سنڌ هاري ڪاميٽي
سنڌ هاري ڪاميٽي (Sindh Hari Committee) کاٻي ڌر جي سنڌي قومپرست پارٽي هئي. هن تنظيم جو مقصد سنڌ جي هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ هو. هن تنظيم جو بنياد سال 1930ع ۾ جي. ايم. سيد وڌو.[1] جي.ايم. سيد، ڄيٺ مل پرسرام، جمشيد مھتا، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ پير الاھي بخش پھريان ھاري ليڊر ھئا.
سال 1937ع کان 1939ع تائين محمد امين خان کوسو سنڌ ھاري ڪاميٽي جو صدر رھيو.
ٻي ھاري ڪانفرنس پهرين ڊسمبر 1938ع تي ٽنڊو ڄام ۾ زير صدارت محمد امين خان کوسو جي ٿي. قادر بخش نظاماڻي، مولوي محمد معاذ نوابشاه وارو، مولوي عزيزالله جروار، ڪامريڊ عبدالقادر کوکر، وڏيرو ارباب نور محمد پليجو ھاري ڪاميٽيءَ جا سرگرم رھنما رھيا آھن.
سال 1947ع تي، حيدر بخش جتوئي هن تنظيم جو صدر ٿيو ۽ سندس وفات 1970ع تائين هن جو صدر رهيو.[2] سال 1957ع تي هن تنظيم کي ختم ڪري نيشنل عوامي پارٽي ۾ ضم ڪيو ويو هو.[3]
حوالا
سنواريو- ↑ Oskar Verkaaik, Migrants and Militants: Fun and Urban Violence in Pakistan, Princeton University Press, 2004, pg. 31
- ↑ Zubeida Mustafa, Champion of haris’ rights, Dawn (newspaper), 2 June 2010
- ↑ Progressive Movements in Pakistan Collection, International Institute of Social History website, accessed 27 June 2010