بي بي سي

گڏيل بادشاهت (يوڪي، برطانيا) جو پبلڪ سرورس براڊڪاسٽر

برطانوي نشرياتي ادارو (انگريزي ٻولي: British Broadcasting Corporation) المعروف برٽش براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن (بي بي سي BBC) ٻُڌندڙن ۽ ڏسندڙن جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو نشرياتی ادارو آهي. بي بي سي جو هيڊڪوارٽر لنڊن ۾ آهي.[1] بي بي سي صرف برطانيا ۾ ملازمن جو تعداد 26 هزار آهي ۽ ان جي سالياني بجيٽ 4 ارب برطانوي پاؤنڊ (7.9 ارب آمريڪي ڊالر) کان وڌيڪ آهي۔

بي بي سي جو لوگو
بي بي سي براڊڪاسٽنگ جي بلڊنگ

1936ع ــ برٽش براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن (BBC) پنھنجو پھريون ٽيليويزن چئنل قائم ڪيو. ھيءُ دنيا جو پھريون باقائدہ نشريات شروع ڪرڻ وارو چئنل پڻ ھو.

1930ع ۾ نيويارڪ ۾ آمريڪا پنهنجي هڪ ٽي وي اسٽيشن نيشنل براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن (NBC) قائم ڪئي هئي.[2] لڳ ڀڳ ساڳئي سال 1930ع ۾ بي بي سي پاران لنڊن ۾ پنهنجي هڪ ٽيليويزن اسٽيشن قائم ڪئي، تنهنکانپوءِ فرانس ۽ جرمني به انگلينڊ ۽ آمريڪا جي پيروي ڪندي قومي ٽي وي اسٽيشون ٺاهيون.[2]

1922ء ۾ برٽش براڊڪاسٽنگ ڪمپني لميٽڊ جي قائم ڪيل هن اداري کي بعد ۾ شاهي پروانو جاري ڪيو ويو ۽ 1927ء ۾ هي رياست جي ملڪيت بڻجي ويو. ادارو ٽيليويزن، ريڊيو ۽ انٽرنيٽ تي پروگرام ۽ معلوماتي خدمتون پيش ڪري ٿو. بي بي سي جو هدف "اطلاع، علم ۽ تفريح جي فراهمي" آهي۔

ادارو بي بي سي ٽرسٽ جي انتظام هيٺ هلايو وڃي ٿو ۽ پنهنجي منشور جي مطابق "سياسي ۽ اشتهاري اثرن کان آزاد آهي ۽ صرف پنهنجي ڏسندڙن (ناظرين) ۽ ٻُڌندڙن (سامعين) کي حالتن کان واقف رکي ٿو۔"

ادارو انگريزي سميت سموري دنيا جي 33 ٻولين ۾ پروگرام نشر ڪندو آهي، جن ۾ اردو پڻ شامل آهي. اردو ۾ بي بي سي ريڊيو جي نشريات کانسواءِ هڪ ويب سائٽ پڻ شامل آهي جيڪا تحريري اردو جي اولين ويب سائٽس منجهان هڪ آهي.

بي بي سي نيوز خبرن جو ادارو آهي.

تصويرون سنواريو

پڻ ڏسو سنواريو

  1. بي بي سي نيوز

حوالا سنواريو

  1. "بي بي سي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-11-27. 
  2. 2.0 2.1 "سنڌي ورچوئل لائبريري | ماس ميڊيا" Check |url= value (مدد). kitab (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-11-27. 

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو