اعجاز علي چانڊيو

(اي جي چانڊيو کان چوريل)

اعجاز- علي چانڊيو31 -آڪٽوبر- 1966ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. هن ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) ۽ بي. ايڊ، تائين -تعليم- حاصل ڪئي. هو کاٻي ڌر جي سوچ رکندڙ هو ۽ روزاني ”عبرت“ -اخبار- ۾ -ايڊيٽوريل- صفحي جو انچارج هو. سٺو ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ صحافي هو. ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم، ڪهاڻيون، فيچر، رپورٽون ۽ ترجما ڇپيل اٿس. هن جا لکيل ڊراما اسٽيج ٿيا. اسٽريٽ ٿيٽر ۽ اسٽيج جي دنيا ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. هن آخري ڀيرو حيدرآباد پريس ڪلب طرفان سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ -امر جليل- سان ملهايل شام ۾ تقرير ڪئي ۽ -امر جليل- کان ڪيترائي سوال پڇيا، انهيءَ تقريب ۾ ڪچهري ڪندي هن کي دل جو دورو پيو ۽ اسپتال پهچڻ کان پهرين 27 مئي 2007ع تي گذاري ويو.[1]

حوالا سنواريو