مک مينيو کوليو

ٻڍل فقير

سنڌي ٻولي جو شاعر

شڪارپور کان اٽڪل پنجن ميلن جي مفاصلي تي، چوئي شاخ جي ساڄي ڪپ تي، هڪ ننڍڙي بستي آهي.جنهن جو اصل نالو ته بخشيو اُنڙ هو. پر هن وقت ٻڍل فقير جي ڳوٺ جي نانءَ مشهور آهي. شڪارپور جي چوڌاري گهڻائي ننڍڙا ڳوٺڙا آهن، پر هن ڳوٺ کي مکيه اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته هيءُ ڳوٺ اڄ کان اٽڪل هڪ صدي اڳ هڪ اهل ولايت درويش جي رهڻ جو مقام هو، جنهن پنهنجي نغمه سَرائيءَ سان سنڌي ادب ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو. هن اهل ولايت درويش جو اسم گرامي حضرت صوفي ٻڍل فقير هو.

صوفي ٻڍل فقير
ٻڍل فقير پنهنجي پٽ، مست محمد مقيم سان
تاريخ پيدائش 1865 ۽ 1985 جي وچ ڌاري
شڪارپور، سنڌ، برطانوي هندوستان
تاريخ وفات 12 آڪٽوبر 1939
شڪارپور، سنڌ، برطانوي هندوستان
قابل احترام اسلام، هندومت
مؤثر شخصيتون حزب الله شاهه راشدي
متاثر شخصيتون فقير عبدالڪريم، فقير مست محمد مقيم
روايت ڪافي، صوفي ازم

ولادتسنواريو

انهيءَ ”بخشي اُنڙ“ جي ڳوٺ ۾ هڪ شخص ٿي رهيو، جنهن جو نالو ”عبدالواسع “هو، جنهن کي عام ماڻهو وَسيو سڏيندا هئا. هو نهٺو ۽ نماڻي طبيعت جو مالڪ هو. انگريزن جي حڪومت جو اوائلي دور هو. هر طرف سُڪر ۽ سڻائي هئي. سادگي راحت سمجهي ويندي هئي، ڪوڙ ۽ فريب ايڏو عام نه هو. وَسيو فقير ٻه-ٽي ايڪڙ زمين جا آباد ڪري، سُکيو سَتابو گذاريندو هو، پر هڪ غم کيس مايوس ڪندو رهندو هو؛ اُهو هو ته کيس ڪابه نرينو اولاد ڪانه هئي، جنهن ڪري هو سدائين پيرن فقيرن ڏي پيو پنڌ ڪندو هو. روايت آهي ته هڪ ڀيري هڪ مجذوب فقير اچي سندس ڳوٺ کان لانگهائو ٿيو، ان جي نالي جي خبر پئجي نه سگهي، پر فقير کيس ”نانگو مست الستي“ جي لقب سان سڏيندا آهن. فقير وسيي ان مجذوب جي پُٺ ورتي؛ جنهن سندس عاجزيءَ کي ڏسي دعا ڪئي. ٿوري وقت کانپوءِ کيس نينگر پيدا ٿيو، جنهن تي ”ٻُڍل“ نالو رکيو ويو. سندس ولادت جو صحيح سال معلوم ٿي نه سگهيو آهي؛ پر فقيرن کان معلوم ٿيو آهي ته فقير صاحب پاڻ فرمائيندو هو ته جڏهن آخري ليٽ اچي بس ٿي ۽ ريل جي بند ٻڌڻ لاءِ انگريز آفيسر زرخيل جي سڙڪ جي اوڀر کان تنبو هڻي اچي ويٺا، تڏهن منهنجي عمر اٽڪل 18 سال هئي. شڪارپور ۾ ريل جو بند سنه 1883ع ڌاري ٺهڻ شروع ٿيو هو. جيڪڏهن فقير صاحب جي زباني روايت کي ڏسجي ٿو، ته سندس ولادت جو سال اندازن 1885ع ٿئي ٿو.

ٻڍل فقير جن جو ننڍپڻسنواريو

زباني روايتن مان جيئن معلوم ٿئي ٿو، فقير صاحب پنهنجي والدين جي هنج ۾ لاڏ ۽ ڪوڏ سان پليو، پر جيئن هو وڏو ٿيندو ويو، تيئن ماڻهن کان دور دور رهڻ لڳو، اٺن ورهين جو ننڍڙو ٻار، جهنگن ۾ جاليندو ۽ واٽن تي ويهندو ٿي رهيو. سندس والد کيس ڳوٺ جي مڪتب ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو، مگر مڪتب جي فضا کيس راس نه آئي. هو مڪتب کان نڪري جهنگ ۾ ٻٻر جي هيٺان يا لئيءَ جي پاڇي ۾ ليٽي پوندو هو. سندس والد کيس ڳولهي گهر وٺي ايندو هو. سندس رنگ ڍنگ نرالو ٿيندو ويو. هُو ٻار جي هِن عجيب دنيائي ڪناره ڪشيءَ کان نا اُميد ٿي پيو ۽ کيس بيحد افسوس ٿيڻ لڳو. ڳوٺ جا ماڻهو چميگويون ڪري چوڻ لڳا، ته ”ويچاري وسيع فقير جي قسمت چڱي نه آهي، سِڪي سِڪي پٽ ته ڄايس، پر هٿان مصيبت بڻجي پيو اٿس، اهڙي پٽ کان ته بس ڀلي.“ سندس والد مجبور ٿي، ڳوٺ جي ٻين ٻارن وانگر کيس ڍور چارڻ لاءِ ڏنا. جهنگ ۾ ڍورن پنهنجي واٽ ورتي، ۽ ٻڍل پنهنجي واٽ ورتي.

جَن کي لڳي لنوء يار جي ، ِوسري وين ڪَم ڪَار ٻي، طلبَ هُين سَردار جي، سي عام ۾ هِت نه اڙيا

فقير صاحب کي ننڍي هوندي ڳئون چَارڻ لاءِ موڪليندا هئا. ڳَئون جهنگ ۾ ڇڏي پاڻ هڪ وڻ جي ڇانوءَ ۾ ويهندا هئا. تان جو فقير صاحب شام تائين ان وڻ جي ڇانوءَ ۾ ويٺو هوندو هو ۽ مال جڏهن گهر ڏانهن موٽي ايندو هو ته فقير صاحب به گهر ايندو هو. مال کي ڇڏڻ سان ئي مال پُوک ۾ وڃي پوَندو هو جو ڪُڙمي انهن کي تَڙي ڇڏيندا هُئا. هڪ ڏينهن ڪُڙمي ڪاوڙجي آيا ته انهيءَ ڌنار ڳولهي وڙهونس. جڏهن فقير صاحب وٽ آيا ته ڇا ڏِسن ٻُڍل سائين نِنڊَ پيو آهي. وقت ٽِپهري شام جو آهي مَگر وَڻ جي ڇانوءَ صُبح وانگر اولهه طرف آهي. اِهو ڏسي خيال ڪَيائون ته هِي ڌنار ڪومَرد مولا دَرويش آهي. مَنجس اهڙي ڪا مَڻيان آهي جو وَڻ به هِن جي امَر ۾ خِدمتگار آهن. تِنهن ڪري هن کي ڪُجهه نه چَئو مَتان الله نه ناراض ٿئي. اهو چئي هُو واپس هَليا وَيا.

روايت آهي ته هڪ ڏينهن جيئن فقير صاحب جهنگ ۾ ڍورن کي آهرائڻ ويو، تئين مٿس اهڙو حال طاري ٿي ويو، جو هو غش کائي ڪري پيو. بيهوشيءَ جي حالت ۾ کيس گهر آندائون. سندس والدين ۽ اوڙي پاڙي وارن ائين سمجهيو ته مٿس ڪو جن جو اثر ٿيو آهي. ڀوپا گهرايا ويا، جهاڙون جهوپون ٿيڻ لڳيون، پر هنن ڀوپن کي ڪهڙي خبر، ته الاهي محبت جو رنگ ڪهڙيءَ ريت چڙهي ٿو! هو الاهي رڱ ۾ رڱجي، مست گذارڻ لڳو ۽ اُن وقت سندس شاعريءَ جي ابتدا ٿي. جيتوڻيڪ سُر سنگيت کان واقف نه هو، پر يڪتارو کڻي ڳائڻ شروع ڪيائين؛ يڪتاري تي هن جو پهريون ڪلام چيو، سو هو سگهڙو موٽج يار، توکي ويٺا ساريون، سچ جي سرڪ، وئين ڪا پياريون.

تنهنجي سورن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان، پائي پاند ڳچيءَ پر جي پيش پوان، ابرو عاشقن تي ڪن ٿا ڪاهه سنوان، ڏاڍيون ڇوهه ڇڏي وڙهن ويڇاريون.تنهنجي سڪ ۾ يار سدا هيءَ ٿي سڪي، پروانا پرَ ڏي رويون روز لکي،من ڪي محب اچن ويٺي راهه تڪي، منهنجي ڦٽن جو تو ڳٽ دوست دارون.عشق هو ’ٻُڍل‘ کي ٻنڌڻن لاڪون، ڇو محب ڍڪن منهن عجيب اسان کون.روحڙو آهه رتو، تن هيءُ توهان کون، دم نه ٿجان ڌار، توڏي ٿا نهاريون

ٻڍل فقير جن جو دست بيعت ٿيڻسنواريو

هڪ ڀيري اتفاق سان پير جي ڳوٺ جي نامياري راشدي خاندان جو هڪ فرد، سيد علي سرور شاهه پنهنجي هڪ مريد وٽ، جنهن جو نالو فريد هو، فقير صاحب جي ڳوٺ ۾ اچي منزل انداز ٿيو. ٻڍل فقير جي والد کي جڏهن پير صاحب جي اچڻ خبر پئي، تڏهن فقير صاحب کي وٺي، پير صاحب جي خدمت ۾ حاضر ڪيائين. پير صاحب سندس ڪلام ۽ ظاهري جوش ۽ جذبي کي ڏسي بيحد متاثر ٿيو ۽ پنهنجي مريد کي حڪم ڏنائين، ته هن نوجوان کي پير جي ڳوٺ درگاهه تي وٺي وڃ. فريد ۽ فقير ٻڍل جي والد، پير صاحب جي حڪم جي تعميل ڪئي. ڏينهن گذرڻ بعد ٻُڍل سائين جن کي ساڻ ڪري پير سائين جن جي درگاه شريف ڏانهن پيادل رستي وٺي هليا. ۽ درياه تان ٻيڙيءَ رستي پار ٽپڻ جو ارادو ڪري ٻيڙيءَ تي چڙهيا. جڏهن ٻيڙي سِير ۾ پهتي ته ٻڏڻ لڳي. جنهن ڪري سڀئي ماڻهو ٻيڙيءَ تي ويٺل حيران ۽ پريشان ٿيڻ لڳا. فريد فقير سڀني ماڻهن کي چيو ته ٻيڙيءَ جي بچاءَ لاءِ ٻُڍل سائين کي سڀئي عرض ڪيو ته خير سلامتيءَ سان پار پهچئ پئون. پوءِ سمورا ماڻهو ٻُڍل سائين کي عرض ڪرڻ لڳا ته فقير سائين ٻيڙيءَ لاءِ رب پاڪ جي درگاه ۾ دعا گهرو ته خير سان هلي پار پهچون. پوءِ ٻُڍل سائين جن هڪ شعر جي نموني اٺاويهن مصرعن سان لولي چئي ۽ ٻيڙي رب جي ٻاجهه سان پار پهتي. پوءِ ٻُڍل سائين جن فريد فقير سان گڏجي پير سائين جن جي درگاه شريف تي پهتا.

جنهن وقت فقير ٻُڍل سائين جن ۽ فريد فقير پير صاحب حزب الله شاه سائين جن جي حضور پهتا ته پير سائين بادشاه فرمايو ته” فريد فقير ! هي روهڙيءَ وارو بيدل فقير ته نه آندو اٿي“. فريد فقير عرض ڪيو ته ” قبلا، هيءُ اسان جي ڳوٺ ۾ واسع فقير جو نينگر آهي. اوهان جي حضور ۾ دست بيعت ٿيڻ آيو آهي. پير سائين بادشاه جن فرمائڻ لڳا ته ” کير جو مٽ ته ڀريل آهي پر سانڀاڻ جي دير اٿس“. پوءِ ٻُڍل سائين ڏي مخاطب ٿي فرمائڻ لڳا ته” فقير منهنجو هي ڪلهو ته ڏس. هي زخمي ٿي پيو آهي. تنهنجي جي سڏڻ تي اچي ٻيڙيءَ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ ڏنو اٿم“. فقير ٻُڍل سائين جن عرض ڪيو ته ” قبلا! مان به وري اوهان جي اولاد ۽ پيڙهيءَ لاءِ ڏينهن قيامت تائين لولي چئي اٿم“.دَست بيعت ٿيڻ بعد پير سائين بادشاه هادي سائين جن کي فَرمايو ته” اوهان آئينده لاءِ هيڏانهن اچڻ ۽ پنڌ جي تڪليف نه ڪندا ڪريو. جو اسان اوهان سان قيامت تائين ساڻ آهيون. اوهان ڪو به خيال نه ڪندا“.

حضرت ٻڍل سائين، پوءِ سندس ارادتمندن ۾ داخل ٿي ويو. ڪجهه وقت مرشد جي خدمت ۾ رهي، موٽي ڳوٺ آيو، جتي خاموشيءَ سان، رات ڏينهن ياد الاهيءَ ۾ گذاريندو رهيو. هاڻي سندس زندگي ڄڻ هڪ سالڪ جي سطح تي اچي ويئي. ماڻهن جون دليون ڏانهس ڇڪبيون ٿي رهيون. وقت گذرندو ويو ۽ محبت جي آڳ، جا اڳ ڀڙڪا کائي اٿندي هئي، هاڻي نورانيت ۾ تبديل ٿي وئي، جا هڪ صوفيءَ جي آخري منزل آهي. فراق جي منزل، وصال جي مقام م بدلجي وئي:

محب مُئيءَ جي گهر آيو، ميندي مون اچي لايو.
سرتيون هار سينگار ڪري، سَرهي سيج وڇايو.
جنهن ته ڏٺي ڏک ڏور ٿيا، سرتيون ڪُم ٿيو سجايو.
سير کٿوري واسيا، پيرل پير اچي پايو.
اڱڻ ”ٻڍي“ جي عيد ٿي، پرينءَ پاڻ پسايو.

ٻڍل فقير جَن جي سَخا ۽ تارڪيسنواريو

ٻُڍل سائين جن جي دل ۾ هر وقت اهو خيال رهندو هو ته ”جيڪو به مال اسباب آهي. سو رب جي راهه ۾ خيرات ڪري مسڪينن کي کارائي ڇڏجي“. هڪ دفعي سندن والدين ٻئي ڳوٺ ڏانهن ويا ۽ هادي سائين کي چيائون ته ” اسان ڳوٺ کان ٻاهر ٿا وڃئون پُٺيان گهر ۽ مال جي حفاظت ڪندا“. جڏهن هو روانا ٿي ويا ته ٻُڍل سائين جن ڇا ڪيو جو ڳوٺ جي ماڻهن کي سڏائي ڏاند ۽ ٻيو جيڪو به مال ڍور ڍڳا هين انهن کي تڪبير ڏيارائون ۽ گاڏي ،پَاڃاري، هر ۽ ٻيا ڪاٺ ڪِلا وَڍائي ديڳين جي باه ۾ ساڙايائون ۽ گهر ۾ جيڪو به اناج هيو سو به رنڌرائي پسگردائي وارا ،مسڪين ۽ همسايه گُهرائي ۽ واٽهڙو سڏائي انهن کي کارائي ڇڏيائون.

سسئيءَ جي بيتن ۾ ٻُڍل سائين جن فرمايو آهي ته؛


ڏهين ڏينهن ڏُکن جا وَرق کُلي پيس واهه،
سا پڙهي پَروڙي پَاڻ ۾ اندر مَنجهه اداهه،
رَمندي وڃي رُوح مان ڪري ڪُستئون ڪاهه،
گهوريان گهر پُنهل تان هي مڏيون مال مَتاع،
حاضر حضرت شاه هِن تي ڪر ڪا ٻاجهه ٻُڍل چَوي.


سندن والد صاحب جن جڏهن سفر تان موٽي آيا ته اهو حال ڏسي هو به فقير جي رضا تي راضي رهيا. ان بعد آهستي آهستي عشق وحدت جي اظهاري ٿيندي وئي. پاڻ ڪلام ۾ فرمايو اٿن ته؛

نينهن ٻڍل نروار ڪيو هاڻي ڪاڏي لڪان؟
”ٻُڍل سائين“


مثال آهي ته عشق ۽ مُشڪ لڪي نه سگهندو آهي. خود ذات حق کي به عشق ئي ظاهر ڪيو. پوءِ ڪٿي ٿو لڪي. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ فقير درگاه تي ٻڍل سائين جن جي تي آيو هادي شهنشاه جن جي فرزند سائين ” فقير عبدالحڪيم “ جن کان پڇا ڪيائون ته ٻُڍل سائين ڪٿي آهي. پر اُن ڏينهن ٻُڍل سائين جن ڊکڻ ڳوٺ دعوت کائڻ ويا هئا. پُڇا ڪندڙ کي ٻُڍل سائين جي فرزند فقير عبدالحڪيم اوڏاهن ڏس ڏنو. ان بعد هو به اوڏاهن روانو ٿي ويو. هوڏانهن هادي سائين جن دعوت کائي پنهنجي فقير امير بخش ۽ ٻين طالبن سان درگاه ڏانهن ٿي آيا. ته رستي ۾ اهو فقير ٻُڍل سائين جن سان وڃي مليو. کائنس پڇا ڪيائون ته ” ڪير آهين؟“ جنهن تي سائل عرض ڪيو ته ” منهنجو نالو عليشير آهي. ذات جو جويو آهيان. طالب سائين رکيل شاه جو آهيان. ويٺل ڳوٺ جتوئي لڳ ڳڙهي ياسين. مونکي ڪا ضرورت آهي. خدا واسطي هڪ سوء روپيه ڏيو.“ جنهن تي ٻُڍل سائين جن فرمايو ته ” فقير مون وٽ سوء رپيه ته ڪو نه آهن. جيڪو الله جي نالي تي دعوت مان مليو آهي سو وٺ“. سائل عرض ڪيو ته” مونکي سوء رپين کان گھٽ نه کپي جو ضرورت پوري نه ٿيندي“. پوءِ هادي سائين جن فرمايو ته” مونکي وٺي هلي ڪٿي وڪڻي سوء رپيه هٿ ڪريو“. پوءِ سائل ائين به ڪيو جو فقير ٻُڍل سائين جن گاڏي هلائيندڙ کي چيو ته” ڏاند گاڏي موٽائي ڳوٺ وڃ“. ۽ فقير امير بخش کي فرمايائون ته” اوهان درگاه تي وڃو. منهنجو سرُ خدا واسطي قبول پيو آهي جو مان هن سائل فقير جي پٺيان وڃان ٿو پوءِ جاڏي به ڪري.“

اچن ٿا پير اڳ پايون ڏاڍي ڪنهن ڪست مان ڪاهيون،

؛ڪوپا ڏين ڪنڌ ڪپايون، اهي گڏ يار سان هوندا.

”ٻُڍل سائين“

پوءِ سائل فقير ٻُڍل سائين جن کي ساڻ ڪري شڪارپور ڏانهن روانو ٿيو. چيائين ته ” اوهان کي سوء روپيه تي هلي ڪٿي وڪڻان ٿو“. اها خبر جڏهن دعوت ڪندڙ سومرن فقيرن کي وڃي پهتي ته اهي هڪدم وٺي ڊوڙيا ۽ ٻُڍل سائين جن کي رئيس واه تي شڪارپور جي ٻاهران اچي پهتا. ۽ سائل کي آزي نيزاريءَ سان چيائون ته” اسين تو کي سوء روپيه ڏيون ٿا. ٻُڍل سائين جن جي پچر ڇڏيو“.

جنهن تي سائل سوء روپيه وٺي ٻُڍل سائين جن کي ڇڏيو جو ڊکڻ فقير ٻُڍل سائين جن کي وٺي پنهنجي ڳوٺ آيا. هوڏانهن اها حقيقت جڏهن امير فقير درگاه تي ٻڌائي ته فقير ٻُڍل سائين جن جو فرزند فقير عبدالحڪيم جن پنهنجي فقراه سميت ڊکڻن جي ڳوٺ اچي پهتا. سموري حقيقت معلوم ٿيڻ بعد سندن فرزند فقير عبدالحڪيم ٻُڍل سائين جن کي درگاه تي هلڻ لاءِ عرض ڪيو. مگر هادي سائين جن فرمايو ته ” اسين هنن سومرن وٽ وڪاڻل آهيون. اوهان درگاه شريف تي واپس وڃو. هاڻي منهنجو اوهان سان ۽ درگاه سان ڪو به واسطو نه آهي“. جڏهن سومرن هادي سائين جن کان هي الفاظ ٻڌا تڏهن انهن مڙني عرض ڪيو ته” سائين اسان اوهان کي اهي سوء روپيه راه الله بخشياسون. اوهان ڀلي درگاه شريف تي پنهنجي اهل اطفال ۽ فقراه سان وڃي خوش خورم رهو“. اهي الفاظ ٽي دفعا عرض ڪيائون. پوءِ پاڻ سائين جن راضي ٿي اتان موڪلائي درگاه شريف تي آيا. هي هُئي سندن سر جي سخا.


ٻڍل فقير جن جي شادي خانه آبادي جو سلسلوسنواريو

جنهن وقت هادي سائين جن جي راز الاهيءَ جي ملڪ ۾ مشهوري ٿي. ان بعد سندن والدين کين شادي ڪرڻ لاءِ چيو. پر پاڻ سائين جن قبول نه پيا ڪن. نيٺ سائين پير علي سرور شاه جن کان چوايائون. جن جي حڪم موجب پاڻ ٻُڍل سائين شادي ڪرڻ تي راضي ٿيا. کين ڳوٺ مان ئي شادي ڪرايائون. مگر هادي سائين پنهنجي اهلبيت جي ويجهو ئي نه ويا. نيٺ مجبور ٿي سندن والد ٻيهر سائين پير علي سرور شاه جن کي وٺي آيا. جنهن ٻُڍل سائين جن کي گهريلو زندگي صحي گذارڻ لاءِ زور وڌو. جنهن تي ٻُڍل سائين جن فرمايو ته ” جيڏانهن تيڏانهن هڪ ئي نور ٿو نظر اچي پوءِ گستاخي ڪيئن ڪريان؟“ آخر ڪار پير سائين جي چوڻ تي ٻُُڍل سائين پنهنجي اهلبيت جي ويجهو ويا. پوءِ سائين جن جي اولاد جو سلسلو شروع ٿيو.


ٻڍل فقير جن جون ڪرامتونسنواريو

ٻڍل فقير ڏانهن ڪيتريون ئي روايتون منسوب آهن، جيڪي عام پڙهندڙن لاءِ هت مختصر ڏجن ٿيون. ٻڍل فقير جڏهن ڄائو هو، تڏهن ناڙو وڍڻ لاءِ دائي کي ڪاتي ڏسي هُئي. مال چارڻ وقت يَل / ڇيڪ ڇڏي ڏيندو هو ۽ جنهن وڻ هيٺان سمهي ته ڇانءَ هڪ جاءِ تي بيهي ويندي هئي. ٻڍل سائين مال سان گڏ ڦر به شامل ڪري جهنگ ڏي ويندو هو، ڦر به ڍوَ تي کير پيئن ته گهر وارن کي به کير جام ملي ويندو هو. پکي وانگر پرواز ڪندو هو. هڪ عورت مسلسل ست حج ڪَندي ٻڍل فقير کي به حج ادا ڪندي ڏٺو، جڏهن موٽي اچي حج جو احوال اوريائين ته وراڻي ڏنائين ته، آءٌ هت هوس حج تي اُسهيو به نه آهيان.

مرحوم فقير علي بخش سرڪي (ساڪن ڳڙهي حسن تعلقه ٺل) کان روايت آهي ته آءٌ ٻڍل فقير جي حاضريءَ ۾ گهڙو وڄائيندو هوس. هڪ دفعي ڪنهن نامعلوم ماڻهوءَ ٻڍل فقير کي پيرين پئي هٿ ڏنو ته، ٻڍل فقير ان وقت ٽيڪ ڏيئي ستا پيا هئا، نامعلوم ماڻهوءَ جا هٿ جيئن پيرن تي پيا ٻڍل فقير رڙ ڪري اٿي ويهي رهيو. چيائين ته ابا ماري ڇڏيئه! اَبا ماري ڇڏيئه! پوءِ معلوم ٿيو ته هٿ ڏيڻ وارو ذات جو سيد هو.

ٻڍل فقير جن جو اولادسنواريو

ٻُڍل سائين جن کي ٽي فرزند ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيا. سندن وڏو فرزند فقير عبدالحڪيم ”ننگر ڌڻي بادشاه“ هڪ وڏي حال خيال وارا اهل ولايت صوفي درويش هئا. پاڻ ٻُڍل سائين جن جي برقع مٽائڻ کان پوءِ سجاده نشين ٿيا. سندس وِچون پٽ فقير مست محمد مقيم نه رڳو لائق پٽ هو، پر پيءُ جو حال محرم ۽ دل جو دوست هو. پاڻ هڪ قادر الڪلام صوفي شاعر ۽ فنافي الله مرد ڪامل هئا. هن ۾ ننڍپڻ کان ئي فقير صاحب وانگر مستيءَ جو جذبو سمايل هو، ان ڪري ماڻهو کيس ”مست مقيم “ جي نالي سان سڏيندا هئا. سندس مُک مان عجيب جلال پيو بکندو هو، وڏو محبتي جوان هوندو هو. اوچتو هي لنگ بند جوان ليٽي پيو. جوانيءَ جو موت، سو به هڪ لائق فرزند جو، فقير صاحب ان صدمي کي نهايت صبر سان سٺو. جوان پٽ جي ياد ۾ سندس آخري مرثيو هو:

وَرَ لئي ڪنديس وَسَ، لهنديس لعل لڪن مون.
انگ لکيو منهنجو اڳهين، آءُ ڪئن مٽيان مَسُ،
ووڙينديس وڻڪار ۾، ڏيهه ڏيندو مان کي ڏَسُ،
ڪاهيون ويندس ڪيچ ڏي، وٺي گورن جو آئون گَسُ،
ايندو ٻاروچو ’ٻڍل‘ چوي، پوندن ڪو شال تَرسُ

پاڻ اٽڪل چاليهن ورهين جي عمر ۾ پنهنجي والد ماجد ٻُڍل سائين جن جي حياتيءَ ۾ دنيا کان دل کڻي عقبى ڏانهن روانا ٿيا. ٻُڍل سائين مٿس پنهنجي حياتي ۾ روزو ٺهرايو جو هن وقت موجود آهي. ٽيون فرزند سائين فقير عبدالڪريم جن سائين فقير عبدالحڪيم جن جي برقع مٽائڻ کان پوءِ سجاده نشين ٿيا. پاڻ هميشه پنهنجي مستي حال خيال ۾ گذاريندا هئا.

ٻڍل فقير جن جي صورت ۽ سيرتسنواريو

هادي سائين جن جو جنهن هڪ دفعو ديدار ڪيو هوندو. سو ئي بخوبي سندن صورت ۽ سيرت جو اندازو لڳائي سگهندو. سندن شڪل شبيهه ۾ چقمق جي ڪشش رکيل هئي ۽ پيشاني تي نوراني نور پيو بڪندو هو. سر مبارڪ جا وار هلڪا هين. سندن ڏاڙهي مبارڪ مٺ جيتري ۽ شهپرن کي سنت نبي ڪريمﷺ جي مطابق اختيار ڪيل هين ۽ منهن مبارڪ جو خط اصل نه وٺندا هئا. قدم مبارڪ ڪجهه وريل هوندا هين. جنهن ڪري خاص قسم جو بوٽ ٺهرايو ويندو هو. سندن پوشاڪ به نهايت سادي هوندي هئي. سر تي تاج مبارڪ، جسم تي ڊگھو چولو يا وقتي صوفين واري ڊگھي الفي، سٿڻ تمام هلڪي پائيندا هئا. اڪثر ڪري ڪپڙن کي ٻٻر جي کلن جو رنگ ڏياريندا هئا. سندن کاڌو سادو هوندو هين. جوئر جي ماني، سائي پالڪ ،سرهن جو ساڳ ۽ لسي ڀت کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا. کائڻ لاءِ ٿانوء ٺڪر يا ڪاٺ جا هوندا هين. عام طرح دعوت ڪندڙن کي پنهنجو اهو کاڌو قبول ڪرائي پوءِ ويندا هئا. سمهڻ لاءِ سادي رلهي ۽ رهڻ لاءِ ڪکائين جهوپڙي وڌيڪ وڻندي هين. بستري تي تڏو وڇائي پوءِ ويهندا يا سمهندا هئا. سارو ڏينهن ڪچهري کليل هوندي هين. جيڪڏهن ڪو به سوالي ايندو هين ته ان جو سوال پورو ڪندا هئا. فقراه سان وحدتون ڪندي ڏينهن بسر ڪندا هئا. ۽ شام جو فقراه جي چونڪي ٻڌندا هئا. آواز ڪلام جي ٻڌڻ جو ڏاڍو شونق هوندو هين.

شام جي ننگر هلڻ تائين آواز ڪلام ٻڌي پوءِ جاءِ تي ويندا هئا. خاص گوشائتي جاءِ مقرر ٿيل هين جتي ڪو به نه ويهندو هو. خدمتگار فقير دروازي کان ٻاهر ويٺا هوندا. فقير صاحب نهايت سادگي پسند هو. ڏينهن آيل مهمانن جي رهاڻ ۾ گذاريندو ۽ رات ڌڻيءَ جي عبادت ۾ گذاري ڇڏيندو هو. نه شيخي نه مشائخي، نه پيريءَ جي دعوا، نه بزرگيءَ جو ڏيکاءُ. اهو سندس اعلي اخلاق هو، جو ماڻهو ڏانهس ڇڪجي ايندا هئا. روحل فقير سچ فرمايو آهي:/big>

ڪهڻي تان هرڪو ڪهي، پر رهڻي اؤکي بات،
پڌري ٿيندي ذات، رهڻيءَ مان ’روحل‘ چئي.

فقير غلام علي ”مسرور“ بدويءَ جو چوڻ هو ته ”پوئين زماني ۾ منهنجي اکين ٻه عارف ڏٺا: هڪ ٻڍل فقير۽ ٻيومولوي عبدلغفور ”مفتون“ همايوني.

فقير صاحب کي شاهه ڀٽائيءَ، خواجه فريد، سچل سرمست، بيدل فقير، اصغر، صوفي خير محمد، عثمان چاڪي جي ڪلام سان محبت هوندي هئي. سماع سُڻندي ڪڏهن ته مٿس وجد جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. مسرور فقير بدوي شڪارپوري جن کان روايت آهي ته: ”هڪ ڀيري مان سندس روبرو پير علي گوهر شاهه اصغر جي هيءَ ڪافي چئي رهيو هوس ته فقير صاحب تي حال طاري ٿي ويو:

رانول رمزون روح ۾، اڄ ڪي لاتئه نيون،
ڦٽڙا جي درد فراق جا، تنهن ۾ وڌءِ وهِ جون وٽيون،
اُهي تاب تنهنجي کان تتيون، جيئن تيل جون ٽچڪن تيون.

ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته فقير صاحب جي جهڙي صورت نوراني هئي، اهڙي ئي سيرت سبحاني. سندس اولاد مان حضرت فقير امام الدين هيئن ٿو سندس ساراهه ڪري:

ٻڍل سائين ٻاجهه مهر ڪر، صورت پنهنجي پاڪ پساءِ.
پر پيالو سوز سان ڇلڪي، اهو عرض اگهاءِ.
تو بن سائين جيئڻ جنجل، محبت مچُ مچاءِ.
نڌر نماڻا جهڙا تهڙا ڇولين کان ته ڇڏاءِ.
آس امام الدين آهي اهائي، هادي توڙ رساءِ.


هڪ ڏينهن هادي سائين جن هڪ مٽ پاڻيءَ جو اُن کي مٺو ڪرايائون ۽ فرمايائون ته ” هي پاڻي فقراه ۾ ورهايو. پر اهو ورهائي جيڪو هن جاءِ تي ويهندو“. پوءِ پنهنجي وڏي فرزند فقير عبدالحڪيم کي گھرائي اُتي ويهاري پاڻ دعا گھريائون ته” منهنجا مالڪ پاڪ منهنجي اولاد کي ايترو ميٺاج ۽ نينهن جو نشو ڏي جهڙو هن مٽ ۾ آهي. ۽ پاڻ فرمايائون ته ” سڄي فقراه کي هڪ هڪ پيالو پياريندو وڃ. جيئن هن پاڻي ۾ ميٺاج آهي تيئن منهنجي فقراه جي پاڻ ۾ ميٺاج ۽ محبت قيامت تائين قائم رهي“. جنهن تي سائين فقير عبدالحڪيم عرض ڪيو ته” سائين ڪيترا طالب هن وقت موجود نه آهن“. پاڻ فرمايائون ته ” انهن کي مان باطن ۾ محبت جو پيالو پياريو اٿم. پوءِ اهو مٺو پاڻي فقراه ۾ ورهايو ويو. فقراه کان اها ثابتي ملي ته انهيءَ ٽائيم تي جو فقراه جتي به هيو ته باطن ۾ مٺو پيالو پياريو ويو.

ٻڍل فقير جن جو وصالسنواريو

وصال وقت پنهنجي پٽن ۽ اولاد کي وصيعت فرمايائون ته” ننگر قائم رکجو، دُئي ۽ لالچ کان پري ڀڄجو. هڪ ئي نظر سان مخلوق کي ڏسجو. مسڪينن ۽ محتاجن جي سار سنڀار لهجو. ته الله سائين ۽ حضور پاڪﷺ جن جي ٽولي ۾ اوهان سُرخرو رهندوء. ٻُڍل سائين جن ڳالهائيندي سڄي فقراه کان موڪلائي هن فاني دنيا مان سال 12 اڪٽوبر 1939 ع بمطابق 1358هجري مهيني شعبان جي تاريخ 27 خميس ڏينهن جمع رات برقعو مٽائي دارالبقا طرف روانا ٿي ويا.


ٻڍل فقير جن جو ڪلامسنواريو

فقير صاحب جي شاعريءَ تي نظر ڪرڻ سان خبر پوندي ته سندس ڪلام گهڻو ڪري ڪافين ۽ بيتن جي صورت ۾ موجود آهي، جنهن کي ”عوامي شاعري“ جو نالو ڏنل آهي ۽ سنڌ ۾ ايترا ته گهڻا عوامي شاعر اسان کي ملن ٿا. جن جو ڳاڻيٽو سنڌ جي هڪ سري کان ٻي سري تائين هزارن جي تعداد ۾ ڪري سگهجي ٿو. ڪافيءَ جي صنف کي اختيار ڪرڻ وارن ۾ اسان کي اُهي بزرگ هستيون ملن ٿيون، جن جي فيض کان سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ واسجي چڪي آهي. اڄ به ”ڪوڙين ڪن سلام اچو آسڻ ان جي“. ان ڪري ڪافيءَ جو روحانيت سان گهرو ناتو آهي. ڪافي گو شاعر اڪثر حال ۽ قال صاحب ٿي گذريا آهن. سندن قال ۾ به حال جي جوش ۽ جذبي جو رنگ جهلڪندو نظر ايندو.

ٻڍل فقير جي ڪلام تي ڪيترن ڪافي گو شاعرن جو اثر پيل آهي، جن مان سر مست سچل، خواجه غلام فريد ۽ قادر بخش بيدل جا نالا خاص طرح سان وٺي سگهجن ٿا. ان کان اڳ، جو سندس ڪلام تي تشريحي نظر وڌي وڃي، مان انهن بزرگن جي شاعريءَ سان فقير صاحب جي ڪلام جي ٿوري ڀيٽ ڪريان ٿو، جنهن مان خبر پوندي ته سندس ڪلام تي انهن بزرگن جي ڪلام جو ڪيترو نه اثر آهي. فقير صاحب سماع جو قائل هو، ان ڪري وٽس موسيقيءَ جي مجلسون متل ٿي رهيون، جنهن ۾ انهن بزرگن جو ڪلام ڳايو ويندو هو؛ هن پنهنجي رنگ ۾ سندن تتبع ڪيو.

فقير قادر بخش ’بيدل‘ جو مشهور ڪلام آهي.

سِکُ رمز وجود وڃاوڻ دي،
نهين حاجت پڙهڻ پڙهائڻ دي.
اکران دي وچ جوئي اڙيا، عشق دي چاڙهي مول نه چڙهيا،
اثباتي دا علم جو پڙهيا، موج انهين سر ساوڻ دي.
بارش برهه دي جنهن سر آئي، سوز عشق وچ جالي سدائي،
بي دردان نو ڪل نه ڪائي، درد دي دود دکاوڻ دي.

ان رنگ ۾ فقير ٻڍل جو اسان کي هيٺيون ڪلام ملي ٿو:

سک رمز جيتي مرجاوڻ دي،
ناهي حاجت هنر هلاوڻ دي.
شاهه منصور سر سولي ٻولي، رمز انهيءَ سان اها ڳالهه چولي،
لِنو لِنو دي وچ ڏتڙي لولي، اناالحق اَلاوڻ دي.
علم عقل نون عشق نه ملندا، جان جان هستي دا حال نه ڀندا،
ڇوڙ تڪيا، انهيءَ خاڪي تندا، نيت نه رک ول آوڻ دي.

فقير قادر بخش جو ٻيو ڪلام آهي:

هِتِ هُت حامي آهه، اسان جو هادي حضرت شاهه.
لحمڪ لحمي، روحَڪَ روحي عالي اَسدالله،
محبت وارن سان آ ساڻي، وانگي ساهه پساهه.

فقير ٻڍل فرمائي ٿو:

رنديءَ وارو راهه، رمز سڄڻ جي روشن ڪيڙو.
اندر تونهين ٻاهر تونهين، تونهين ساهه پساهه.
سڀ صورت ۾ سهڻو سائين، آهي پاڻ الله.

خواجه غلام فريد جو مشهور ڪلام آهي:

بن دلبر شڪل جهان آيا، هر صورت عين عيان آيا.
ڪٿي آدم ته ڪٿي شيث نبي، ڪٿي نوح ڪٿان طوفان آيا.
ڪٿي ابراهيم خليل نبي، ڪٿي يوسف وچ ڪنعان آيا.
ڪٿي عيسيٰ تي الياس نبي، ڪٿي لڇمڻ رام تي کان آيا.
ڪٿي ذڪريا، ڪٿي يحييٰ هي، ڪٿي موسي بن عمران آيا.
ابوبڪر عمر عثمان ڪٿان، ڪٿي اسدالله ذيشان آيا.

ان تتبع تي فقير ٻڍل هيئن ٿو فرمائي:

وه دلبر ڪري سينگار آيا، هر صورت دي وچ يار آيا.
ڪاٿي ميخانه مخمور ڏٺم، ڪٿي شريعت ذوق ظهور ڏٺم،
ڪٿي سوريءَ تي منصور ڏٺم، چئي اَناالحق اّظهار آيا.
ڪٿي مٿي تخت تيار ڏٺم، ڪٿي چٽو چوڪيدار ڏٺم،
ڪٿي ڪارائو ڪمدار ڏٺم، ڪٿي ناچو ٿي نروار آيا.

اهڙيءَ ريت، سرمست سچل جو مشهور شعر آهي:

آءُ ادا سالڪ صحيح ڪر تون طلسمات کي،
ڀڄ دوئي تا ڪل پوئي، دور ڪر درجات کي.

فقير ٻڍل فرمائي ٿو:

آءُ ادا سالڪ، صحيح ڪر ڳالهه ڳجهه جي هيءَ ڳري،
محبت سندي ميدان ۾ پوءِ مام ۾ مانجهي مري.

فقير صاحب جي ڪلام تي، اهڙيءَ ريت انهن بزرگن جي ڪلام جو گهڻو پرتوو پيو آهي، سندس ڪلام به صوفين جي سرمستيءَ وانگر جوش ۽ جذبي سان ڀريل آهي. حال ۽ قال وارن صاحبن جي شاعريءَ، جو سڄوئي، اندرين ڇڪتاڻ تي آهي، جنهن کي روحانيت جي تڪميل سڏجي ٿو. ٻاهرين شاعري جا رڳو تخيلي آهي، ان ۾ قلبي واردات جو ڪوبه نشان نظر نه ايندو، پر جنهن شاعريءَ جو قلب جي جذبات سان واسطو آهي، ان کي پيغام آهي ۽ بني نوع انسان جي ڀلائيءَ جو باعث بڻجي ٿي. فقير صاحب جي شاعري به روحانيت جو هڪ ڀنڊار آهي، جيڪا مرادوند طالب لاءِ صراط المستقيم آهي. اهو پيغام ڪنهن هڪ مذهب ۽ ملت تائين محدود نه آهي، پر هڪ عالمگير پيغام آهي:

عشق وارن جو پنڌ پراهون، اوري دين ايمان.
عشق ڪري آيو جلوا جنگي، ٿيو هوش عقل حيران.
نه مئن سُني نه مئن شيعا، نه مئن مسلمان.
عشق اساڏا قبلا ڪعبا، عشق دا عالي شان.
عشق ’ٻڍل‘ اُتي پهچائي، جاتي مردن جا ميخان.

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي به ان پر فرمايو آهي:

نڪو ڪم ڪفار سين، نڪا مسلماني من،
نڪا دل دوزخ سين، نڪي بهشت گهرن،
اُڀاائين چون، ته پرين ڪجو پانهنجو.

خدا جي نيڪ بندن جو اهو غير فاني اصول آهي ته هو پرائي لاءِ به ايترو ئي هڏ ڏوکي آهي، جيترو پنهنجن لاءِ. دوئيءَ جو لفظ مٽجي وڃي ٿو، ڇو ته وٽن وحدت جو پيغام آهي. سندن مقصد ئي خدا تعالي جي خلق جي خدمت آهي:

جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته صفا ڪر سينو،
درس ڪڍي ڇڏ دل مان، ڪِبُر ۾ ڪينو،
دائم وسي ٿو دل ۾، رانجهن رنگينو،
من مان مدينو، مري پوءِ معلوم ٿئي.

اهوئي عمل جو درس آهي، جنهن مان پريت جو هر پانڌيئڙو ماڳ جو دڳ لهي ٿو. جتي ’پاڻ‘ جو اکر ۽ وجودي وسيلا موجود آهن، اُتي محبت جي راهه جو طئي ٿيڻ ئي مشڪل آهي، ان ڪري نفي ۽ نابودي، سلوڪ جي مسافر لاءِ، نئين حياتي ڏيندڙ آهن.

جن نيهن جا نڪتا پڙهيا، سي ته پور پهرين ئي چڙهيا.
نينهن جو نعرو هڻي، ويا برهه جي بازي کڻي،
سڪ ساهه ۾ هُيڙن گهڻي، سي عام ۾ هت نا اَڙيا.

هيءَ سڙڻ ۽ جلڻ ئي محبت الاهي جو ڏاج آهي، جنهن کي محبت وارا وڏيءَ دل سان قبول ڪن ٿا. منصور جو نالو محبت جي دنيا ۾ اَمر آهي. تصوف جي صاحبن ۾ منصور جي مقام کي انفرادي ۽ ممتاز حيثيت آهي. ان کي چون ”منصوري مقام“. فقير صاحب منصوري مقام جي رمز پنهنجي سادن لفظن ۾ هئين ٿو سمجهائي:

منصوري اها مام، عاشق ٻاجهون ٻيو ڪير سمجهي،
خيال خوديءَ جا عاشق ٽوڙن، مرڻ ڪنون سي منهن نه موڙن،