو گورنر ۽ 1953ع ۾ پنجاب صوبي جو گورنر رھيو. 1955ع ۾ چوڌري محمد عليءَ جي مرڪزي ڪابينا ۾ وزير قانون رھيو. 1956ع جي آئين جو مسودو ھن تيار ڪيو. 18 آڪٽوبر 1957ع کان 16 ڊسمبر 1957ع تائين پاڪستان جي ڇھين وزيراعظم جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين.[1]
وفات ۽ مڃتا
سنواريو26 سيپٽمبر 1960ع تي وفات ڪيائين، ڪراچي شھر جو ھڪ وڏو روڊ سندس نالي پٺيان آءِ. آءِ. چندريگر روڊ مشھور آھي، جنهن جو اڳوڻو نالو ميڪلوڊ روڊ هو ان روڊ تي پاڪستان، خصوصاً ڪراچيءَ، جي فنانشنل ادارن ۽ اسٽيٽ بئنڪ سميت اڪثر وڏين بينڪن جا مرڪزي آفيسون آهن. هن روڊ تي اردو اخبار ”جنگ“ جو دفتر آهي. ڪنهن وقت بند ٿي ويل سنڌي اخبار ”جاڳو“ جو دفتر به هن روڊ تي هو، جنهن جو ايڊيٽر فقير محمد لاشاري هو.[1]
حوالا
سنواريوخارجي ڳنڍڻا
سنواريوسرڪاري عهدا | ||
---|---|---|
پيشرو محمد ابراھيم خان جهگڙ وقتي |
خيبر پختونخوا جو گورنر 1950–1951 |
جانشين خواجا شھاب دين |
پيشرو عبد الرب نشتر |
پنجاب جو گورنر 1951–1953 |
جانشين ميان امين الدين |
پيشرو حسين شھيد سھرودي |
پاڪستان جو وزيراعظم 1957 |
جانشين فيروز خان نون |