امداد علي اعواڻ

وڪيل

11 -آڪٽوبر- 1944ع تي سکر ۾ ڄائو. پوسٽ گرئجوئيٽ ڪاليج سکر مان گرئجوئيشن ڪيائين. قانون جي -تعليم- -ايس-. ايم. لا ڪاليج، ڪراچيءَ ۽ گورنمينٽ لا ڪاليج، سکر مان حاصل ڪيائين. -تعليم- دوران 1965ع کان 1967ع تائين شاگردن جي گڏيل سرگرمين ۽ يونين جي چونڊن ۾ وڌي چڙهي حصو ورتائين. -تعليم- مڪمل ڪرڻ کان پوءِ وڪالت شروع ڪيائين. 1975ع ۾ ڊسٽرڪٽ بار ائسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري، 1976ع ۾ نائب صدر ۽ 1977ع ۾ ٻيهر جنرل سيڪريٽري چونڊيو. 1979ع ۾ سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر ۽ 1984ع ۾ ڪائونسل جو وائيس چيئرمئن چونڊيو. 1981ع کان 1984ع تائين هاءِ ڪورٽ بار ائسوسيئيشن، ضلعي سکر جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. 1988ع کان 1991ع ۾ به ساڳئي عهدي تي چونڊيو ويو. 1989ع ۽ 1990ع ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي انتظامي مجلس جو صدر ۽ 1994ع ۾ سنڌ بار ڪائونسل جو نائب صدر ٿيو. 1999ع ۾ هاءِ ڪورٽ بار ائسوسيئيشن جو صدر چونڊيو. سياسي طور تي پيپلزپارٽيءَ سان لاڳاپيل رهيو. پاڻ پيپلز لائرس فورم جو صدر پڻ رهيو. -آڪٽوبر- 1993ع ۾ سينيٽ جو ميمبر چونڊيو. تازو 2008ع ۾ عدليه جي بحاليءَ واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ڪراچيءَ ۾ هڪ قافلي ۾ سفر دوران چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي گاڏي هلائيندي دل جو دورو پيس ۽ 31 -جولاءِ- 2008ع تي وفات ڪري ويو. کيس آبائي قبرستان شڪارپور ۾ دفن ڪيو ويو.[1]

حوالا سنواريو