سنڌ جي مشهور تعليمي ماهرن ۾ مرحوم انورالدين شيخ جون خدمتون به ساراهه جوڳيون آهن. بهترين -استاد-، بااصول منتظم ۽ سماجي خدمتن سبب مشهور انورالدين شيخ 16 نومبر 1931ع تي پني عاقل جي معروف سماجي شخصيت -امير- بخش شيخ جي گھر ۾ -جنم- ورتو. پرائمري -تعليم- مين پرائمري اسڪول پني عاقل، سيڪنڊري -تعليم- سکر جي ڊي. سي هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر ۽ بي.اي جي -تعليم- شڪارپور جي مشهور سي.اينڊ.-ايس- ڪاليج مان حاصل ڪيائين. جڏهن ته 1958ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان ايم. اي ڪيائين، -جتي- ڊاڪٽر نبي بخش خان -بلوچ- جي رهنمائي ۾ ساڍا ٽي سؤ صفحن تي مشتمل هڪ ڪتاب جو ترجمو ”وهم“ جي عنوان سان ڪيائين، جيڪو سنڌالاجيءَ ۾ موجود آهي. 1970ع ڌاري سندس لکيل ڪتاب ”جديد سنڌي مضمون“ ڇپيو ۽ هڪ رياضيءَ جو ترتيب ڏنل ڪتاب پڻ شايع ٿيس. شڪارپور ۾ پڙهڻ دؤران هو مرحوم لطف -الله- بدويءَ کي پنهنجو آئيڊيل -استاد- چوندو هو. انورالدين شيخ پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز به -استاد- جي حيثيت سان ڪيو. 1960ع ۾ هيڊ ماستر طور ذميواريون سنڀاليائين. چڪ، مدئجي، ڳڙهي ياسين، -ڀيلار- ۽ پني عاقل ۾ هيڊ ماستري دوران پنهنجي اسڪولن ۽ تعليمي نظام جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو. بعد ۾ سرڪار طرفان کيس -ان- وقت قائم ڪيل تعليمي بورڊ سکر جو ڪنٽرولر مقرر ڪيو ويو. هو نهايت ايماندار ۽ سخت عملدار طور مشهور هو، -ان- بعد ڊائريڪٽوريٽ آف اسڪولس ايجوڪيشن حيدرآباد ۾ اسٽيٽيڪل آفيسر مقرر ٿيو. 1986ع ۾ هو رٽائر ٿيو. سن 1985ع ڌاري هن پنهنجي شهر ۾ تعليمي معيار جي سڌاري لاءِ ڪجهه دوستن مرحوم عبدالڪريم شيخ، محمد نواز -ڀٽي-، محمد پنجل مهيسر ۽ ٻين سان گڏجي ”مهراڻ ايڊيوڪيشنل سوسائيٽي جو بنياد وڌائين. جنهن جو پاڻ سيڪريٽري هو. -ان- پليٽ فارم -تان- ”مهراڻ ماڊل اسڪول“ جو قيام عمل ۾ آيو، -ان- اسڪول کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مختلف ماڻهن ۽ ادارن سان ملي سهڪار لاءِ محنت ڪئي. -ان- وقت هڪ هزار روپئي سان شروع ڪيل -ان- اسڪول، مرحوم انورالدين شيخ جي محنتن سان -ترقي- ڪئي، مهراڻ اسڪول اڄ به پني عاقل جي شهرت جو باعث آهي، -جتي- هزارين شاگرد -تعليم- پرائي چڪا آهن، -جن- مان ڪيترائي وڏا آفيسر، سياسي ۽ سماجي شخصيتون شامل آهن. هن وقت به ڪي.جي کان ڪاليج سطح جا پنج هزار کان وڌيڪ شاگرد هتي جديد سائنسي -تعليم- پرائي رهيا آهن. هتي سکر ضلعي کان علاوه شڪارپور، گھوٽڪي، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي جا شاگرد به پڙهڻ اچن ٿا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي حڪومتن ۾ ٻه ڀيرا هن تعليمي اداري جو دورو ڪيو ۽ 50 لک رپيا سهڪار طور ڏنا. هن اداري ۾ نياڻين لاءِ الڳ ڪلاس ۽ عورت ليڪچرر مقرر ڪيل آهن، 150 کان وڌيڪ قابل -استاد- هتي خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن. انورالدين شيخ -ان- سوسائٽي طرفان پني عاقل ۾ ميٽرنٽي هوم ۽ نرسنگ اسڪول به قائم ڪيو. -اتر- سنڌ ۾ اهڙي قسم جو سستو ۽ معياري تعليمي ادارو قائم ڪرڻ ۽ ماڻهن ۾ علم جو شعور بيدار ڪندڙ انورالدين شيخ ڪڏهن به اصولن سان سودي بازي ڪونه ڪئي. وقت ۽ نماز جو پابند رهيو، سادي زندگي گذاريائين، کيس پنج فرزند ۽ چار نياڻين جو اولاد ٿيو، -جن- مان پروفيسر شمس الدين شيخ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي زولاجي شعبي جو چيئرمين، جڏهن ته ظهيرالدين شيخ بئنڪاريءَ سان وابسته آهي. انورالدين شيخ 29 -آڪٽوبر- 2005ع تي رمضان جي مهيني ۾ وفات ڪري ويو، کيس پني عاقل جي ”مائي جندو قبرستان“ ۾ دفن ڪيو ويو.[1]

حوالا سنواريو