آخوند حافظ ولي محمد

آخوند حافظ ولي محمد ولد آخوند حافظ حاجي محمد قاسم جي ولادت 17 جمادي الثاني 1274ھ بمطابق 16 آڪٽوبر 1867ء اربع ڏينھن تي ھالن ۾ ٿي. قرآن شريف پنھنجي والد وٽ پڙھيائين. نھايت عبادت گذار، نيڪ ۽ پرھيزگار شخص ھو. مخدوم ظھيرالدين ھالائيءَ جا ڪپڙا سبندو ھو ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو استاد ھو ۽ کيس قرآن شريف جي تعليم ڏني ھئائين. آخوند صاحب ڪپڙي ۽ سون جو وڏو ڄاڻو ھو. پاڻ درزڪو ڪم به ڄاڻندو ھو. 30 محرم الحرام 1353ھ بمطابق 15 مئي 1944ء تي ھالن ۾ وفات ڪيائين.[1]

حوالا سنواريو