2007 ڪارساز بم ڌماڪو

(ڪارساز سانحو کان چوريل)

ارڙهن آڪٽوبر واري واقعي کي ڪارساز سانحو به سڏيو وڃي ٿو. 2007ع ۾ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو اٺن سالن جي جلاوطنيءَ کان پوءِ وطن موٽي هئي ته ڪراچيءَ ۾ پهچڻ کانپوءِ ايئرپورٽ کان -بلاول- هائوس ڏانهن لکن ماڻهن جي ريليءَ ۾ ويندي ڪارساز وٽ مٿس ۽ سندس ساٿين تي خودڪش بمبارن قاتلاڻو حملو ڪيو. -ان- حملي ۾ محترمه بينظير ڀٽو ۽ -ٽرڪ- تي سوار -پارٽي- قيادت سلامت رهي، پر محترمه جي استقبال لاءِ آيل هزارين ماڻهن ۽ سندس سيڪيورٽي گارڊن مان 150 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿي پيا. جنهن -ٽرڪ- تي محترمه پنهنجن ساٿين سان سوار هئي، اها خاص طور سندس استقبال لاءِ سمورن بچاءُ وارن اصولن کي سامهون رکي ٺاهي وئي هئي. -ان- ڌماڪي سبب -ٽرڪ- جون دريون ۽ هڪ دروازو اڏامي ويو. اهو سڀ ڪجهه سخت حفاظتي اُپائن جي باوجود ٿيو. اهو هڪ ڀيانڪ منظر هو. چوطرف انساني لاش ۽ عضوا پکڙيا پيا هئا. مري ويلن ۾ ڪيترا -ٻار- هئا. ڪجهه مذهبي انتها پسند گروپن محترمه کي قاتلاڻي حملي جي اڳي ئي ڌمڪي ڏني هئي، پر محترمه بينظير ڀٽو انهن ڌمڪين جي پس منظر ۾ اڳواٽ ئي چئي ڇڏيو هو ته کيس جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته -ان- لاءِ حڪومت جي اندر ويٺل ڌريون ذميوار هونديون. هي ايڏو وڏو شديد ۽ وحشيانه واقعو هو جنهن جي گڏيل قومن جي اداري ۽ دنيا جي حڪومتن پڻ مذمت ڪئي. هن واقعي وقت محترمه بينظير ڀٽو جي هڪ ساهيڙي اسڪوفيلڊ، جيڪا به ساڻس گڏ هئي. -ان- واقعي کان پوءِ بي بي سيءَ کي ٻڌايو ته ”اسين -ٽرڪ- تي ويٺا هئاسين ته اوچتو روشنيءَ جو چمڪاٽ ٿيو ۽ -ان- بعد ڌماڪو ٿيو. هن ڌماڪي جي ٻن منٽن بعد ٻيو ڌماڪو ٿيو، جيڪو پهرئين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ زوردار هو“. هن واقعي ۾ هڪ ٽي وي چينل جو ڪيمرامئن به مارجي ويو. پوليس جو چوڻ هو ته شروعاتي جاچ مان -پتو- پيو آهي ته ٻيو ڌماڪو خودڪش هو. ڌماڪي کان پوءِ بينظير ڀٽو کي تباهه ٿيل -ٽرڪ- مان لاٿو ويو ۽ کيس سندس گهر -بلاول- هائوس حفاظت سان نيو ويو. اهڙيءَ طرح هوءَ جلسي کي خطاب نه ڪري سگهي ۽ سندس استقبال لاءِ آيل هزارين ماڻهو منتشر ۽ دربدر حالت ۾ هيڏانهن هوڏانهن جان بچائڻ لڳا. چيو وڃي ٿو ته ڪراچي هوائي اڏي کان روانگيءَ بعد محترمه بينظير ڀٽو، بلٽ پروف شيشي واري ڪئبن استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ چيو هو ته، ”آئون ڊڄان ڪانه ٿي، صرف پنهنجي مشن بابت سوچي رهي آهيان، آءٌ سمجهان ٿي ته پنهنجي عوام لاءِ -جمهوريت- خاطر -جنگ- وڙهڻ آئي آهيان.“ هن واقعي ۾ شهيد ماڻهن مان 20 اهڙا لاش به هئا، -جن- جي سڃاڻپ ۽ وارثي نه ٿي سگهي. -جن- کي ڀٽو 1، ڀٽو 2، ڀٽو 3 وغيره جا نالا ڏئي ڳڙهي خدا بخش جي تاريخي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، جنهن کي ”شهيدن جو قبرستان“ سڏيو وڃي ٿو.[1]